ڊاڪٽر قمر جهان مرزا
ڪاش اڃان ھوءَ نه وڃي ھا
نصير مرزا
جوانيءَ کان موٽندڙ
وهيءَ تائين هُوءَ ايتري ته سدا بهار، خوش گفتار ۽ شگفته مزاج، جو جڏهن جڏهن به هن
سان مليس، لڳو قرته العين حيدر جي ناول ”آگ ڪا دريا“ واري هيروئن ماهه طلعت يا
الطاف فاطمه جي ناول ”دستڪ نه دو“ واري نائڪه گيتي آرا سان پيو ملان.... پر هيءُ
تذڪرو ڪنهن جو آئون ڇيڙي ويٺو آهيان؟ وڻندڙ موهيندڙ ۽ دوستن وانگر پنهنجي عزيز
ترين ڀيڻ پروفيسر ڊاڪٽر قمر جهان مرزا جو، جنهن تازو پنجين محرم الحرام تي هن جهان
رنگ مان موڪلايو آهي. هاڻي سچي ڳالهه ته پروفيسر ۽ ڊاڪٽر جي لقبن سان ته هوءَ علمي
۽ ادبي حلقن ۾ معروف هئي، پر خاندان جي فرسٽ، سيڪنڊ، ٿرڊ هڪ جيڏين ڪزنس ۾ ۽ مون
لاءِ به، هوءَ قمر ٿورو ئي... ”ادي گيگيءَ“ جي هُجائتي نالي سان سڏبي هئي. اڄ مُڙي
ماضي ڏانهن ڏسان ٿو ته، منهنجون ڀيڻون، سئوٽيون، پُڦاٽيون ۽ ادي قمر جتي جتي ۽
جنهن جنهن محفل ۾ گڏبيون هيون، لڳندو هو باغ بُلبُلين سان ڀرجي ويو آهي. چرچا، ڀوڳ،
کل، هڪ ٻئي جون نقلون، اَهلون. الاس، انهن منجهان ڪيئي ۽ تازو هيءَ آپا قمر به
پنهنجي لحد ۾ جو لهي وئي ته گهرن جا گهر ۽ پينگهن جا پينگها، هاڻي سندن ٽمڪڻ کان جڏهن
خالي ٿو ڏسان ته، درد جا گيت ذهن تي تريو اچن.