; سنڌي شخصيتون: امداد حسين رضوي، شيخ عبدالرزاق “راز”، خالد ٻانڀڻ، امير علي بروھي، حبيب ساجد، دادا سنڌي، خواجا ذوالفقار،
Showing posts with label امداد حسين رضوي، شيخ عبدالرزاق “راز”، خالد ٻانڀڻ، امير علي بروھي، حبيب ساجد، دادا سنڌي، خواجا ذوالفقار،. Show all posts
Showing posts with label امداد حسين رضوي، شيخ عبدالرزاق “راز”، خالد ٻانڀڻ، امير علي بروھي، حبيب ساجد، دادا سنڌي، خواجا ذوالفقار،. Show all posts

31 December, 2019

رحيمداد خان مولائي شيدائي

رحيمداد خان مولائي شيدائي
ورسي تقريب جي رپورٽ
سيد امداد حسين رضوي

اڄ رحيم داد خان مولائي شيدائي جي ورسي جي سلسلي ۾ تنوير عباسي ھال سکر ڪلچر سينٽر ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ مون بہ شرڪت ڪئي.
مرحوم پاڻ سوري زئي شھواڻي بروھي قبيلي مان ھو سندس آبائي ڳوٺ مستونگ ھو سندس ولادت سکر ۾ ۱۸۹۴ع ٿي ۱۹۱۹ع ريلوي لوڪوشيڊ روھڙي ۾ ملازمت جي ابتدا ڪئي ۱۹۳۹ع ۾ ريلوي گارڊ جي عھدي تان رٽائرمينٽ ورتي پاڻ ۱۲ فبروري ۱۹۷۸ع سکر ۾ وفات ڪئي آخري ڏينھن ۾ سندس اکين جي روشني بہ گهٽجي وئي ھئي ۽ مون کي غلام مرتضيٰ شاه موسوي ٻڌايو تہ سندس زندگيءَ جي آخري ڏينھن ۾ ptv وارا مون وٽ آيا تہ شيدائي صاحب جو انٽرويو ڪنداسين. مان کين سندس گهر وٺي ويس. پر تن ڏينھن ۾ سندس يادگيري ختم ٿي چڪي ھئي. ھنن صرف سندس وڊيو ڀري. 
سندس ادب جي ميدان ۾ وڏيون خدمتون آھن. پر اسان جي معاشري ۾ کيس اھو مقام نہ ملي سگهيو، جيڪو کيس ملڻ کپي ھا. پاڻ ۴۰ جي قريب ڪتاب لکيائين جن مان ڪجھ ڇپيا، ڪجھ اڃا ڪو نه ڇپيا آھن. ڪجھ چوري ٿي ويا. ھڪ ڪتاب ته سندس ڪوئي دوست وٺي ويو ته کيس واپس به ڪو نه ڪيو. جيڪي ڪتاب ھن وقت تائين ڇپيا آھن، تن جا نالا نيٺ ڏجن ٿا.