عبدالحميد جتوئي
سياست جو روشن باب
آزاد انور ڪانڌڙو
عبدالحميد جتوئي جي شخصيت، سنڌ جي سياست ۾ ڪنهن به
تعارف جي محتاج نه آهي. هن پنهنجي حياتيءَ دوران سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي قومي حقن لاءِ
جيڪا جدوجهد ڪئي، ان کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، پوءِ ڇونه اهو قومي اسيمبليءَ جو
ايوان هجي يا سنڌ جو ٻيو ڪو پليٽ فارم، عبدالحميد جتوئي هر محاذ تي سنڌ جي حقن لاءِ
آواز اٿاريو ۽ وقت جي حاڪمن سان ٽڪر به کاڌو.
اڄ جڏهن هو اسان وٽ جسماني طور موجود نه آهي ته اسين محسوس ڪريون ٿا ته
سائين جي ايم سيد کانپوءِ سنڌ پنهنجي وفادار، مخلص، بيباڪ، بهادر ۽ سچي دل سان پيار
ڪندڙ شخصيت کان محروم ٿي وئي آهي. هو سنڌ جي سياست جو روشن باب هئو. عبدالحميد جتوئي
سنڌ جو اهو آواز هو، جنهن سنڌ جي قومي، معاشي ۽ سياسي حقن لاءِ پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن
به هڪ وک به پوئتي نه ڪئي. عبدالحميد جتوئي ۱۰جنوري ۲۰۰۴ع تي اسان کان وڇڙي ويو آهي،
پر هو پنهنجي تاريخي ڪردار، عمل، جدوجهد جي ڪري ڪڏهن به مرڻو نه آهي، عبدالحميد جتوئي
ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ ٻيٽو جتوئي ۾ ۲۲
ڊسمبر ۱۹۲۲ع تي خانبهادر قادر بخش جتوئيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو،
هن ابتدائي تعليم ڳوٺ ٺوڙها جي پرائمري اسڪول ۾ ورتي ۽ مئٽرڪ ميهڙ هاءِ اسڪول مان پاس
ڪئي، جوانيءَ ۾ زمينداري سان گڏ سياست ۾ دلچسپي ورتائين، سياست ۾ سندس استاد برصغير
جو مشهور عالم، سياستدان سيد علي اڪبر شاهه هئو، پاڻ سياست جي شروعات مسلم ليگ جي پليٽ
فارم تان ۱۹۴۲ع ۾ ڪيائين، پهريون ڀيرو ۱۹۵۳ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو، ان دوران سنڌ جي تاريخ ۾ سندس
سڀ کان وڏو ڪارنامو اهو آهي ته، ان وقت سنڌ مٿان ون يونٽ مڙهي سنڌين، بلوچن، پٺاڻن
۽ بنگالين جا حق غضب ڪيا ويا ته پاڻ نه رڳو ان جي سخت مخالفت ڪيائين، پر عملي طور تي
اسيمبليءَ ۾ ان بل جي مخالفت ڪندي ان تي صحيح نه ڪئي. ان تاريخي ڪارنامي سبب نه رڳو
ان وقت سنڌ جي قومي سوچ رکندڙ ماڻهن پر ملڪي سطح تي به شهرت حاصل ڪيائين. کيس ۱۹۵۴ع ۾ ون يونٽ جي مخالفت سبب مسلم ليگ مان خارج ڪيو ويو.
پاڻ ۱۹۵۶ع ۾ ويسٽ پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. ۱۹۵۷ع ۾ نعپ جو فائونڊر ميمبر رهيو ۽ نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي،
سنڌ صوبي جو چيئرمن پڻ رهيو. ۱۹۶۵ع
۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو، ان دوران ذوالفقار ڀٽي ۽ ايوب خان ۾ جڏهن مختلف
مسئلن تان اختلاف ٿيا ته هن ڀٽي جو ساٿ ڏنو، ان دوران جڏهن ذوالفقار ڀٽي پيپلز پارٽي
ٺاهي ته ان جي دعوت تي پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ ۱۹۷۰ع ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو.
ذوالفقار ڀٽي جڏهن ۱۹۷۳ع جو آئين ٺاهيو ته عبدالحميد جتوئي پهريون پارليامينٽرين هئو، جنهن ان
آئين ۾ صوبن جي خودمختياري ۽ قومن کي حق نه هجڻ تي ان آئين کي مظلوم قومن جو دشمن قرار
ڏيئي، ان آئيني دستاويزن تي صحيح نه ڪئي ۽ عملي طور تي ان جي مخالفت به ڪئي. ۱۹۷۳ع جي آئين جي مخالفت سبب، کيس شهيد ذُوالفقار علي ڀٽي
پاران سندس ٻن پٽن لياقت جتوئي ۽ اعجاز جتوئي سوڌو جيل ۾ وڌو ويو، پر پوءِ به هن پنهنجو
اصولي موقف برقرار رکيو ۽ ائين کيس پ پ مان به خارج ڪيو ويو. پاڻ غوث بخش بزنجو جي
قيادت ۾ پاڪستان نيشنل پارٽيءَ (پي اين پي) ۾ پڻ رهيو ۽ ۱۹۷۹ع ۾ سنڌ صوبي جو صدر چونڊيو ويو. ان دوران ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي وئي
۽ کيس گرفتار ڪري ۶ مهينن
تائين قيد ڪيو ويو. ۱۹۸۳ع ۾ ايم آر ڊي دوران سنڌ
۾ ڪي اين شاهه ۽ ٻين شهرن ۾ ڪيترائي ماڻهو، وردي وارن جي هٿان شهيد ٿيا ته پاڻ پنهنجي
پٽ لياقت جتوئي کان مجلس شوريٰ جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏياري احتجاج رڪارڊ ڪرايو.
۱۹۸۵ع ۾ غير جماعتي چونڊن ۾ حصو وٺندي قومي اسيمبليءَ جو
ميمبر چونڊيو ويو. ضياءَ جي مارشل لا دوران کيس اي ڪي بروهي ۽ محمود اي هارون معرفت سنڌ صوبي جي گورنر ٿيڻ جي آڇ ڪئي وئي
پر هن اها آڇ به ٿڏي ڇڏي، ان دوران ٺوڙهي ڦاٽڪ سانحي تي اسيمبليءَ ۾ ڀرپور احتجاج ڪيائين
۽ غير سنڌي ايم اين ايز جي ٻانهن تي ڪاري پٽيون ٻڌي کين پڻ احتجاج ۾ شامل ڪيو ۽ بعد
۾ قومي اسيمبليءَ مان واڪ آئوٽ ڪيو، بعد ۾ ٺوڙهي ڦاٽڪ ڪيس سول عدالت منتقل ڪيو ويو،
سندس اهو ڪارنامو پڻ سنڌ ۾ هميشه ياد رکيو ويندو. پاڻ ۱۹۸۸ع ۾ سنڌ قومي اتحاد جو ميمبر ۽ سرگرم اڳواڻ رهيو. سنڌ جي قومي حقن لاءِ
سندس جدوجهد ۽ تاريخي ڪردار سبب ئي سائين جي ايم سيد کيس سنڌ قومي اتحاد جو مرڪزي چيئرمن
چونڊرايو، سنڌ قومي اتحاد جي پليٽ فارم تان سنڌ جي قومي مسئلن تي سندس ادا ڪيل ڪردار
پڻ هميشه ياد رکيو ويندو.
عبدالحميد جتوئي اسيمبلي جو ميمبر هئڻ دوران سنڌ جي
قومي مسئلن تي جيڪا نمائندگي ڪئي ۽ آواز اٿاريو، اهو قابلِ تعريف آهي، ان کي ڪڏهن به
وساري نه ٿو سگهجي. اڪثر ميمبر جڏهن مصلحتن خاطر خاموش هوندا آهن پر ان دور ۾ اسيمبليءَ
۾ عبدالحميد جتوئي سنڌ جو ڪيس بهادري ۽ دليري سان پيش ڪيو، ڪالا باغ ڊئم جو مسئلو هجي،
سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري هجي يا فوجي ڇانوڻين جو مسئلو، امن امان جو مسئلو هجي يا صوبائي
خودمختياري، سيد جي نظربنديءَ جو مسئلو هجي يا ڪوئي ٻيو مسئلو هر مسئلي تي هن ڀرپور
آواز اٿاريو، زندگيءَ جو وڏو عرصو حڪمرانن جي مخالفت ۾ گذارڻ ڪري سندس تڪ کي ترقياتي
ڪمن، نوڪرين ۽ ٻين سهولتن جي حوالي سان نظر انداز ڪيو پر هن ان جي به پرواهه نه ڪئي.
ايوب خان کان ڀٽي، ضياءُ الحق کان نواز شريف ۽ ٻين وقت جي حاڪمن سان عبدالحميد جتوئي
سنڌ جي حقن خاطر ٽڪر کاڌو.
عبدالحميد جتوئي هڪ انصاف پسند، ايماندار شخص هو. ميهڙ،
دادو ضلعي ته ڇا سڄي سنڌ ۾ فيصلن جي حوالي سان به کيس وڏي شهرت حاصل هئي. سندس حامي
توڙي سياسي مخالف به سندس ڪيل فيصلن جي ساراهه ڪندا رهندا آهن، جڏهن ته عدالتون به
هن ڏانهن فيصلا موڪلينديون هيون، اڄ ڏينهن تائين سندس فيصلي کي ڪنهن به چئلينج نه ڪيو.
حق، صداقت وارن فيصلن ڪرڻ ڪري سندس نالو احترام سان ورتو وڃي ٿو. ذاتي ڪردار جي حوالي
سان به هو صاف، شفاف ماڻهو رهيو. علائقي ۾ ڏوهارين جو سخت دشمن تصور ڪيو ويندو هئو.
اڄ جي دور ۾ جڏهن هڪڙن ماڻهن سنڌ جي نالي کي ڪمائڻ جو طريقو سمجهي ان جي نالي کي ڪيش
ڪرائي وڏا فائدا حاصل ڪيا، پر عبدالحميد جتوئي سنڌ جي حوالي سان پنهنجي اصولي موقف
تي آخر تائين ثابت قدم رهيو ۽ سدائين اسيمبلين ۾ مخالف ڌر ۾ رهڻ ۽ قومي حقن لاءِ ويڙهه
ڪندو رهيو، ڀٽي ۽ نواز شريف جي حڪومتن دوران به ساڻن قومي مسئلن جي حوالي سان اختلاف
رکيائين. هن سنڌ جي مسئلي تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪيو. اڪثر حالتن ۾ ڪنهن ماڻهو جي زندگيءَ
۾ نه پر ان جي موت کانپوءِ ئي تعين ڪبو آهي ته اهو ڪيڏو اهم ۽ وڏو ماڻهو هئو، سچ پچ
عبدالحميد جتوئي سنڌ جو موجوده دور ۾ سنڌ سان بيحد پيار ڪندڙ، سچو، بااصول پنهنجي دور
جو وڏو قومپرست اڳواڻ هئو. سائين جي ايم سيد، مير غوث بخش بزنجو، خان عبدالغفار خان
جي ويجهي ساٿي عبدالحميد جتوئي جي زندگي، ڪردار ۽ جدوجهد تي سنڌ ۽ سنڌين کي هميشه فخر
رهندو، ڇو ته هن هميشه وڏي واڪي سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪئي ۽ عملي طور به ان تي ثابت
قدم رهيو.
No comments:
راءِ ڏيندا