ممتاز مرزا
سنڌي ثقافت جو روشن ستارو
طارق عزيز شيخ
سنڌ جو ناميارو اديب، ڊرامه رائيٽر، نثر نويس ۽ ريڊيو، ٽي وي ۽ اسٽيج
جو مشهور ڪمپيئر ممتاز مرزا حيدرآباد ۾ ۲۹
نومبر ۱۹۳۹ع تي جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم حيدرآباد مان ئي حاصل
ڪئي. ممتاز مرزا جو والد مرزا گل حسن بيگ ”احسن ڪربلائي“ انگريزن جي دور جو ناميارو
شاعر هو، سندس واسطو مرزا قليچ بيگ، مير عبدالحسين سانگي، محمد بخش واصف سميت ان دور
جي مايه ناز عالمن اديبن سان هو، انهي ڪري ممتاز مرزا تي به علمي ادبي ماحول جو اثر
ننڍپڻ کان ئي پيو. مرزا گل حسن بيگ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو پهريون اسڪرپٽ رائيٽر
هو، تنهن ڪري ممتاز مرزا به والد سان گڏ ريڊيو تي وڃڻ شروع ڪيو، تڏهن هن جي ڄمار اڃا
۱۶ ورهيه
هئي، اهو ئي زمانو هو جو سندس ڪمپيئر ٿيڻ وارو شوق جاڳيو. والد صاحب جي صحبت، علمي
ادبي محفلون ۽ سرگرميون هن جي مٿان اثر انداز ٿينديون ويون.
ممتاز مرزا ريڊيو پاڪستان تي پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ۱۹۵۴ع کان ڪئي جيڪو ريڊيو جو ابتدائي دور هو. هو ريڊيو
جي باني ڪارڪنن مان هو. مصطفيٰ قريشي، عبداللطيف ساقي، زرينا بلوچ ۽ مشتاق مغل به انهيءَ
زماني کان پنهنجي فني ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي. انهيءَ زماني ۾ هن کي پنهنجي ڪم جو
معاوضو ڏهه رپيا مليو هو. ان سان گڏوگڏ هن تعليم به جاري رکي ۽ سنڌي عالم فاضل جي ڊگري
حاصل ڪيائين.
ريڊيو تي رهڻ سبب هن ڊراما ۽ افسانا لکڻ شروع ڪيا، هيءُ جديد افساني جو
ابتدائي دور هو. ڪيترائي ريڊيو ڊراما لکيائين، ڊرامن جي شهرت جي ڪري سندس ڊرامن جو
مجموعو ”آخري رات“ پڻ شايع ٿيو. هيءُ ڊرامو اهو آهي جنهن کي ڪولمبيا براڊ ڪاسٽنگ جو
ايوارڊ، عالمي ڊرامن جي مقابلي ۾ ٻيو نمبر اچڻ تي مليو. هيءُ مجموعو بعد ۾ اي سنڌي
جي سليبس ۽ يونيورسٽيءَ جي شاگردن لاءِ مقرر ڪيو ويو. ممتاز مرزا چاليهه ڊراما تحرير
ڪيا، افسانا جديد صنف آئي هئي، تنهن ڪري هن به بهترين افسانا لکيا. حميد سنڌي، علي
بابا، امر جليل، آغا سليم، سراج ۽ نسيم کرل سان گڏ ممتاز مرزا به انهيءَ صف ۾ ڳڻيو
ويو.هن پنجيتاليهه افسانا لکيا جن ۾ گهڻو ڪري تاريخي ۽ رومانوي هئا.
سنڌي ٻوليءَ وارو مسئلو پيدا ٿيو، تڏهن ٻولي واري تحريڪ ۾ به ممتاز مرزا
اڳڀرو هو. هن ٻوليءَ واري جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتو. مقبول ڀٽي ۽ شمشير الحيدري سان
سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان ٻولي واري تحريڪ ۾ سرگرم رهيو جيستائين حڪومت گوڏا
نه ٽيڪيا.
ممتاز مرزا لوڪ ادب اسڪيم ۾ به جفاڪشيءَ سان ڪم ڪيو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
جڏهن سنڌ يونيورسٽي جي اولڊ ڪئمپس (جيڪا ماڊل اسڪول، گاڏي کاتي ۾ آهي) ۾ سنڌي ڊڪشنري
آفيس قائم ڪئي تڏهن لوڪ ادب، ٻولي ۽ تاريخ
تي تحقيقي ڪم شروع ڪيائين. انهيءَ ڊگهي پروجيڪٽ ۾ ممتاز مرزا کي سندس ويجهي دوست محمد
اسماعيل شيخ اهم ذميواريون ڏنيون. سنڌي ادبي بورڊ پاران ان ڏس ۾ چاليهه واليم شايع
ڪيا ويا، هي سلسلو ڪيترن ورهين تائين هلندو رهيو.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي تن ڏينهن ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي انچارج واري
ذميواري مليل هئي، جنهن سلسلي ۾ هو سنڌ جي مختلف تاريخي ماڳن مڪانن تي ويندو رهندو
هو ۽ صوفي بزرگن جي ميلن جون محفلون منعقد ڪرائيندو هو. ممتاز مرزا انهن پروگرامن جي
ميزباني ڪندو هو. ثقافتي محفلن سان سندس واسطو انهن ئي ڏينهن کان جڙيو، ڀٽ شاهه تي
لطيف جي ميلي جي ادبي ڪانفرنسن کان وٺي محفل سماع تائين ممتاز مرزا پروگرامن جي ڪارروائي
هلائيندو هو. هن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ڏٺي ۽ انهن جي ڄاڻ حاصل ڪندو رهيو.
۱۹۷۴ع ۾ ممتازمرزا ٽيليويزن سينٽر تي اسڪرپٽ ايڊيٽر مقرر ٿيو، هن اتي به محنت
ڪئي ۽ ٽي وي جي سنڌي ڊرامن کي عروج تي آندائين. سنڌي ڊرامن جي ۲۵ منٽ وقت کي وڌائڻ واري ڪوشش
۾ اڳڀرو رهيو ۽ هڪ ڪلاڪ تائين سنڌي پروگرامن جو وقت مقرر ڪرايائين. سنڌي ڊرامن جي تاريخ
۾ ٽي وي تي جيڪي به مقبول ۽ ڪامياب ڊراما ٺهيا اهي ممتاز مرزا جي ڪري، هن مختلف ڊرامه
رائيٽرن کي درستگيون ڪري چڪون ڪڍي ڏيکاريون ۽ ڊرامن جي ڪمزور پهلوئن کي ختم ڪري بهتر
بڻايو. ڪيترن ئي نون ڪهاڻيڪارن کان ٽي وي ڊرامو لکرائي کين اڳتي آندائين. عبدالڪريم
بلوچ جيڪو جنرل مئنيجر پي ٽي وي هو، ممتاز مرزا سان سنڌي پروگرامن بابت پاليسي بنائي
انهن جو معيار بلند ڪيائين ۽ مختلف موضوعن تي پروگرام تيار ڪرايائين. عبدالڪريم بلوچ
جو ممتاز مرزا سان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان وٺي ساٿ هو. ممتاز مرزا ڊرامن کان علاوه
سنڌي موسيقيءَ جا ڪيترائي پروگرام پڻ تيار ڪرايا. سڄي سنڌ جا گلوڪار ٽي وي تي متعارف
ڪرايائين. پاڻ موسيقيءَ ۽ راڳ جو ماهر هو، ڄاڻو هو. هن ادبي پروگرام پڻ پي ٽي وي تي
منظور ڪرايا، جيڪو سلسلو ڊگهي وقت تائين جاري رهيو. پاڻ ”پارکو“ جهڙو ذهني آزمائش جو
پروگرام به ڪيائين. پي ٽي وي تي اڻ ڳڻيا پروگرام ادبي توڙي موسيقيءَ جا ميزبان طور
ڪيائين.
پي ٽي وي کان پوءِ ثقافت کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل رهيو. اتي به کاتي جي
بي انتها خدمت ڪيائين. ثقافت کاتي جي طرفان منعقد محفلن جو انچارج ته هو پر هاڻي مٿس
سرڪاري طور فرض به بڻجي ويو هو، هن ثقافت کاتي ۾ اچڻ بعد ”گنج“ جهڙو عظيم ڪم ڪيو ”گنج“
کي اصل شڪل سان گڏ جديد صورتخطيءَ ۾ تيار ڪيائين، جيڪو تمام ڏکيو، ضخيم ۽ باريڪ ڪم
هو. ثقافت کاتي جي تاريخ ۾ اهڙو ناياب ڪم اڳي ڪڏهن به نه ٿيو. ممتاز مرزا جي زماني
۾ ثقافت کاتي جا ڪتاب وڏي انگ ۾ معياري آيا. ثقافت کاتي پاران پرڏيهه ۾ سنڌي موسيقيءَ
جون محفلون ڪرڻ پڻ ويو. حميد آخوند جو ساٿ هن سان ائين جڙيل رهيو جيئن جسم جو روح سان.
اهو ئي سبب آهي جو ممتاز مرزا جي ياد ۾ حميد آخوند، ثقافت کاتي پاران ڪراچي ۾ ”ممتاز
مرزا اسٽوڊيو“ ۽ حيدرآباد ۾ ”ممتاز مرزا آڊيٽوريم“ منصوب ڪيا. ٻنهي جو هڪ ٻئي سان ساٿ
ڊگهي عرصي تائين رهيو. ممتاز مرزا جي زندگي حميد آخوند جي ذڪر کان سواءِ بي معنيٰ آهي.
ممتاز مرزا هونئن ته ڪيئي ڊراما، افسانا، مضمون ۽ مقالا لکيا پر ڪتاب
ٽي لکيائين. پهريون ”وساريان نه وسرن“ جيڪو انهن فنڪارن ۽ موسيقارن بابت لکيو هئائين
جيڪي سنڌ جا امر آواز سنڌي ساز سرود جو بنياد بڻيا. ٻيو ڪتاب ”سپيريان سندي ڳالهڙي“
جيڪو نامياري راڳي محمد يوسف تي پنهنجين ساروڻين سان لکيو اٿس. هي ڪتاب ۱۹۹۲ع ۾ شايع ٿيو. ٽيون ڪتاب ”سدا سوئيتا ڪاپڙي“ سندس لاڏاڻي
کان پوءِ ۱۹۹۸ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران شايع ٿيو جيڪو سنڌ جي مشهور
ڳائڻي علڻ فقير بابت لکيل آهي پر ان سان گڏوگڏ پنهنجي زندگيءَ جا ڪيترائي اهم واقعا
۽ تجربا به ڏيکاريا اٿس جڏهن ته ناميارن عالمن ۽ اديبن بابت پڻ هن ڪتاب ۾ احوال آيل
آهي. متاز مرزا جي زندگيءَ بابت مختلف ليکڪن جي تحريرن، سندس علمي پورهئي جي احوال
۽ سوانحي خاڪن تي ٻڌل ڪتاب ”سهڻو پاڻ سڏائي ويا“ سنڌ جي نامياري شاعر، ڪمپيئر ۽ براڊ
ڪاسٽر نصير مرزا مرتب ڪيو آهي، جيڪو ڪجهه عرصو اڳي روشني پبليڪيشن پاران پڌرو ٿيو آهي.
نصير مرزا هن ڪتاب جي جوڙ جڪ ۾ ڏاڍي محنت ڪئي آهي، جيڪا ساراهه جوڳي آهي.
ممتاز مرزا ڊگهي عرصي کان پوءِ ۱۹۹۶ع جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ پنهنجي اباڻي گهر مستقل طور اچي ويو هو پر ڏهاڪو
کن ڏينهن گذارڻ بعد ۶ جنوري ۱۹۹۷ع تي دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪري ويو. سندس آخري آرام گاهه حيدرآباد
جي قديم پاڙي ٽنڊي آغا واري تاريخي قبرستان ۾ آهي.
ممتاز مرزا
سنڌي ادب ۽ ثقافت جو نمائندو
طارق عزيز شيخ
حيدرآباد شهر ۾ جتي محبت جا ميڙا متل هوندا هئا اتي اڄ ڪجهه به ناهي.
شهر جي حالت اڳي کان وڌيڪ بڇڙي ٿي چڪي آهي، سوڙهو شهر ويتر سوڙهو ٿي چڪو آهي. سنڌ جي
مرڪزي حيثيت رکندڙ حيدرآباد شهر کي جيڪو مقام ملڻ گهربو هو، ان کي نه ملي سگهيو، جيڪو
افسوس جوڳو عمل آهي. جيتوڻيڪ شهر جي ترقيءَ جي نالي تي هر حڪومت ۾ فنڊ رکيا ۽ خرچ ڪيا
ويا آهن، جنهن جو رڪارڊ ڪاغذن ۾ ئي موجود آهي.
سڀاڻي حيدرآباد کي محبت سان ساريندڙ اديب ۽ ثقافت جي شخصيت ممتاز مرزا
جي تيرهين ورسي آهي، هن حيدرآباد جو ذڪر جڏهن به لکيو تڏهن ”حيدرآباد سنڌ-منهنجي جند“
ڪري لکيو، سندس ڪتابن ۾ حيدرآباد جي ثقافتي ماحول کي اجاگر ڪيو ويو آهي جيڪو ثبوت آهي،
حيدرآباد سان سندس حُب جو. سنڌ ۾ شايد ئي ڪو اهڙو شهر هجي جتي اُڪير جا اهڙا ميلا متل
هجن، جيڪي حيدرآباد ۾ لڳل رهندا هئا. اڄ نفسا نفسيءَ جي دور ۾ اهي محبتون شهر مان ڪوچ
ڪري ويون آهن، جو ڪير به هڪ ٻئي کي مطلب کان سواءِ ياد نٿو ڪري. حيدرآباد جا سنڌي پاڙا
پنهنجون اهي قديم روايتون هاڻي وڃائي ويٺا آهن، جيڪي ممتاز مرزا جي تحريرن ۾ سمايل
آهن. شايد وڏڙن جون روايتون جاري نه رهيون ۽ نئين نسل وٽ نيون مصروفيتون وڌي ويون.
حيدرآباد جي ٽنڊي آغا ۾ ۱۹۳۸ع ۾ جنم وٺندڙ ممتاز مرزا جي پرورش ادبي ماحول
۾ ٿي، سندس والد سنڌ جو ناليوارو شاعر ۽ اديب مرزا گل حسن احسن ڪربلائي پنهنجي دور
۾ سنڌ جي مشهور شخصيتن ۾ شمار ٿيندو هو. ريڊيو پاڪستان تي پروگرامن ۾ وڃڻ جي شروعات
ممتاز مرزا تڏهن کان ڪئي جڏهن سندس والد صاحب کي ريڊيو جا پروگرام مليا، جيڪي آن ايئر
هو ڪندو هو، نه صرف اهو پر احسن ڪربلائي ريڊيو جا اسڪرپٽ به تحرير ڪندو هو. پنهنجي
والد جو اثر وٺندي ممتاز مرزا به ريڊيو پاڪستان تي وڃڻ شروع ڪيو ۽ بعد ۾ لکڻ ۾ مصروف
ٿي ويو.
ممتاز مرزا جنهن دور ۾ لکڻ شروع ڪيو، اهو سنڌي جديد افساني جو ابتدائي
زمانو هو. تڏهن ڊرامن جو پڻ رجحان پروان چڙهي رهيو هو ۽ ريڊيو پاڪستان جا سنڌي ڊراما
ماڻهو وڏي چاهه سان ٻڌندا هئا. ممتاز مرزا ريڊيائي ڊرامن لکڻ ۽ افسانا تحرير ڪرڻ وارن
تخليقڪارن ۾ اڳتي وڌڻ لڳو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي قائم ڪيل ماڊل اسڪول اولڊ ڪئمپس گاڏي
کاتي ۾ سنڌي ڊڪشنري آفيس ۾ هن پنهنجي قريب ترين دوست شيخ محمد اسماعيل سان گڏ سنڌي
ادب جو ڊگهو پروجيڪٽ پورو ڪيو جيڪو چاليهن واليمن تي سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيل
آهي. هي ڊڪشنري ۽ لوڪ ادب جون ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي مليل اسڪيمون هيون جيڪي شيخ محمد
اسماعيل، ممتاز مرزا، محمد يعقوب ميمڻ، محمد حسين ڪاشف جهڙا جفاڪش عالم سرانجام ڏيندا
هئا.
ممتاز مرزا ۱۹۷۴ع ڌاري ڪراچي ٽي وي تي اسڪرپٽ ايڊيٽر سنڌي سيڪشن مقرر
ٿيو. هن دور ۾ سنڌي ڊرامن کي عروج مليو. سنڌي ڊرامن جي تاريخ ۾ پي ٽي وي جا جيڪي به
ڪامياب ڊراما هئا. انهن جي ڪاميابي جي پٺيان ممتاز مرزا جو هٿ آهي. اهو ائين جو ڪيترائي
ڪهاڻيڪار جن اڃا ڊرامو ڪو نه لکيو هو تن کي ڊراما رائيٽر ممتاز مرزا بڻايو. هتي نالا
ڄاڻائڻ مناسب ناهي پر اهڙن ڪهاڻيڪارن جن ڊرامن ڏانهن توجهه نه ڏنو هو، تن کي محنت ڪري
ڪهاڻين مان ڊرامو بڻايائين ۽ اهي ڪامياب ڊراما ٿيا. اهڙا ليکڪ جيڪي اڄ ڊراما رائيٽر
طور سڃاتا وڃن ٿا سي ممتاز مرزا جي محبت ۾ نالو ڪڍي ويا. ڪيترا ڀيرا ائين به ٿيو ته
جنرل مئنيجر عبدالڪريم بلوچ ۽ اسڪرپٽ ايڊيٽر ممتاز مرزا جي ٺاهيل پاليسين موجب سنڌي
ڊراما موضوعن موجب تحرير ڪري هلايا ويا هئا. ڊرامن کان علاوه سنڌي موسيقيءَ جا ڪيترائي
پروگرام تيار ڪيا ويا. سڄي سنڌ جا سٺا موسيقار ۽ گلوڪار ممتاز مرزا آڊيشن وٺي پيش ڪندو
هو. ان ڪري ڪيترائي نوان موسيقار ۽ گلوڪار متعارف ڪرايا ويا. اهڙي ريت ادبي پروگرامن
جا مختلف سلسلا شروع ٿيا. عورتن جا سنڌي پروگرام، ٻارڙن جا پروگرام ۽ مختلف نوعيت جا
ٽي وي پروگرام جاري ٿيا. هڪ اهم ڪارنامو جيڪو عبدالڪريم بلوچ ۽ ممتاز مرزا کي ڪريڊٽ
وڃي ٿو سو ٽي وي تي سنڌي پروگرام جو وقت ۲۵ منٽن مان ڪلاڪ ڪرڻ وارو آهي. ان زماني
۾ هڪڙو ئي چينل سرڪاري ٽي وي جو هوندو هو، جنهن تي سنڌي پروگرام جو وقت نهايت مختصر
هو. اڄ سيٽلائيٽ جو دور آهي، ڪيترائي سنڌي ٽي وي چينل آهن، انهيءَ ڪري شايد هن ڳالهه
جي اها اهميت نه هجي. پي ٽي وي کان پوءِ ثقافت کاتي ۾ ممتاز مرزا ڊائريڪٽر جنرل جي
عهدي تي فائز ٿيو. اتي هن کاتي جي مطابق خدمتون سرانجام ڏنيون. شاهه لطيف جي ميلي کان
وٺي پرڏيهه ۾ ثقافتي شو ڪرائڻ تائين سنڌي موسيقيءَ کي هن هٿي وٺرائي، ڪيترائي ڪتاب
ثقافت کاتي شايع ڪيا، جيڪي ممتاز مرزا جي نگراني ۾ تيار ڪيا ويا هئا. ذاتي حيثيت ۾
سندس مداحن جو وڏو انگ هو. ريڊيو جي زماني کان وٺي ثقافت کاتي جي پروگرامن جي ميزبانيءَ
تائين، هن جا هر شعبي ۾ الڳ مداح هئا. ۱۹۷۴ع کان جيئن هو ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير ٿيو
ته وري حيدرآباد ۾ ۱۹۹۶ع جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ آيو، جنهن پاڙي جي گهٽين ۾ ننڍي کان وڏو
ٿيو هو، تنهن جي سار آخر ڇڪي آيس، ڏهاڪو ڏينهن اڃا مس گذاريا هوندائين ته دل جي دوري
۶ جنوري ۱۹۹۷ع جي اڌ رات جو کيس اهڙي شدت سان سٽ ڏني جو دم ڌڻيءَ حوالي ٿي ويس. حيدرآباد
جي هوائن ۾ اڄ ممتاز مرزا ناهي پر سندس يادون گهُلن ٿيون. هن جي تحريرن ۾ جييڪ محبتون
شامل آهن سي ڪڏهن به وساري نٿيون سگهجن. اهو ئي سبب آهي جو سڀاڻي سندس وفات واري ڏينهن
جي يادگيري آئي آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا