; سنڌي شخصيتون: ممتاز، مرزا، طارق، عزيز، شيخ،
Showing posts with label ممتاز، مرزا، طارق، عزيز، شيخ،. Show all posts
Showing posts with label ممتاز، مرزا، طارق، عزيز، شيخ،. Show all posts

27 January, 2013

ممتاز مرزا - طارق عزيز شيخ


ممتاز مرزا
سنڌي ثقافت جو روشن ستارو
طارق عزيز شيخ
سنڌ جو ناميارو اديب، ڊرامه رائيٽر، نثر نويس ۽ ريڊيو، ٽي وي ۽ اسٽيج جو مشهور ڪمپيئر ممتاز مرزا حيدرآباد ۾ ۲۹ نومبر ۱۹۳۹ع تي جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم حيدرآباد مان ئي حاصل ڪئي. ممتاز مرزا جو والد مرزا گل حسن بيگ ”احسن ڪربلائي“ انگريزن جي دور جو ناميارو شاعر هو، سندس واسطو مرزا قليچ بيگ، مير عبدالحسين سانگي، محمد بخش واصف سميت ان دور جي مايه ناز عالمن اديبن سان هو، انهي ڪري ممتاز مرزا تي به علمي ادبي ماحول جو اثر ننڍپڻ کان ئي پيو. مرزا گل حسن بيگ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو پهريون اسڪرپٽ رائيٽر هو، تنهن ڪري ممتاز مرزا به والد سان گڏ ريڊيو تي وڃڻ شروع ڪيو، تڏهن هن جي ڄمار اڃا ۱۶ ورهيه هئي، اهو ئي زمانو هو جو سندس ڪمپيئر ٿيڻ وارو شوق جاڳيو. والد صاحب جي صحبت، علمي ادبي محفلون ۽ سرگرميون هن جي مٿان اثر انداز ٿينديون ويون.