استاد محمد جمن
سنڌي موسيقي کي منفرد
آواز ۽ ڌنون ڏيندڙ
غلام محمد ٻگهيو
سنڌ اهو خطو آهي جنهن پنهنجي تهذيب تمدن ثقافت، علم ادب فن ۽ سنگيت جي
ڪري دنيا ۾ مقبوليت ماڻي آهي سنڌ ڌرتي ڪيترائي عالم، اديب، شاعر، تاريخدان ۽ فنڪار
پيدا ڪيا آهن جن پنهنجي ڏات ۽ ڏانءُ وسيلي سڄي دنيا ۾ سنڌ جو نالو روشن ڪيو آهي. اهڙن
ئي مهان فنڪارن مان محمد جمن به هڪ آهي. جنهن پنهنجي سٻاجهڙي انداز سان سنڌي موسيقي
وسيلي پنهنجو نالو روشن ڪيو.
استاد محمد جمن جي والد جو نالو احمد هيو ۽ ذات جو سخيراڻي. سخيراڻي قوم،
سنڌ ۽ بلوچستان ۾ موسيقي، ساز ۽ آواز جي ڪري مشهور آهي. وڏي ڳالهه اها آهي ته سندس
وڏا بانسري ۽ دنبوري وڄائڻ جا وڏا ماهر رهيا آهن. استاد محمد جمن کي به ورثي ۾ ساڳيو
ئي ساز مليو يعني بانسري. اصل ته ڪنڊ شهر بلوچستان جو رهاڪو هو. سندس وڏا شاهه بلاول
نوراني جا مريد هئا. استاد ڪنڊ شهر کي الوداع چئي، ڪراچيءَ ڏانهن رخ ڪيو ۽ لالو کيت
واري علائقي ۾ عثمان ڳوٺ آباد ڪيائين جنهن کي لياقت آباد چيو وڃي ٿو.
محمد جمن به ساڳيو پيشو يعني بانسري کڻي شهر جي مختلف علائقن ۾ وڄائيندو
هو. هي اهو وقت هو جو ڪنهن کي ڊپ خوف نه هوندو هو. ماڻهو راتين جو به سفر ڪندا هئا.
سيرانديءَ ساز ڪيو، سمهن ساري رات،
جاجڪاڻي ذات، ايءُ هو
نه اڳهين.
استاد محمد جمن جي ايئن شهرت وڌندي وئي. سر ۽ ساز سان پيار ڪندڙ کيس گهڻو
ئي مان ڏيندا هئا. ايئن ان سفر کي جاري رکيائين. بانسري ساز، اڄ به ڪيترا ئي فنڪار
وڄائين ٿا جنهن ۾ غوث بخش بروهي عمر جي آخر ڏهاڙن ۾ آهي پر سگهه ۽ ڏات اڄ به اها ئي
اٿس. محمد جمن ڪراچي ۾ رهڻ دوران پاڻ ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي بانسري نواز جي حيثيت
سان پير پاتائين ڇو ته ان وقت فنڪارن جي شهرت جو ذريعو واحد ريڊيو پاڪستان ڪراچي هو.
پوءِ ايئن ريڊيو پاڪستان جي سازيندن ۽ موسيقي ترتيب ڏيڻ وارن فنڪارن ۾ شامل ٿيو. سندس
ملاقات ماسٽر محمد ابراهيم سان ٿي، جيڪو سنڌي موسيقار سان گڏ وڏو راڳي هيو. محمد جمن،
سندس ڳايل ڪلامن ۾ بانسري وڄائي آهي. جڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو ۱۹۵۵ع ڌاري آغاز ٿيو، ماسٽر محمد ابراهيم ۽ استاد محمد
جمن کي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد موڪليو. هڪ ته هي ٻئي فنڪار تمام ڄاڻو هئا ٻيو ته ريڊيو
پاڪستان ڪراچيءَ تان سنڌي پروگرام بند ڪيا ويا.
استاد محمد جمن، شاهه سائين جي رسالي کي تمام گهڻو پڙهيو، ايتري قدر جو
جنون واري حد تائين. هونئن ته استاد گهڻي ۾ گهڻا ڪلام ۽ ڪافيون، لطيف سرڪار جون ڳايون.
ٻين شاعرن کي ڳايو آهيس جنهن ۾ سچل سرمست، مرزا قليچ بيگ، عثمان فقير، زمان شاهه ساقي،
مير علي نواز ناز، رکيل شاهه، چيزل شاهه وغيره.
پاڪستان ٽيليويزن جو آغاز ٿيو ۽ سنڌي پروگرام شروع ڪيا ويا. مرحوم عبدالڪريم
بلوچ صاحب پهريون سنڌي پروڊيوسر هيو، جنهن ٻين فنڪارن کان علاوه استاد محمد جمن کي
به متعارف ڪرايو. ايتري قدر جو ڪيترن پروگرامن ۾، موسيقي سرن بابت ٻين ڏات ڌڻين سان
گڏ، استاد به شامل هوندو هو ۽ اهڙا پروگرام محترم اعجاز عقيلي ترتيب ڏيندو هو.
استاد محمد جمن کي باقاعدي فنڪار ايم بي انصاري آڊيشن وٺي پاس ڪيو ۽ موسيقار
وري حميد نسيم ڌنون ٻڌي ڪري مقرر ڪيو. پراڻن ڪلامن کي ٻڌڻ سان اهو اندازو لڳائي سگهجي
ٿو ته هي استاد جي ڌن آهي. پاڻ راڳ جي باقاعده سکيا، استاد نظر حسين کان ورتائين. پاڻ
سنڌي سرائيڪي ۽ اردو ۾ به تمام سٺو ڳايو آهي. ڪيترن سنڌي اردو فلمن ۾ به سندس گانا
رڪارڊ ڪيا ويا جنهن ۾ سهڻا يار سڄڻ، اردو فلم ڪالو وغيره، محمد جمن جا کوڙ سارا شاگرد
آهن جن ۾ زيب النساءِ، زرينه بلوچ، علي محمد، الهڏنو خاصخيلي، ثمينه ڪنول ۽ سندس فرزند،
شفيع محمد جمن ۽ اويس محمد جمن.
ڪجهه سال اڳ لطيف سرڪار جي ميلي تي شفيع محمد ۽ ثمينه ڪنول، استاد محمد
جمن ۽ زيب النساءِ جو ڳايل ڪلام ڳايو ته ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙن کي اکين ۾ پاڻي اچي ويو.
محمد جمن ٻين ملڪن ۾ به سنڌي موسيقي ۽ راڳ کي متعارف ڪرايو، جنهن ۾ ايران،
چين، هندوستان، بنگلاديش وغيره آھن. پاڻ لطيف سرڪار، سچل سرمست ۽ بلاول شاهه نوراني
جي ميلي تي پنهنجو فرض سمجهي روح سان ڳائيندو ۽ فرض سمجهندو هو. ڪراچيءَ ۾ اڄ به بانسري
وڄائڻ وارا ۽ ڳائڻ وارا فنڪار رهن ٿا پر محمد جمن جهڙو اهو انداز نه ٿو ملي سگهي.
سنڌ جي هن سريلي راڳيءَ کي ڪيترا ئي ايوارڊ مليا جن ۾ سنڌي موسيقيءَ جو
وڏو ايوارڊ لطيف ايوارڊ، سچل ايوارڊ، پرائڊ آف پرفارمنس ايوارڊ، پر سڀ کان وڏو ايوارڊ
جيڪو مليس اهو آهي ٻڌندڙ جي طرفان داد. گهڻا فنڪار ته سرڪاري ايوارڊن ۽ سرڪاري پروگرامن
لاءِ سفارشون ڪرائيندا آهن آفيسرن جي اڳيان پويان رهندا آهن پر هي سنڌ جو سٻاجهڙو فنڪار
ڪنهن جي در نه ويو. لطيف سرڪار اهڙن فنڪارن لاءِ سر سورٺ ۾ هيئن فرمايو آهي ته:
سورٺ مئي سک ٿئو خيما کنيا کنگهار،
نه ڪو راڳ نه روپ ڪو نه ڪا تند تنوار،
تنها پوءِ مڱڻهار ڏنو سر ڏياچ کي.
سنڌ جو هي امر آواز ۲۳
سال اڳ ۲۴ جنوري ۱۹۹۰ع تي، اسان سڀني ٻڌندڙن کي الوداع چئي، هن فاني دنيا
مان موڪلائي ويو.
No comments:
راءِ ڏيندا