; سنڌي شخصيتون: استاد، جمن، غلام، محمد، ٻگهيو،
Showing posts with label استاد، جمن، غلام، محمد، ٻگهيو،. Show all posts
Showing posts with label استاد، جمن، غلام، محمد، ٻگهيو،. Show all posts

25 January, 2013

استاد محمد جمن - غلام محمد ٻگهيو


استاد محمد جمن
سنڌي موسيقي کي منفرد آواز ۽ ڌنون ڏيندڙ
غلام محمد ٻگهيو
سنڌ اهو خطو آهي جنهن پنهنجي تهذيب تمدن ثقافت، علم ادب فن ۽ سنگيت جي ڪري دنيا ۾ مقبوليت ماڻي آهي سنڌ ڌرتي ڪيترائي عالم، اديب، شاعر، تاريخدان ۽ فنڪار پيدا ڪيا آهن جن پنهنجي ڏات ۽ ڏانءُ وسيلي سڄي دنيا ۾ سنڌ جو نالو روشن ڪيو آهي. اهڙن ئي مهان فنڪارن مان محمد جمن به هڪ آهي. جنهن پنهنجي سٻاجهڙي انداز سان سنڌي موسيقي وسيلي پنهنجو نالو روشن ڪيو.