استاد محمد جمن
سُرن جو بادشاهه
مصطفيٰ ملاح/ڪراچي
لوڪ موسيقيءَ جي بنيادي سڃاڻپ منجهان هڪ اهڙي سڃاڻپ، جنهن جي ڪري ڏيهه
توڙي پرڏيهه ۾ سنڌ کي سُرن تي سر ڏيندڙ ماڻهن جي ديس طور سڃاتو وڃي ٿو. سنڌ اندر لوڪ
موسيقيءَ جو ذڪر ڪرڻ سان چند اهڙا فنڪار اکين آڏو تري ايندا، جن راڳ جي منفرد انداز
۽ آلاپ سبب پنهنجي تاحيات سڃاڻپ پيدا ڪئي آهي، اهڙن فنڪارن ۾ وري استاد محمد جمن جو
نالو هر جڳ ۾ نرالي انداز سان ياد رکيو ويندو. قدرت، محمد جمن کي اهڙي ته آواز سان
نوازيو هو، جو کيس ٻڌندڙ سدائين دَنگ رهجي ويندا هئا ۽ داد ڏيڻ بنا نه رهي سگهندا هئا.
استاد محمد جمن ڪلاسيڪل راڳ کي جديد انداز ۾ ڳايو ۽ ان کي نئون رنگ بخشيو.
اهو ئي محمد جمن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سدابهار شاعري ”منهنجو ملڪ ملير، ڪوٽن
۾ آئون ڪيئن گذاريان“ کي پنهنجو منفرد آواز ۽ انداز ڏئي، جڏهن ڳائي ٿو ته محفل ئي منڊي
ڇڏي ٿو. ڏيهه پرڏيهه ۾ پنهنجي سُريلي انداز سان ڳائي، ماڻهن کي جهومائي ڇڏيندڙ، هن
يگاني راڳيءَ جي لاڏاڻي کي ۲۳
سال ٿي ويا آهن. پر اڄ به
سندس آواز سنڌ جي ڌرتيءَ تي گونجندو رهي ٿو.
استاد محمد جمن ۱۰
آڪٽوبر ۱۹۳۵ع ۾ حاجي احمد جي ڪکائين گهر ۾ اک کولي. تڏهن ڪنهن
به نه ڄاتو ته هي ٻارڙو اڳتي هلي موسيقيءَ جي دنيا تي حڪمراني ڪندو. استاد محمد جمن
جا وڏا صرف سرندي وڄائڻ جي فن سان دلچسپي رکندا هئا. پر دنيا ڏٺو ته هن اڳتي هلي موسيقيءَ
جي اڻ کٽندڙ دنيا ۾ سر ۽ لئه جا نوان تجربا ڪري، سنڌي موسيقيءَ کي شاندار موڙ ڏئي،
پنهنجو ۽ پنهنجي خاندان سميت سونهاري سنڌ جو نالو روشن ڪيو. استاد محمد جمن جو نالو
ورهاڱي کانپوءِ سنڌي موسيقيءَ جي خدمت ڪندڙن ۾ صفِ اول ۾ ڳڻيو وڃي ٿو.
سدائين خوب کان خوب تر جي تلاش ۾ رهندڙ استاد محمد جمن پنهنجي راڳ جي
ابتدائي سکيا استاد نظر حسين کان ورتي. استاد محمد جمن هڪ باصلاحيت حوصلا مند ۽ تخليقڪار
فنڪار ۽ موسيقار هئڻ سان گڏوگڏ هڪ شفيق پيءُ ۽ استاد هو. پنهنجي اولاد سان انتهائي
درجي جي محبت ڪندڙ پيءُ هو. پنهنجي شاگردن سان به پنهنجي اولاد وارو سلوڪ ڪندو هو.
هن فنِ موسيقي جي گوناگون دنيا ۾ ڪيترا ئي شاگرد پيدا ڪيا.
استاد محمد جمن موسيقيءَ جي دنيا جو چمڪندڙ ستارو هو. هن فلمن لاءِ به
ڳايو. سنڌي فلم ”تنهنجيون ڳالهيون سڄڻ“ ۾ پنهنجي دور جي مشهور بينجي نواز، بلاول بيلجيم
جي سدابهار موسيقيءَ ۾ نغما ڳايا.
استاد محمد جمن اسٽيج، ريڊيو ۽ فلم کان علاوه پي ٽي وي تي پڻ پنهنجي صلاحيتن
جو مظاهرو ڪيو. ۱۹۶۰ع ۽ ۱۹۷۰ع
وارا ٻه ڏهاڪا، موسيقيءَ جي حوالي سان، استاد محمد جمن جا هئا. انهن ٻن ڏهاڪن ۾، سندس
ستارو عروج تي هو. هُو سُر ۽ لئه جو بادشاهه هو.
استاد محمد جمن ۲۴
جنوري ۱۹۹۰ع تي ۵۵
سالن جي عمر ۾، سنڌ واسين
کي جدائي جا نه ڇُٽندڙ گهاءُ ڏئي، هميشه لاءِ موڪلائي ويو.
سندس سريلي ۽ مٺڙي آواز ۾ ڳايل
ڪلامن جو وڏو سرمايو سنڌ واسين کي هميشه مالا مال ڪندو رهندو. استاد محمد جمن جي لاڏاڻي
کانپوءِ هن جا گهر ڀاتي پريشانين ۽ مسئلن جو شڪار ٿيندا رهيا. هڪ پٽ شفيع جمن لاڏاڻو
ڪري ويو. ان کان پوءِ هڪ پٽ معذور محمد حسن پڻ ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ گذاري ويو. پر هاڻ
اويس جمن کي ثقافت کاتي ۾ نوڪري ملي آهي ۽ حالات ٿورا گهڻا بهتر ٿيا آهن.
No comments:
راءِ ڏيندا