هڪڙو هو سائين انور شاهه...!
شيراز چانڍيو
۲۰۰۵ جي
بئچ ۾ جڏهن آئون پهريون ڪلاس وٺڻ ويو هئس ۽ زولاجي سبجيڪٽ جو تعارف ڪرڻ لاءِ هڪ وڏن
شهپرن ۽ هلڪي اڇي ڏاڙهي، وڏن پاچن واري سلوار، اڇي واسڪوٽي، سينڊل ۽ سنڌي ٽوپي پاتل
شخص ڪلاس ۾ داخل ٿيو هو، ان شخص پنهنجو تعارف ڪرايو هو ته؛ آئون سيد انور شاهه آهيان. سائين انور شاهه هڪ بهادر شخص هو، بنا ڪنهن هٻڪ
۽ ڊپ جي جيڪي ڳالهه چوڻي هوندي هئس منهن تي چئي ڏيندو هو. ياد ٿو اچي ته آئون ۽ منهنجو
ننڍو ڀاءُ فراز، سائينءَ سان ملڻ هاسٽل ويا هئاسين ته ڳالهين ئي ڳالهين ۾ سائين هڪڙي
ڳالهه چئي هئي ته؛ ”انور شاهه، خدا کانسواءِ ڪنهن کان نٿو ڊڄي.“ سندس چوڻ هو ته؛ ”مون
کي موت جي به پرواهه نه آهي.“ ۽ اها حقيقت به آهي سائين انور شاهه کي مون ائين ئي ڏٺو.
يونيورسٽي جا ۴ سال
اک ڇنڀ ۾ ائين گذري ويا، ڄڻ ڪي چار پل هجن- پر سائين انور شاهه سان گذاريل ڏينهن اڄ
به من ۾ سانڍيل آهن.
سائين انور شاهه جي عمر ڪا ايتري وڏي نه هئي پر سندس
آزاداڻي زندگي، بي پرواهه ۽ بي فڪر رهڻ ۽ پنهنجي من جي ٻڌڻ واري نماڻي طبيعت سندس سڃاڻپ
به هئي ته سندس صحت لاءِ هاڃيڪار به هئي. سائين شوگر ۽ بلڊ پريشر جو مريض هو پر ان
باوجود مٺائي، کجي ۽ انب بنا ڪنهن گهٻراهٽ جي کائيندو هو. هڪ ڀيري ميڊم ڪلاس ۾ ڊائبٽيز
تي ليڪچر ڏيندي سائين انور شاهه جو ذڪر ڪيو هو ۽ ٻڌايو هو ته سائين انور شاهه جي شُگر
وڌيل هوندي آهي ۽ ڊاڪٽرن سندن حالت کي ڳڻتيءَ جوڳو ٻڌايو آهي، پر پوءِ به هُو مٺي چانهه
پيئندو آهي. ميڊم جو چوڻ هو ته هڪ ڀيري کيس مٺي چانهه پيئندي ڏٺو ته کيس منع ڪيو، جنهن
تي سائينءَ وراڻيو ته مرڻو ته هونئن به آهي ته پوءِ ڇو نه ڪجهه کائي پي مران.
هڪ ڀيري منهنجي دوست آچر جوڻيجي به اها ساڳي ڳالهه
ڪئي هئي ته؛ زولاجي ڊپارٽمنٽ جي طرفان آل پاڪستان ٽوئر تي وياسين. ڪوهه مري جي گيسٽ
هائوس ۾ رهائش هئي. اُتي اڌ رات سائين انور شاهه جي ڪمري مان بيچني جا آواز پي آيا.
بقول آچر جي جڏهن هو سائينءَ جي ڪمري ۾ ويو ته سائينءَ جا هٿ پير شوگر جي ڪري سُڄيل
هئا. سندس اهڙي حالت ڏسي اسان گهٻرائجي وياسين، جنهن تي سائينءَ چيو ته؛ پريشان نه ٿيو،
دوا آڻي ڏيو مان ٺيڪ ٿي ويندس. سائينءَ کي جڏهن ٽيبليٽ ڏناسين ته ٿوري دير ۾ هُو ٺيڪ
ٿيڻ لڳو ۽ کن دير کان پوءِ سائينءَ چيو ته؛ سندس ٿيهلي ۾ گھوٽڪي جا پيڙا پيا آهن اُهي
کڻي اچو، پاڻ به کائو ۽ مون کي به کارايو. آچر ٻڌايو ته؛ اهڙي حالت ڏسي اسان سائينءَ
کي چيو ته سائين توهان هاڻي ئي ته شوگر جي دوا کاڌي آهي ۽ توهان جا هٿ پير شوگر جي
ڪري سُڄيل آهن، تنهن باوجود به پيڙا کائيندؤ؟ سائين ورندي ۾ چيو ته؛ مري ويندس
ته خبر به نه پوندي، پوءِ کائڻ جي معاملي ۾ ڇو ڊڄجي. اُهو هو سائين انور شاهه جيڪو
واقعي به پنهنجي حياتيءَ ۾ موت کان نه ڊنو.
مونکي ياد پيو اچي ته هڪ دفعي زولاجي ڊپارٽمنٽ ۾ ڪجهه
غُنڊا زولاجي ڊپارٽمينٽ جي ڪنهن شاگرد سان وڙهڻ آيا ته اُهو شاگرد سائينءَ وٽ آيو
۽ مدد طلب ڪيائين. جنهن تي سائين ڊپارٽمينٽ کان ٻاهر اچي چيو ته؛ اڃا انور شاهه زنده
آهي. جيڪڏهن ڪنهن ۾ همت آهي ته اندر اچي، ڇوڪري کي هٿ به هڻي ڏيکاري؟ جنهن تي اُهي ڇوڪرا
واپس ٿيا ۽ اندر نه آيا.
سائين انور شاهه حقيقت ۾ وڏي جرئت رکندڙ ماڻهو هو.
سائين جي هڪڙي ڳالهه ڪمال جي لڳندي هئي ته پنهنجي غلطيءَ تي معافي به وٺندو هو، جيڪو
سندس مثبت رويو هوندو هو. سائين انور شاهه جي ٽيچر روم ۾ جڏهن به وڃبو هو ته شاگردن
سان روم ڀريل هوندو هو ۽ اها حقيقت آهي ته سائين شاگردن کي پنهنجن ٻچن ۽ دوستن جيان
سمجهندو هو، سائين ۽ شاگردن جي وچ ۾ چرچا خوشگوار ماحول جو حصو هوندا هئا. پر جڏهن
سائين جو موڊ خراب هوندو هو ته پوءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڄڻ ته راڪاس گُهمي ويندو هو ۽ ڪوبه
شاگرد ۽ استاد سائين جي اردگرد به ڪونه گھمندا هئا.
سائين جو ضد به عجب هوندو هو، جيڪڏهن راضي آهي ته سوين
پنڌ به پار ڪري ويندو هو ۽ جيڪڏهن سائين ضد ۾ اچي وڃي ته هڪ وک به ناممڪن. سائين انور
شاهه کي موسيقي ۽ شاعري سان تمام گھڻو لڳاءُ هو، سائين روم ۾ ڪڏهن ڪڏهن وڏي آواز ۾
ڳائيندو هو، پوءِ شاگرد سائينءَ کي مذاق ۾ چوندا هئا ته، سائين لڳي ٿو ڪنهن جي ياد
آئي آهي ۽ سائين جو جواب هوندو هو ته ٻيلي بي سُري آواز ۾ ڳائڻ به ڪونه ڏيندؤ. مونکي
ياد آهي ته اسان جي ۴ سالن جي الوداعي پارٽي ۾ سائينءَ کي ناچ ڪندي ۽ ڪرائيندي
ڏٺو ۽ شاگردن سان گڏ ائين هوندو هو ڄڻ هڪ شاگرد هجي ۽ اها به حقيقت آهي ته سائين کي
ائين ڪندي وڏي خوشي محسوس ٿيندي هئي. اسان جي آخري سال ۾ سائين جي طبيعت بهتر نه هئي
پر ان هوندي به سائين اسان جي دل رکڻ لاءِ جهومر پاتي ۽ ڳايو. اسان جي الوداعي پارٽي
۾ سائين اياز قادري هڪ گانو ڳايو هو؛ ”اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا“. ان سان سائين
سان گذريل پل اڄ به آئون وساري نه سگھيو آهيان.
ڪجهه ماڻهو مرڻ کانپوءِ به هزارين ماڻهن جي دلين ۾
زنده رهندا آهن. سائين انور شاهه جي شخصيت بنا شڪ جي اسان شاگردن لاءِ وڏي مانَ واري
هئي ۽ اسان سائينءَ جي سچي دل سان عزت ڪندي پيرن تي هٿ رکندا هئاسين ۽ سائين ڪڏهن مذاق
۾ ۽ مُرڪندي ڀاڪر پائي دعا ڪندو هو ته هميشه ڪامياب ٿيو، ڪوڙ ۽ غفلت جي زندگي کان بچو.
سچ پچ ته هاڻ جڏهن اهو سڀ ياد ٿو اچي اکيون ڀرجيون ٿيون وڃن. بهرحال سائينءَ جي زندگي
مان هڪڙي ڳالهه ضرور سکياسين ته انسان زنده رهي ته پنهنجي عزت ۽ وقار سان ۽ هن سماج
۾ پنهنجو مثبت ۽ واضح ڪردار ادا ڪري. هن سماج ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي. باقي سموري
زندگي بي معنى ۽ فضول آهي.
سائين انور شاهه جيڪڏهن زندگي سان پيار ڪندڙ ماڻهو
هجي ها ته اُهو پنهنجي صحت کي پهرين ترجيح ڏئي ها پر اسان سائينءَ کي ائين ڪو نه ڏٺو،
بلڪ سائين عزت ۽ وقار سان زندگي جيئڻ کي ترجيح ڏيندو هو. سائين انور شاهه انهن شخصيتن
مان هو جيڪي پنهنجو اثر شاگردن ۾ ڇڏي ويندا آهن. زندگيءَ جو اهو اصول آهي ته هڪڙا ماڻهو
ايندا آهن ۽ ٻيا ويندا آهن ۽ وڃڻ وارا وري ٻين کي زندگيءَ جو موقعو ڏيندا آهن، پر زولاجي
شعبي ۾ سائين انور شاهه جي ڪمي هميشه محسوس ٿيندي رهندي.
No comments:
راءِ ڏيندا