قاضي نور محمد لغاري
لنڊن جي عجائب گهر ۾ موجود سنڌي خطاطي
خليل کوسو
گرهوڙيءَ جي سنڌيءَ جو ڪاتب، قاضي نور محمد لغاري ولد حافظ دريا خان لغاري
۱۸۷۶ع ۾، ٽنڊي الهيار جي لڳ مسڻ ۾ ڄائو. لاکي شاهه (ٻير
موري ميرپور خاص) واري مدرسي ۾، ان وقت جي جيد عالم مولانا محمد علي سنڌيءَ وٽ، محمد
عثمان قِراني جهڙي ڪمال جي عالم جو ’ڌوڙي‘ ٿيو. هونئن به مدرسن جي طالبن جا اکر اعليٰ
قسم جا هوندا آهن، مرحوم قاضي صاحب ڪانهن جي قلم سان، جيڪي لافاني لفظ لکيا، شايد پنا
به رِيس ڪندا هوندا ته شل قاضي صاحب قلم جي ڪَر اسان ڏانهن موڙي. نور محمد صاحب احمد
شاهه گرهوڙ واري وٽ ٻني ٻاري جو ليکو چوکو ڪندي ’قاضي‘ جو لقب ماڻيو. هارين نارين جا
حساب ڪتاب جنهن دوات سان دفترن تي درج ڪندو هو، احمد شاهه اُهي اکر ڏسي ’انگشت بدندان‘
ٿي ويو. هڪ ڏينهن نور محمد ڏانهن نگاهه ڪندي شاهه صاحب فرمايو ته، ”قاضي صاحب! توهان
اگر گرهوڙيءَ جي ڪاتبن ۾ شمار ٿيو ته ڪَر بنهه ڀلو ٿيندو.“ ڪاتب صاحب به ان گذارش کي
غنيمت سمجهندي سفيد پنن تي گرهوڙيءَ جي گوهرن جون مالهائون پوئڻ لڳو.