اي آر ناگوري
هڪ عظيم مُصور
مصطفيٰ ملاح/ڪراچي
پوري زندگي آرٽ کي ڏيندڙ ۽ رنگن سان آمريت خلاف جدوجهد ڪندڙ، اي آر ناگوري
جي وڇوڙي کي ٻه سال گذري ويا آهن. اي آر ناگوري کي سنڌ ۾ مُصوريءَ جو بنياد وجهندڙ
چئجي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. ڇو ته هن پنجاب جي ڪوهاٽ واري فائن آرٽ کي ڇڏي،
سنڌ جي ماڻهن جو مصوريءَ ڏانهن ڌيان ڇڪرايو. هن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فائن آرٽ جو بنياد
وڌو. پر اڄ هن کي اسان سڀ وساري ويٺا آهيون. سنڌ جي دردن کي چِٽيندڙ ۽ سياسي احتجاجن
کي فن ذريعي متعارف ڪرائيندڙ پهريون سياسي مصور، اي آر ناگوريءَ جو اصل نالو عبدالرحيم هو.
