; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر اڪبر حسيني - ڊاڪٽر اسلم آزاد

31 December, 2012

ڊاڪٽر اڪبر حسيني - ڊاڪٽر اسلم آزاد


ڊاڪٽر اڪبر حسيني

ڊاڪٽر اسلم آزاد /سجاول
هڪ دفعي ڪنهن صحافيءَ جي پڇيل سوال جي جواب ۾، اهو بلڪل چيو هئم ته، آئون ڪڏهن به غمگين ۽ اداس نه ٿيندو آهيان. پر خبر ناهي ڇو گذريل هڪ هفتي کان، جڏهن منهنجي دلبر دوست، ڊاڪٽر اڪبر علي خواجا جو وڇوڙو ٿيو آهي، تڏهن کان منهجي دل ۾ هڪ غم ۽ درد گَهر ڪري ويهي رهيو آهي.
پنجيتاليھ ۴۵ سالن جي ڄمار جو ڊاڪٽر اڪبر، گذريل هفتي ڪينسر جهڙي مرض سان مقابلو ڪندي، زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو. هو نه صرف هڪ ڊاڪٽر، پر ان سان گڏ شاعر ۽ سماجي ورڪر به هو.  اهو ئي سبب آهي جو سندس جنازي ۾ شامل بيشمار ماڻهن جون اکيون آليون هيون.

ڊاڪٽر اڪبر حسينيءَ جو جنم ۳۱ جنوري ۱۹۶۷ع تي، تعلقي جاتيءَ جي ڳوٺ تَڙ خواجا ۾، هڪ شفيق استاد، محمد علي بادل جي گهر ۾ ٿيو. سندس والد پڻ هڪ سٺو شاعر ۽ سماجي خدمتگار هو.
ڊاڪٽر اڪبر، تعلقي جاتيءَ جي عوام جي ڀرپور خدمت ڪئي. مريضن سان سندس دوستاڻو رويو رهندو هو. پاڻ سرڪاري اسپتال کانسواءِ، مريضن کي گهر ۾ مُفت طبي مشورا ڏيڻ سان گڏ غريب، مسڪين ۽ ضرورتمند مريضن کي دوا درمل لاءِ هَڙان وڙان پڻ مدد ڪندو هو. جنهن ڪري خواجا ڪالوني سجاول ۾، سندس گهر ٻاهران هر وقت ڪو نه ڪو ضرورتمند بيٺل نظر ايندو هو.
ڊاڪٽر اڪبر جي مون سان وڏي ويجهڙائپ رهي. اسان سياسي ۽ سماجي سرگرمين ۾ هر وقت گڏ رهياسين. سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻيءَ ۾ کيس”حُسينيءَ“ جي تَخلص سان سُڃايو ويندو هو.
ڊسمبر ۱۹۹۱ع ۾ جڏهن منهجو ايڪسيڊيٽ ٿيو ۽ آئون معذور ٿي گهر ۾ هڪ بستر تائين محدود ٿي ويس ته ڊاڪٽر اڪبر هر وقت مُنهنجي سارَ لهڻ لاءِ ايندو هو ۽ پنهنجي شاعري ٻڌائي مونکي حوصلو ڏيندو رهيو. پر بدقسمتيءَ سان گُذريل ڪجهه سالن کان، جڏهن کان ڊاڪٽر اڪبر ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿيو، تڏهن کان اسان هڪٻئي کي همت ۽ جُرئت واري شاعري ۽ دنيا جا مشهور ناول ٻُڌائي، حوصلو ڏيندا رهياسين. آخري ڇهن مهينن ۾، جڏهن کان ڊاڪٽر اڪبر بلڪل بِستر ڀيڙو ٿيو، تڏهن کان آئون پاڻ کي وِيل چيئر تي کڻائي وٽس ويندو رهيس ۽ اسان جي سياست ۽ دنيا جي ٻين معاملن تي ڪچهري ٿيدي رهندي هئي. ڊاڪٽر اڪبر حسينيءَ جو وڇوڙو نه فقط رت جي رشتن ۽ اسان جهڙن دوستن لاءِ ڏک ۽ غم جو سبب بڻيو آهي پر تعلقي جاتي ۽ سجاول جي ڪيترن ئي مسڪين مارو ماڻهن جي مدد جو اَنت به ٿيو آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا