; سنڌي شخصيتون: صوفي سيد صدر الدين شاهه - صوفي غلام مصطفيٰ ڪانڌڙو

02 December, 2012

صوفي سيد صدر الدين شاهه - صوفي غلام مصطفيٰ ڪانڌڙو


صوفي سيد صدر الدين شاهه
صاحب ڪرامت بزرگ ۽ باڪمال شاعر
صوفي غلام مصطفيٰ ڪانڌڙو
حضرت شاهه عنايت شهيد صوفيءَ جي پرسوز شهادت بعد سندن ننڍي فرزند سيد سلام الله شاهه جن جهوڪ شريف کان هجرت ڪري تعلقي ناري جي ٿر واري علائقي ۾ اچي سڪونيت پذير ٿيا، ڪلهوڙن جي حڪمراني جو دور هو، يار محمد ڪلهوڙي کانپوءِ نور محمد ڪلهوڙو حڪمران ٿيو، ان بعد سندس پٽ غلام شاهه ڪلهوڙو سنڌ جي والي بڻيو. حڪمرانن جي سختين کان بچڻ لاءِ شاهه سلام الله ٿر بر کي اچي وسايو، پر خبر نه آهي ته ڇو شاهه عنايت شهيد ۽ سندس ڀاءُ ۽ پٽ جي قتل بعد به حڪمرانن جي سيني جي باهه ٿڌي نه ٿي هئي.


چون ٿا ته غلام شاهه سيد سلام الله شاهه جي آستاني تجل تي حملو ڪيو ۽ ڪلهوڙا فوج توپن سميت اچي گهيرو ڪيو پر قدرت الاهي جو ڪرشمو ٿيو جو سخت طوفان اچي لشڪر جا پير اکيڙي ڇڏيا ۽ هو توپون ۽ گولا بارود ڦٽو ڪري ڀڄي ويا، جڏهن سلام الله شاهه جن وسال ڪيو ته کين تجل کان کڻائي جهوڪ شريف ۾ سندن والد بزرگوار صوفي شاهه عنايت شهيد جي ڀر ۾ دفنايو ويو، صوفي محمد شاڪر شاهه جن جهوڪ کان اچي تجل شريف جي آستاني کي آباد ڪيو، درگاهه شاهه عنايت شهيد جا سجاده حضرت عبدالستار اول به صوفي محمد شاعر جا پوٽا هئا، حضرت عبدالستار اول جا طالب سيد رکيل شاهه ۽ نصير محمد جلالاڻي فقير جهڙا صاحب ڪرامت بزرگ هئا، سيد صدي الدين شاهه به سندن خاندان جا چشم چراغ هئا، سندن والد مخدوم سيد حسين بخش شاهه هو، سندن ولادت ۲۵ آگسٽ ۱۹۲۵ع ۾ تجل شريف ۾ ٿي، پاڻ شروعاتي ديني تعليم پنهنجي والد کان حاصل ڪيائون، پرائمري تعليم جا چار درجا به پاس ڪيائون ۽ عربي فارسي علمن تي به عبور حاصل ڪيائون، پاڻ درگاهه جهوڪ شريف جي سجاده نشين صوفي عبدالستار ثاني جا دست بعيت ٿيا، نهايت عابد زاهد هوندا هئا، نماز، روزي، تهجد کان پابند هوندا هئا، تجل شريف جي مسجد ۾ امامت جي فرض به نڀائيندا هئا، شام جي وقت تجل شريف ۾ سلام الله شاهه جي تڪئي گاهه تي عصر (ٽيپهري جي) نماز بعد مراقبي ۾ وهندا هئا ۽ خاموش رهندا هئا، پاڻ حڪمت جو شوق به رکندا هئا، حڪيم شمس الدين سنڌ جو نامو حڪيم هو، جنهن سنڌ طبيه ڪاليج حيدرآباد قائم ڪيو ۽ سنڌي زبان ۾ ڪليات، آسان علاج ۽ مردانه قوت جا ڪتاب به لکيا، پاڻ سندن دوا خاني تي طب جي سکيا ورتي ۽ حڪمت جي علاج وسيلي غريب ماڻهن جي خدمت ڪندا هئا، سندن طبي خدمتون پوري سنڌ ۾ مشهور آهن، سنڌ جي مختلف شهرن کان مريض اچي علاج ڪرائيندا هئا، پاڻ سٺا شاعر به هئا، سنڌي سرائيڪي، اردو ۽ فارسي زبانن ۾ شاعري ڪئي اٿن، سندن شاعري ۾ حمد، نعت، منقبت، قصيده ۽ نوحا سينگار ڪافي غزل شامل آهن، پاڻ تقرير رواني سان ڪندا هئا پر صرف فقرائي ڪچهرين ۾ مريدن ۽ معتقدن کي هدايت عطا ڪندا هئا، مورو ۾ سندن گهڻو اچڻ ٿيندو هو، راقم جي والد صاحب فقير لعل بخش جن وقت سندن مرشد زاده فقير علي گل سائين جن عيال سميت رهندا هئا ته سائين جن به سندن محبت ۾ اچي ڪافي ڏينهن قيام ڪندا هئا ۽ راقم کي به سندن محبت ۾ گهڙيون گهارڻ جي سعادت حاصل ٿيندي هئي، جڏهن سائين علي گل جن پنهنجن اباڻن ڪکن ڏانهن ويا ته سندن فرزند سائين ربنواز فقير جن مورو ۾ رهائش اختيار ڪئي ته انهن وٽ به سائين سيد صدر الدين جن ايندا هئا، اتي مٺياڻن جي صوفياڻي ساداتن مان سيد علي اڪبر شاهه جن به ايندا هئا، اول ته پاڻ فقير ربنواز جلالاڻي جا طالب ٿيا، بعد ۾ سيد صدر الدين جا دست بعيت ٿيا، سيد لعل شاهه صوفياڻي به سندن طالب ٿيو، فقير سليمان ڪوري به سيد علي اڪبر شاهه جو طالب ٿيو، فقير سيد امام بخش شاهه ٻلالائي، الهه رکيو، فقير پيرل فقير به سندس طالب هئا، سيد علي اڪبر شاهه جن سائين سيد صدر الدين جا طالب بڻيا، هي فقراءُ به سندن نظر ڪم هيٺ اچي ويا، سليمان فقير وٽ به سيد صدر الدين سائين جن گهڻو ايندا هئا، اتي پڻ راقم کي سندن صحبت نصيب ٿيندي هئي، پاڻ زهد عبادت جي زندگي گذاريندي آخر وقت ۾ بيمار رهڻ لڳا، فالج جي بيماري سبب ضعيف ٿي ويا، ۲۱ ذوالقعد ۱۳۲۴هه ۲۵ جنوري ۲۰۰۳ع تي تجل شريف ۾ وصال ڪيائون، کين سلام الله شاهه جي تڪيه گاهه تي ٺهيل روضي جي اڱڻ ۾ آرامي ڪيو ويو، جتي سندن شاندار چوکنڊي تعمير ڪئي وئي آهي، سندن مزار تجل شريف ۾ ۲۱-۲۲ ذوالقعد تي هر سال عرس مبارڪ ملهايو ويندو آهي، جيڪو سندن وڏي فرزند صوفي شهادب الدين شاهه جي نگراني ۾ ملهايو ويندو آهي، فقير محمد سليمان مورو مان عرس مبارڪ ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ لاءِ فقراءَ سميت موجود هوندو آهي، سندن فرزند صوفي ذوالفقار علي المعروف ذلڻ سائين به تمام وڏو شاعر آهي، سندن ڪلام ريڊيو ۽ ٽيلي ويزن تي به فنڪارن ڳايا آهن.
صوفي صدر الدين شاهه رحه جي شاعري جو نمونو به عنوان دعا ڏجي ٿو.
يا الاهي خير ڪر خيرالوريٰ جي واسطي،
رحم ڪر راحم رحيما رهنماءُ جي واسطي.
آبرو عزت سان گذري وقت سارو صبح و شام،
مهر جي مون تي نظر ڪر مصطفيٰ جي واسطي.
ڪين ڪر محتاج ڪنهن جو ڪم ڪهين ۾ خاص و عام،
مشڪلون سڀ معاف ڪر مشڪل ڪشا جي واسطي.
لڄ پرور لڄ رک پردو رکج پروردگار،
بنت النبي المهتشم خير النساءِ جي واسطي.
باقر و جعفر جي صدقي يا خداوند ڪريم،
مدعي سڀ مات ڪر ڪاظم رضا جي واسطي.
بخشش گهران نام نقي او تقي عسڪري امام،
وقت تدب واهر ڪجانءِ مهدي الهديٰ جي واسطي.
بخت دولت دين جو وارو ورائي ڏي انعام،
قادرا ڪر ڪرم ڪر ڪل انبياءِ جي واسطي.
اسم آقا عبدالستار صوفي فيض ور،
در امن سو دائمان دارلبقا جي واسطي.
شهر تجل کي سائين آد رک تون شهنشاهه،
شان و شوڪت سان سدا صبح و مسا جي واسطي.
سوال ”صدر الدين“ جو سڻجانءِ صحيح ثابت ڪلام،
منظور ڪر منهنجي دعا ماهر لقا جي واسطي.

سائين صدر الدين شاهه پنجتن پاڪ ۽ ۱۲ امامن سان بي حد عقيدت رکندا هئا، ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ نوحه به لکيا اٿن، سندس شاعري وسيع آهي، ان کي ڇپرايو وڃي ته سنڌي ادب ۾ مايه ناز موتي داڻي جو اضافو ٿيندو، خداوند ڪريم جون لک رحمتون سندن مٿان هجن. آمين

No comments:

راءِ ڏيندا