; سنڌي شخصيتون: جگديش ملاڻي - مير نادر علي ابڙو

10 December, 2012

جگديش ملاڻي - مير نادر علي ابڙو


جگديش ملاڻي
جڳ جو جگديش
مير نادر علي ابڙو
سنڌ جي وارياسي علائقي ٿر جو جڏهن به ذڪر ڪٿي ٿيندو آهي ته مونکي هڪڙو پيارو ماڻهو مٺي ڄايو امر جگديش ملاڻي ياد ايندو آهي. اڄ هن جي وڇوڙي کي ۱۷ سال گذري چڪا آهن پر تنهن باوجود ائين لڳندو آهي ته هو اسان جي وچ ۾ موجود آهي. هن جا ٽهڪ ۽ تقريرون اڄ به مون کي پڙاڏو بنجي مٺي گڊي واري ڀٽ کان ٽڪرائيندي محسوس ٿينديون آهن. هو ڇا ته انسان هو جنهن وٽ ماڻهپو ۽ انسانيت ئي سڀ کان اتم ذات هئي. هن پنهنجي سموري ڄمار جا پل ٿر جي محروم ماڻهن جي خوشحالي تي گهوري ڇڏيا. هن جا نيڻ ڪڏهن به ستا ڪونه، هو ٿر جي خوشحالي جي آس لڳائي ميلا مچائيندو رهيو. ڪراچي جي ايوانن کان ويندي اسلام آباد تائين ۽ هر نگري ۾ ٿرين جي خوشحالي جون ڳالهيون ڪندو رهيو ۽ پنهنجو جيون هنن مٿان گهوري ويو پر سندس يادون اڄ به ٿر جي گهر گهٽي ۽ وستي ۾ ماڻهن جي اندر جهاتي پائن ٿيون.


 منهنجو ذاتي طور تي ٿر سان ۽ روحاني قسم جو عشق رهيو آهي ۽ ٿر جي اندر هر وقت سڪ پلجندي نظر آئي آهي. هتي ملندڙ محبتن کي شايد ئي ڪو انسان هجي جيڪو فراموش ڪري سگهي، انهن محبتن جو ٿر جي لوئي ۽ لڄ جي وڏي واڪي ڳالهه ڪندڙ امر جگديش ملاڻي، جنهن جو جنم مٺي برهمڻ گهراڻي ۾ ٿيو ۽ پاڻ پنهنجي ٻاراتڻ کان ويندي ٺيٺ جوڀن تائين ڀٽو ازم جو ديوانو رهيو. سندن تعلق ڪو وڏي فيملي سان نه هو سندن گهراڻو وچين طبقي سان لاڳاپو رکندو هو. پاڻ محدود وسائل هجڻ سبب انٽر تائين تعليم حاصل ڪري سگهيو ۽ بعد ۾ حيدرآباد جي علائقي شيخ ڀرڪيو ۾ وڃي ميڊيڪل اسٽور کوليو، جتي صبح کان شام تائين ميڊيڪل اسٽور تي ڪم ڪرڻ بعد پنهنجي سياسي استادن ڊاڪٽر اسماعيل اڍيجو ۽ مولابخش چانڊيو وٽ وڃي ڪچهريون رچائيندو هو. ايم آر ڊي جي تحريڪ شروع ٿيڻ بعد پاڻ اسٽور ڇڏي مڪمل طور سياسي رستو ورتو ۽ سندس سياسي جذبا بم ۽ گولين جيان گجگوڙ ڪري نروار ٿيا ۽ پاڻ سرگرم ڪارڪن طور سامهون آيو، کيس مٺي شهر لاءِ صدر ۽ بعد ۾ ضلعي لاءِ جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.
سندس شمار انهن جان نثارن ۾ ٿيندو هو جيڪي ڀٽي جي نالي پويان جان ارپي ڇڏيندا هئا، کيس شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو سڳن ڀائرن وانگر ڀائيندي هئي ۽ مذهبي تهوار رکشا ٻنڌڻ تي کيس راکي ٻڌندي هئي، هندو ڌرم ۾ رکشا ٻنڌڻ جي ڏينهن هڪ ڀيڻ پنهنجي ڀاءُ کي سلامتي ۽ وڏي ڄمار لاءِ ڌاڳي جي صورت ۾ راکي ٻڌندي آهي. محترمه نصرت ڀٽو به جگديش ملاڻي کي شاهنواز ڪري سڏيندي هئي. هو واحد ڪارڪن هو جيڪو ۷۰ ڪلفٽن تي رهندو هو. سندس پارٽي سان محبت کي ڏسندي ۱۹۸۸ع ۾ صوبائي اسيمبلي جي ٽڪيٽ ڏني ويئي، جيڪا سيٽ هن اڪثريت سان کٽي ۽ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر بڻيو. جتي پهچڻ بعد پاڻ ٿر جي ماڻهن جو آواز بڻجي انهن جي حقن جي حاصلات ۽ مسئلن جي حل خاطر سنڌ اسيمبلي جي فلور تي ڀرپور انداز سان آواز بلند ڪيو. هن جي سياسي بصيرت کان متاثر ٿي سندس مخالف به ديوانا هوندا هئا.
جگديش ملاڻي سان منهنجي لاڙڪاڻي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي ۽ سالگرهه جي موقعي تي اڪثر ڪچهري ٿيندي رهندي هئي ۽ انهن ڪچهرين ۾ پاڻ اڪثر طور تي اها ڳالهه ڪندو هو، ته محبتن ۽ مسڪراهٽن جو ڪوبه مذهب ناهي هوندو ۽ هن ۾ واقعي به اهڙي خوبي سمايل هئي. هن پنهنجي سموري جيون جي اندر ڪڏهن به ذات، نسل، مذهب، متڀيد اونچ نيچ کي اهميت نه ڏني، انهن سمورين شين کان بالاتر بڻجي انسانيت جي خدمت ڪئي. سموري جيون ۾ ڪڏهن ڪنهن موڙ تي ڪٿي ٿڪل نظر نه آيو. هن محلن کي ڇڏي جهوپڙين جي ڳالهه ڪئي ۽ اهي جهوپڙا لانڍيون هن جي سياست جو محور هيون. هو انهن چوئرن ۾ ويهي ٿرين کي سجاڳي جا گيت ٻڌائيندو هو، هن جي اندر ۾ ٿر جي ماڻهن لاءِ انتها جو درد سمايل هيو، هو غريب ٿرين جي نالي ٿيل هو. پ پ سان عشق هئڻ سبب جگديش ملاڻي کي ڪيئي سختيون ڀوڳڻيون پيون. جيلن ۾ وڃڻو پيو پر پاڻ پنهنجي ازم تان ڪڏهن به پٺتي نه هٽيو. هر سختي برداشت ڪئي پر پنهنجي پارٽي سان ڪيل عشق جو ڀرم رکيو، هن ٿر جي اندر نفرتن جو خاتمو آندو، ٿري ماڻهن کي سندن ووٽ جي اهميت محسوس ڪرائي ۽ ماڻهن ۾ سجاڳي آندي، هن ٿري ماڻهن ۾ شعور پکيڙڻ ۽ پنهنجا حق ڪيئن وٺجن جو سبق ڏنو. هو ٿر جي سڃاڻپ هيو ۽ ٿر جي شهر مٺي جو اهو ستارو هيو، جيڪو سدائين آسمان تي جگمگائيندو رهندو، هو ٿرين کان اهڙي نموني وڇڙي ويندو جنهن جو تصور ۽ خيال به نه هو ته ڪو هو اوچتو منهن موڙي ويندو. اڄ سندن وڇوڙي کي ۱۷ سال پورا ٿي چڪا آهن، پر ٿر جا ماڻهو اڄ به هن کي پنهنجي وچ ۾ ٿا ڀائين ۽ ملاڻي خاندان جو اهو ساڳيو ئي عشق ڀُٽي خاندان سان هلندو ٿو اچي. هزارين مشڪلاتن باوجود به هر حال ۾ هن خاندان ڀُٽي خاندان سان وفا ڪئي آهي. اڄ جگديش ملاڻي جي ورسي جي موقعي تي جتي ڀُٽي خاندان جا گيت پيا جهونگاريا وڃن ته اتي هزارين ماڻهو جگديش ملاڻي کي به پڪارون پيا ڪن. هي هن جو عشق ۽ محبت هئي جيڪا اڄ آواز بڻجي، ٿر جي هر واهڻ وستي جي اندر گونجي رهي آهي. امر جگديش ملاڻي ۽ سندس دوست ڊاڪٽر اسماعيل اڍيجو ۽ سينيئر صحافي فقير محمد لاشاري جڏهن لانگ مارچ لاءِ پارٽي سربراهه محترمه شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي ڏنل سڏ تي اسلام آباد طرف وڃي رهيا هئا ته سندن ڪار هڪ ٽيلر سان ٽڪرائجي ويئي ۽ اهي مهراڻ جا موتي، سنڌ جا بي مثال ڪردار، موت کي ڀاڪرن ۾ ڀري، جدائي جا جام اوتي اسان کان هميشه لاءِ منهن موڙي ويا.
جگديش ملاڻي جي لاڏاڻي جي خبر تي سمورو ٿر رنو هو ۽ هر طرف سوڳوار ماحول جا پاڇا ٿي نظر آيا. سمورو ٿر ۽ انهي جا شهر جگديش ملاڻي جي لاڏاڻي تي بند ٿي ويا. جگديش جي لاڏاڻي کان پوءِ سندس مشن جاري رکندي سندس ڀاءُ موتي رام ملاڻي عوامي خدمت جي جذبي کان سياست ۾ پير ڊگهيريا ۽ ۱۹۹۳ع ۾ موتي رام ملاڻي کي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو اقليتن واري خاص سيٽ تي ايم اين اي جي سيٽ جي ٽڪيٽ ڏني، جيڪا سيٽ هن اڪثريت راءِ سان کٽي ۽ پنهنجي ڀاءُ جي نقشي قدم تي هلندي ٿر واسين جي هر واٽ ۽ وک تي هر سڏ ۾ گڏ رهندي خدمت ڪئي پر وقت جي رفتار ۽ موت جي ديوي موتي رام ملاڻي کي به اسان کان کسي ورتو. تنهن بعد اڄ ڊاڪٽر مهيش ملاڻي ساڳئي واٽ تي هلي رهيو آهي ۽ جگديش ملاڻي جون سڪون لاهي پيو، ٿر جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جگديش ملاڻي وانگي انتهائي بيقرار ٿو نظر اچي.
خدا در دعا آهي ته شل مهيش ملاڻي جگديش ملاڻي جي ڇڏيل مشن کي ساڀيان ڪرڻ ۾ سوڀارو ٿئي ۽ ٿر دنيا اڳيان دبئي بڻجي وڃي.

(هلال پاڪستان، مقدمو، هلچل، برسات، خبرون، سنڌ، سوڀ، سنڌو، مهراڻ)

No comments:

راءِ ڏيندا