; سنڌي شخصيتون: احمد خان وگهيو - علي خادم وگهيو

11 December, 2012

احمد خان وگهيو - علي خادم وگهيو

استاد احمد خان وگهيو

با همت ۽ باعزت انسان

علي خادم وگهيو



چڱايون ۽ ڀلايون ڪرڻ ۽ الله جي عبادت ڪرڻ اهو وکر آهي جيڪو پئي پراڻو نٿو نٿي، انسان جهان ۾ هُجي ٿو ته لوڪ هن کي عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ هن جهان فاني مان لاڏاڻو ڪري ٿو ته اهو وکر ئي سندس ڪم اچي ٿو، انهي وکر جي ڪري ئي خدا وٽ سُرخرو رهي ٿو، انهي ڪري دنيا ۾ ڪي اهڙا الله لوڪ ۽ نيڪ بندا ٿي گذريا آهن جن حقوق العباد ۽ حقوق الله تي پابند رهي پنهنجون زندگيون خلق جي خدمت ڪرڻ ۽ الله کي راضي ڪرڻ ۾ گذاريون.

اهڙن انسانن ۾ تعلقي حيدرآباد جي شهر مسو ڀرڳڙي ڳوٺ جلال وگهيو ۾ جنم وٺندڙ استاد احمد خان وگهيو به هڪ هو، جنهن پنهنجي سموري زندگي پنهنجي علائقي جي غريبن ۽ ضرورتمندن جي مدد ڪرڻ ۾ گذاري، ماڻهن جي مسئلن ۽ پريشانين ۾ هميشه ٻين سان ٻانهن ٻيلي رهيو ۽ انهي سان گڏ الله جي عبادت ۾ پنهنجو وقت گذاريائين.

پاڻ پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ استاد هئا، پنهنجي ذاتي خرچ سان اسڪول ۾ پڙهندڙ غريب ۽ نادار ٻارن جي مدد ڪرڻ سان گڏ ڳوٺ جي مسجد ۽ مسو ڀرڳڙي جي جامع مسجد جي تعمير ۽ سنڀالڻ جون ذميواريون پڻ سنڀاليان، استاد احمد خان پنهنجي ذاتي زندگي کي وڌيڪ غريب ماڻهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ گذاري، انهي کانسواءِ تر جي هر ننڍي وڏي کي منهن ته مرڪ آڻي نماز پڙهڻ لاءِ تلقينون ڪندو رهندو هو، هن شخص آيل جي آڌر ڀاءُ ڪرڻ ۾ به ڪا ڪسر نه ڇڏيائين، هن وٽ ڪَهي آيل دوست احباب، عزيز، مسافر ۽ سائلن کي بنا فرق جي جيءَ ۾ جايون ڏيندو هو، حال سارو هنن کي ماني ڳڀو، چانهه پاڻي کانسواءِ نه ڇڏيندو هو.

آڌي ويل به ڪو سوالي يا ڪو غريب اچي مسئلو بيان ڪندو هو ته هي پنهنجو آرام ڦٽائي انهي جو همراهه ٿيندو هو، غريبن ۽ مسڪينن لاءِ دل ۾ درد رکندڙ استاد احمد خان اميرن کان وڌيڪ غريبن کي اهميت ڏيندو هو، بنا ڪنهن هٻڪ جي امير يا پاڻ کي ڏاڍي جي بي واجبي تي سچ چئي ڏيندو هو، انهي ڪري علائقي جا ننڍا وڏا سائين احمد خان جي بيحد گهڻي عزت ڪندا هئا، هن جي سموري زندگي ۾ ڏيکاءُ ۽ معتبري جو ٿورو عنصر به نظر نه آيو، هن جي عبادتن ۾ خاص رب کي راضي ڪرڻ جون التجائون هيون ۽ خدا جي خلق جي خدمت ڪرڻ ۾ به نه پنهنجو ڪو مقصد شامل هو نه ئي ڪو ڏيکاءُ هو، غريبن لاءِ هن جي دل ۾ ڪو احساس هو جي بي لوث مسڪينن جي مدد ڪندو رهيو، استاد احمد خان وگهيو خدا جي عبادتن ۽ غريبن جي مدد ڪرڻ ۾ رُڌل ئي هو ته اوچتو هن جي طبيعت ۾ ناچاڪي ٿيڻ لڳي ۽ ڏسندي ڏسندي بيماري هن کي بستري ڀيڙو ڪري ڇڏيو، بيماري هن کي پنهنجي ور ۾ وڪوڙي چڪي هئي، جيءَ جي ناچاڪي ۾ به هر ايندڙ عيادت ڪرڻ وارن کي خدا جي عبادت ڪرڻ جي هدايت ڪندو رهيو ۽ پاڻ به ضعيفي طبيعت هوندي به نمازن، قرآن شريف جي تلاوت ۽ ذڪر الاهي ۾ مشغول رهندو هو، ماڻهن جي ايترن دعائن ۽ ڊاڪٽرن جو ايترو علاج به استاد احمد خان جي زندگي نه بچائي سگهيو، نيٺ خداوندي سڏ تي ۱۳ مارچ ۲۰۰۸ع تي وڃي پنهنجي حقيقي مالڪ سان مليو، هن جي لاڏاڻي جي سُڌ جڏهن علائقي جي لوڪ کي پئي ته اکين مان لڙڪ لاڙيندا اچي هن جو آخري ديدار ڪيائون ۽ آلين اکين سان هن کي پنهنجي آخري گهر ۾ مدفون ڪيائون، استاد احمد خان جي وڇوڙي رشتيدارن، عزيزن، دوستن، احبابن ۽ تر جي غريبن جي دلين ۾ هڪ خال هڪ سوز ڇڏيو جيڪو اڃا تائين نه ڀرجي سگهيو آهي، اهڙو الله لوڪ انسان جيڪي پنهنجن خواهشن کي مات ڏئي ٻين لاءِ جيئن ۽ انهي سان گڏ رب کي به راضي رکن اهي انسانن جي سونهن آهن ۽ اهڙا ڳوٺ علائقي ۽ تر جي غريبن، اٻوجهن ۽ مسڪينن لاءِ ڀاڳ وند ٿين ٿا، جن جي ڪري ڳوٺ ۽ تر تي خدا جي ٻاجهه برسندي رهي ٿي. استاد احمد خان وگهيو به انهن انسانن مان هڪ هو، جيڪو زندهه هو ته ڄڻ علائقي جي غريبن جو سهارو هو ۽ لاڏاڻو ڪيائين ته علائقي جا غريب ۽ اٻوجهه هن لاءِ هنجون هاري زارو قطار روئڻ لڳا ۽ اڄ تائين هن کي ياد ڪري هن جا گڻ واکائيندا آهن ۽ هن جي سُهڻي اخلاق ۽ نوڙت جا گيت ڳائيندا آهن، اهو سڀ انهي ڪري آهي جو ماڻهو پنهنجي اندر ۾ لوڪ سان محبت جو جذبو رکي ۽ بنا ڪنهن اونچ نيچ جي ماڻهن سان چڱايون ڪري هٺ، ڪاوڙ ۽ وڏائي کي ماري ڇڏي، استاد احمد خان جون به علائقي جي ماڻهن سان ٿيل چڱايون ۽ ڀلايون هيون ۽ هن جو اخلاق، ميٺ محبت ۽ نوڙت هئي، جنهن ڪري اڄ تائين ماڻهو هن کي پيا ياد ڪن، انهي ڳالهه مان اهو سمجهڻ گهرجي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو اهو بيت ته:

وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي.

درست ٿو چئي ته خدا جي عبادت سان گڏ خلقيندڙ جي خلق جي خدمت ڪرڻ اهو وکر آهي جو پئي پراڻو نٿو ٿئي، جهان ڇڏي وڃڻ کانپوءِ به ماڻهو انهي الله لوڪ انسان کي ياد ڪندي هن جي اعليٰ گلڻن جي ساراهه ڪندا رهن ٿا. استاد احمد خان وگهيو به انهي وکر جو سوداگر هو، جنهن پنهنجي حياتي ۾ پنهنجن ذاتي خواهشن کي الوداع چئي خدا جي خوشنودي خاطر هر وقت خدا جي عبادت ۾ مشغول رهيو ۽ عام ڀلائي جي ڪمن ۾ اڳڀرو ٿيو، تنهن ڪري هن لاءِ ماڻهن ۾ محبت جاڳي پئي ۽ غريب هن کي پنهنجو همدرد ۽ سڄڻ سمجهڻ لڳا، اڄ به هن علائقي مسو ڀرڳڙي جا ماڻهو استاد احمد خان وگهيو کي دل سان ياد ڪن ٿا.

اڄ پڻ اکڙين، سَڄڻ پنهنجا ساريا

ڳلن تَان ڳوڙهن جون بُوندون بس نه ڪن

سندي سڪ پرين، لُوڪ ڏِٺئي نه لهي.


 

احمد خان وگهيو

با همت ۽ باعزت انسان ۽ استاد

علي خادم وگهيو

چڱايون ۽ ڀلايون ڪرڻ ۽ الله جي عبادت ڪرڻ اهو وکر آهي جيڪو پئي پراڻو نٿو نٿي، انسان جهان ۾ هُجي ٿو ته لوڪ هن کي عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ هن جهان فاني مان لاڏاڻو ڪري ٿو ته اهو وکر ئي سندس ڪم اچي ٿو، انهي وکر جي ڪري ئي خدا وٽ سُرخرو رهي ٿو، انهي ڪري دنيا ۾ ڪي اهڙا الله لوڪ ۽ نيڪ بندا ٿي گذريا آهن جن حقوق العباد ۽ حقوق الله تي پابند رهي پنهنجون زندگيون خلق جي خدمت ڪرڻ ۽ الله کي راضي ڪرڻ ۾ گذاريون.

اهڙن انسانن ۾ تعلقي حيدرآباد جي شهر مسو ڀرڳڙي ڳوٺ جلال وگهيو ۾ جنم وٺندڙ استاد احمد خان وگهيو به هڪ هو، جنهن پنهنجي سموري زندگي پنهنجي علائقي جي غريبن ۽ ضرورتمندن جي مدد ڪرڻ ۾ گذاري، ماڻهن جي مسئلن ۽ پريشانين ۾ هميشه ٻين سان ٻانهن ٻيلي رهيو ۽ انهي سان گڏ الله جي عبادت ۾ پنهنجو وقت گذاريائين.

پاڻ پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ استاد هئا، پنهنجي ذاتي خرچ سان اسڪول ۾ پڙهندڙ غريب ۽ نادار ٻارن جي مدد ڪرڻ سان گڏ ڳوٺ جي مسجد ۽ مسو ڀرڳڙي جي جامع مسجد جي تعمير ۽ سنڀالڻ جون ذميواريون پڻ سنڀاليان، استاد احمد خان پنهنجي ذاتي زندگي کي وڌيڪ غريب ماڻهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ گذاري، انهي کانسواءِ تر جي هر ننڍي وڏي کي منهن ته مرڪ آڻي نماز پڙهڻ لاءِ تلقينون ڪندو رهندو هو، هن شخص آيل جي آڌر ڀاءُ ڪرڻ ۾ به ڪا ڪسر نه ڇڏيائين، هن وٽ ڪَهي آيل دوست احباب، عزيز، مسافر ۽ سائلن کي بنا فرق جي جيءَ ۾ جايون ڏيندو هو، حال سارو هنن کي ماني ڳڀو، چانهه پاڻي کانسواءِ نه ڇڏيندو هو.

آڌي ويل به ڪو سوالي يا ڪو غريب اچي مسئلو بيان ڪندو هو ته هي پنهنجو آرام ڦٽائي انهي جو همراهه ٿيندو هو، غريبن ۽ مسڪينن لاءِ دل ۾ درد رکندڙ استاد احمد خان اميرن کان وڌيڪ غريبن کي اهميت ڏيندو هو، بنا ڪنهن هٻڪ جي امير يا پاڻ کي ڏاڍي جي بي واجبي تي سچ چئي ڏيندو هو، انهي ڪري علائقي جا ننڍا وڏا سائين احمد خان جي بيحد گهڻي عزت ڪندا هئا، هن جي سموري زندگي ۾ ڏيکاءُ ۽ معتبري جو ٿورو عنصر به نظر نه آيو، هن جي عبادتن ۾ خاص رب کي راضي ڪرڻ جون التجائون هيون ۽ خدا جي خلق جي خدمت ڪرڻ ۾ به نه پنهنجو ڪو مقصد شامل هو نه ئي ڪو ڏيکاءُ هو، غريبن لاءِ هن جي دل ۾ ڪو احساس هو جي بي لوث مسڪينن جي مدد ڪندو رهيو، استاد احمد خان وگهيو خدا جي عبادتن ۽ غريبن جي مدد ڪرڻ ۾ رُڌل ئي هو ته اوچتو هن جي طبيعت ۾ ناچاڪي ٿيڻ لڳي ۽ ڏسندي ڏسندي بيماري هن کي بستري ڀيڙو ڪري ڇڏيو، بيماري هن کي پنهنجي ور ۾ وڪوڙي چڪي هئي، جيءَ جي ناچاڪي ۾ به هر ايندڙ عيادت ڪرڻ وارن کي خدا جي عبادت ڪرڻ جي هدايت ڪندو رهيو ۽ پاڻ به ضعيفي طبيعت هوندي به نمازن، قرآن شريف جي تلاوت ۽ ذڪر الاهي ۾ مشغول رهندو هو، ماڻهن جي ايترن دعائن ۽ ڊاڪٽرن جو ايترو علاج به استاد احمد خان جي زندگي نه بچائي سگهيو، نيٺ خداوندي سڏ تي ۱۳ مارچ ۲۰۰۸ع تي وڃي پنهنجي حقيقي مالڪ سان مليو، هن جي لاڏاڻي جي سُڌ جڏهن علائقي جي لوڪ کي پئي ته اکين مان لڙڪ لاڙيندا اچي هن جو آخري ديدار ڪيائون ۽ آلين اکين سان هن کي پنهنجي آخري گهر ۾ مدفون ڪيائون، استاد احمد خان جي وڇوڙي رشتيدارن، عزيزن، دوستن، احبابن ۽ تر جي غريبن جي دلين ۾ هڪ خال هڪ سوز ڇڏيو جيڪو اڃا تائين نه ڀرجي سگهيو آهي، اهڙو الله لوڪ انسان جيڪي پنهنجن خواهشن کي مات ڏئي ٻين لاءِ جيئن ۽ انهي سان گڏ رب کي به راضي رکن اهي انسانن جي سونهن آهن ۽ اهڙا ڳوٺ علائقي ۽ تر جي غريبن، اٻوجهن ۽ مسڪينن لاءِ ڀاڳ وند ٿين ٿا، جن جي ڪري ڳوٺ ۽ تر تي خدا جي ٻاجهه برسندي رهي ٿي. استاد احمد خان وگهيو به انهن انسانن مان هڪ هو، جيڪو زندهه هو ته ڄڻ علائقي جي غريبن جو سهارو هو ۽ لاڏاڻو ڪيائين ته علائقي جا غريب ۽ اٻوجهه هن لاءِ هنجون هاري زارو قطار روئڻ لڳا ۽ اڄ تائين هن کي ياد ڪري هن جا گڻ واکائيندا آهن ۽ هن جي سُهڻي اخلاق ۽ نوڙت جا گيت ڳائيندا آهن، اهو سڀ انهي ڪري آهي جو ماڻهو پنهنجي اندر ۾ لوڪ سان محبت جو جذبو رکي ۽ بنا ڪنهن اونچ نيچ جي ماڻهن سان چڱايون ڪري هٺ، ڪاوڙ ۽ وڏائي کي ماري ڇڏي، استاد احمد خان جون به علائقي جي ماڻهن سان ٿيل چڱايون ۽ ڀلايون هيون ۽ هن جو اخلاق، ميٺ محبت ۽ نوڙت هئي، جنهن ڪري اڄ تائين ماڻهو هن کي پيا ياد ڪن، انهي ڳالهه مان اهو سمجهڻ گهرجي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو اهو بيت ته: (وکر اهو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي)

درست ٿو چئي ته خدا جي عبادت سان گڏ خلقيندڙ جي خلق جي خدمت ڪرڻ اهو وکر آهي جو پئي پراڻو نٿو ٿئي، جهان ڇڏي وڃڻ کانپوءِ به ماڻهو انهي الله لوڪ انسان کي ياد ڪندي هن جي اعليٰ گلڻن جي ساراهه ڪندا رهن ٿا. استاد احمد خان وگهيو به انهي وکر جو سوداگر هو، جنهن پنهنجي حياتي ۾ پنهنجن ذاتي خواهشن کي الوداع چئي خدا جي خوشنودي خاطر هر وقت خدا جي عبادت ۾ مشغول رهيو ۽ عام ڀلائي جي ڪمن ۾ اڳڀرو ٿيو، تنهن ڪري هن لاءِ ماڻهن ۾ محبت جاڳي پئي ۽ غريب هن کي پنهنجو همدرد ۽ سڄڻ سمجهڻ لڳا، اڄ به هن علائقي مسو ڀرڳڙي جا ماڻهو استاد احمد خان وگهيو کي دل سان ياد ڪن ٿا.

اڄ پڻ اکڙين، سَڄڻ پنهنجا ساريا

ڳلن تَان ڳوڙهن جون بُوندون بس نه ڪن

سندي سڪ پرين، لوڪ ڏِٺي نه لهي

No comments:

راءِ ڏيندا