; سنڌي شخصيتون: سهراب فقير - مير نادر علي ابڙو

11 December, 2012

سهراب فقير - مير نادر علي ابڙو


سهراب فقير
رهجي ويل يادون
مير نادر علي ابڙو
سن ۲۰۰۳ع ڌاري منهنجي بدلي عمرڪوٽ کان ٺري ميرواهه ضلعي خيرپور ميرس بطور سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن ٿي، جڏهن ٺري ميرواهه ۾ پهتس ته سخت پريشان ٿي ويس ته هاڻي هن ٻهراڙي جي علائقي ۾ وقت ڪيئن گذرندو. پر منهنجي اها پريشاني ڪجهه ڏينهن ۾ ئي جلد ختم ٿي ويئي. جڏهن مان خيرپور ميرس ضلعي جي تقريبًا سڀني پريس ڪلبن ۾ صحافي دوستن سان ملاقاتون ڪيون ۽ مان پريس ڪلبن ۾ سنڌ جي عظيم شخصيتن جون ورسيون ملهائڻ لڳس ته منهنجي آهستي آهستي ٺري ميرواهه جهڙي پٺتي پيل ٻهراڙي جي علائقي ۾ دل لڳي ويئي. انهيءَ دوران مان ٽالپر وڏا ۾ سهراب فقير سان ڪچهري پڻ ڪيم. پوءِ مان جڏهن به ڪٿي ڪنهن به پريس ڪلب ۾ ڪو پروگرام ڪندو هئس ته صحافي دوستن کي منهنجو بيحد اصرار هوندو هو ته مهرباني ڪري منهنجي غريب يار سهراب فقير کي ضرور دعوت ڏجو ته کانئس ڪجهه ٻڌون. انهن ڏينهن ۾ ئي سهراب فقير تي اڌ رنگ جو وڏو اثر ٿيل هو. منهنجي اصرار تي هو پروگرام ۾ ايندو ته هو مگر ڳائي نه سگهندو هو ۽ فقط آلاپ ڏيندو هو. باقي سندس شاگرد سندس شاگردي ۾ اهڙا ته تيار ٿيل هوندا هئا جو ڪنهن به قسم جي باقي ڪسر نه ڇڏيندا هئا ۽ محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندا هئا ۽ ماڻهو موهجي مستي ۾ اچي جهومڻ تي مجبور ٿي ويندا هئا.


سهراب فقير جڏهن به مون سان مليو ته منهنجي ٻنهي هٿن کي چميون ڏيئي پنهنجي اکين تي رکندو هو، کيس مان چوندو هئس ته اوهان بزرگ ۽ تمام وڏي شخصيت آهيو ۽ مان نوجوان آهيان مهرباني ڪري منهنجا هٿ نه چمندا ڪريو. تنهن تي چوندو هو ته اگر مان وڏي شخصيت آهيان، ته تون به تمام وڏي شخصيت ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو فرزند آهين، مان انهيءَ نسبت سان تنهنجا هٿ چمان ٿو. اهڙي طرح سهراب  جو مون سان ٺري ميرواهه ۾ ڏيڍ سال پروگرامن ۾ ساٿ رهيو، جيڪو مان ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهان. مان جڏهن اوطاق تي ويس ته پاڻ مون کي دنيا جي مختلف سربراهن ۽ مشهور شخصيتن سان سهراب فقير پنهنجا فوٽو ڏيکاريا ۽ ماضي جون ڳالهيون ڪرڻ لڳو ته سندس اکيون آليون ٿي ويون ۽ وڏو ٿڌو ساهه ڀري ٿي چيائين ته ابڙا صاحب اهي به منهنجا ڏينهن هئا ۽ هاڻ ڏس منهنجو حال ڇا مان ڇا آهي. مون کي دعا ڪندو ڪر ۽ انهيءَ دوران ئي سنڌ جو ناليوارو هي صوفي راڳي ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ وٺجي ويو ۽ ڪئين انيڪ يادون ڇڏي اسان کان پردو ڪري هليو ويو. هو ڪراچي جي جناح اسپتال مان مايوسين جون جهوليون ڀري پنهنجي اباڻي ڳوٺ ٽالپر وڏا پهتو جتي هن پنهنجو دم ڌڻي حوالي ڪيو. جناح اسپتال داخل هجڻ دوران سندس اکيون آخر تائين موسيقي سان محبت جون دعوائون ڪندڙن جي آمد جي آس ۾ کليل رهيون پر ڪو به لڙي نه آيو ۽ هو مايوس ٿي پنهنجي پٽ سان ڳوٺ موٽيو هو. 
سهراب فقير ۱۹۳۴ع ۾ ٽالپر وڏا ۾ تڏهوڪي مشهور طبلي نواز حمل فقير جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس چاچو مرحوم فقير زوار پير بخش فقير سنگ جا فقير هئا. سهراب فقير ۱۰ کان ۱۲ سالن جي ڄمار ۾ يڪتارو کڻي باجو وڄائي پنهنجي روح کي هن دؤر  ۾ ريجهائڻ شروع ڪيو هو. سڀ کان پهرين ڪلاسيڪل راڳي عاشق علي کان ۽ پوءِ کيتو خان کان راڳ جي سکيا ورتي ۽ ڳائڻ شروع ڪيو ۽ بعد ۾ فقير عنايت علي سان به ڪي پل گهاريا سهراب فقير شروعات ۾ ٽالپر وڏا جي درگاهه درمحمد فقير جو طالب بڻيو ۽ اڳتي هلي محرابپور ۾ محفلون مچائڻ لڳو، جتي سندس ملاقات مشهور ڪلاسيڪل راڳي خورشيد علي خان سان ٿي، جنهن جي ساٿ ۾ هن ڇهن سالن تائين طبلو وڄايو ۽ پاڻ منظور علي خان سان به ڪيئن سال وجت ڪندو رهيو. سهراب فقير کي درگاهه درمحمد فقير تي ڳائيندي ڏسي سنڌ جي سرموڙ شاعر تنوير عباسي ٻڌو ۽ کيس ريڊيو پاڪستان خيرپور جي تڏهوڪي اسٽيشن ڊائريڪٽر الاهي بخش بخاري سان ۱۹۸۵ع ۾ ملايو ۽ پهريون ڀيرو پروڊيوسر نصير سومري سندس آواز ۾ خوش خير محمد فقير جي ڪلام پرين الله آڻي رڪارڊ ڪرائي نشر ڪيو. تنهن بعد ريڊيو اسٽيشن خيرپور تي غمدل فقير جو ڪلام گليان پريم نگر ديان ڳائي شهرت ماڻي. گهنڊ کول ديدار ويکائو مين آيا مک ويکڻ ڪلام پڻ شهرت جو سبب بڻيو. سهراب فقير سچل سائين جي عرس جي موقعي تي ٿيندڙ راڳ رهاڻ ۾ پهريون ڀيرو ڳائي ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو ۽ ان برطانيه، ڪينيڊا سميت دنيا جي مخلتف ملڪن ۾ محفلون سجائي سر وکيريا. سهراب فقير کي پنهنجي ڳايل ڪلامن ميڏا روح منگدا محبوب آوي گهڻو پسند هو. جڏهن ته غمدل فقير جو ڪلام گليان پريم نگر ديان سندن جي سڃاڻپ بڻجي ويو. پاڻ ۵۰ کان وڌيڪ صوفياڻا ڪلام ريڊيو، ٽيليويزن ۽ ڪيسٽن ۾ ڳايا جن ۾ سچل سائين جا ڪلام ”جنهن دل پيتا عشق دا جام“، ”گهنڊ کول ديدار وکائون“ ۽ تنوير عباسي جو ”توسان عشق الستي يار“ ڪرم ٽالپر جو ”عشق اڄ آيو اڱڻ“ تمام گهڻا مشهور ٿيا. سندن کي ننڍي کنڊ جي ڀلوڙ راڳي جو اعزاز حاصل هو. ملڪي سطح تي اڻ ڳڻيا ايوارڊ پڻ مليا ۽ ٻه ڀيرا شاهه لطيف ايوارڊ، سچل ايوارڊ، قلندر لعل شهباز ايوارڊ، ريڊيو پاڪستان ايڪسيلينس ايوارڊ ان کانسواءِ صدارتي ايوارڊ هن دؤر جي صدر رفيق تارڙ پڻ صدارتي ايوارڊ ڏنو، جڏهن ته ٻيا ڪيترائي سندن کي ايوارڊ مليا ۽ هڪ جرمن عورت سهراب فقير جي صوفياڻي ڪلامن تي موهجي ويئي ۽ هن کي شادي جي آفر ڪئي ۽ پنهنجي ملڪ ۾ گڏ رهڻ جي آڇ ڪئي، پر سهراب فقير کيس چيو ته هو سنڌ کان ڪٿي ٿو پري رهي سگهي. سهراب فقير ٻه شاديون ڪيون جن مان پهرين گهر واري سندن حياتي دوران ئي فوت ٿي جڏهن ته ٻي گهر واري اڃان حيات آهي. هن سوڳوارن ۾ هڪ بيواهه، ڇهه نياڻيون، پنج پٽ رجب فقير، نياز احمد، عبدالحميد، اعجاز احمد ۽ سلامت علي ۽ ٻيا ڇڏيا، سندن وڏو پٽ رجب فقير راڳ کان ناتو جوڙيو پيو اچي، جڏهن ته سهراب فقير جي شاگردن مان باقر شاهه سندس ئي انگ ۽ انداز ۾ هن وقت به ڳائيندي نظر ٿو اچي. جڏهن ته سهراب فقير سچل سائين جي ۱۸۸ ورسي تي آخري ڀيرو سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي موجودگي ۾ سنگ پيش ڪيو. ان موقعي تي وڏي وزير کيس ڪيش ۽ ايوارڊ پڻ ڏنو ۽ هن کان خصوصي رهاڻ جيڪا سندس آخري رهاڻ هئي سا لوڪ ورثا پاڪستان جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مظهر السلام پاران کيس خصوصي طور مڃتا ڏيڻ لاءِ سکر ۾ شانائتي انداز سان رچائي ويئي، جتي مهمان خاص جي حيثيت ۾ وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه ٽي لک ۽ لوڪ ورثا پاڪستان پاران ۲ لک روپين جو اعلان ڪيو ويو ۽ ريڊيو پاڪستان آرٽس ويلفيئر فنڊ مان ۴۰ هزار روپين جي مالي امداد پڻ تڏهوڪي اسٽيشن ڊائريڪٽر فخر بلوچ ڪئي، جيڪا رقم مختيار ملڪ سندن ڳوٺ وڃي پهچائي. سهراب فقير جي پذيرائي ۾ ثقافت کاتي جا اڳوڻا ڪامورا حميد آخوند ۽ ممتاز مرزا پڻ اڳ کان اڳرا نظر آيا. سهراب فقير جي وڇوڙي بعد صوفياڻي ڪلام جو هڪ باب پنهنجي پڄاڻي تي پهچي چڪو آهي. موجوده حڪومت کي صوفياڻي راڳ کي بچائڻ لاءِ ۽ سهراب فقير جهڙي راڳي جي ڪلامن کي زنده رکڻ لاءِ هن سلسلي ۾ فوري ادارا قائم ڪرڻ کپن ۽ صوفياڻو ڪلام ڳائيندڙن جي حوصلا افزائي لاءِ تڪڙا ۽ جوڳا اپاءُ وٺڻ گهرجن.

(مهراڻ، خبرون، هلچل، هلال پاڪستان، سُڪار، تعمير سنڌ، عبرت، فيصلو، عوامي فورم، شام سنڌو ڊائجسٽ)





No comments:

راءِ ڏيندا