; سنڌي شخصيتون: حضرت مصري شاهه امام رضوي - ڊاڪٽر لاڌو رام بي ڪرمچنداڻي

21 December, 2012

حضرت مصري شاهه امام رضوي - ڊاڪٽر لاڌو رام بي ڪرمچنداڻي


حضرت مصري شاهه امام رضوي
ڪافين جو بادشاهه
ڊاڪٽر لاڌو رام بي ڪرمچنداڻي
جُڳن کان جيئندڙ جيجل سنڌ، هيرن، موتين، ماڻڪن، لعلن ۽ جواهرن جي اڻ کٽ کاڻ آهي. هيءَ سڳوري ۽ سُونهاري سنڌ، عظيم ۽ قديم آهي. هن جي مٽي مُلهه مهانگي ۽ مهان آهي. هن جي خاڪ ۽ خمير ۾، اُها سڳنڌ ۽ سرهاڻ آهي، جنهن جو مُلهه ڪٿڻ بنهه ڪٺن ۽ ناممڪن آهي. هيءَ ڌرتي صوفين، سنتن، منتن، رشين، مُنين، سامين، سنياسين، جوڳين، پيرن، فقيرن، ولين، درويشن، الله لوڪن، عارفن، دودن، دليرن، ڏهيسرن ۽ شهيدن جي سنڌ ڌرتي آهي، جن زندگيءَ جي هر ميدان ۽ هر موڙ تي پنهنجو مٽ پاڻ ثابت ڪري ملهايو آهي. سنڌ جي سڀيتا سڀني کان سرس، سوائي ۽ آڳاٽي رهندي آئي آهي.


ان حوالي سان آڳاٽي سنڌونديءَ جي ڪنڌيءَ تي نصرپور نالي هڪ شهر صدين کان آباد پئي رهيو آهي، جيڪو آڳاٽي سنڌ جي گادي پڻ رهيو آهي. هي شهر سنڌ جي ميونسپالٽي پڻ رهي آهي. سنڌونديءَ جي ڪارڻ نصرپور شهر ٻيڙن جي وسيلي وڻج واپار جو مرڪز پڻ رهيو آهي. نصرپور شهر سنڌ جي قديمي، ثقافتي، تهذيبي، تاريخي، علمي، ادبي، زرعي، تجارتي ۽ هُنري شهرن مان هڪ آهي. نصرپور شهر جي اڏاوت ۽ آباد ٿيڻ بابت تاريخ نويسن جا ٻه الڳ الڳ رايا آهن. ڪن جو چوڻ آهي ته هي شهر فيروز شاهه تغلق جي هڪ امير نصير ٻڌايو هو ته ڪن جو چوڻ آهي ته هيءَ شهر نصير مهاڻي ٻڌايو هو ۽ ان جي نالي پٺيان سڏجڻ لڳو. نصرپور شهر جي اعليٰ ۽ بلند پايي جي ڪاريگرن ۽ هنرندن جي ٺهيل شين جي نه رڳو سنڌ ۾ پر سنڌ کان ٻاهر ڏيهان ڏيهه پڻ هاڪ رهندي آئي آهي.
سمن، ارغونن ۽ ترخانن جي دؤر ۾ نصرپور کي وڏي اهميت، اعزاز ۽ شرف حاصل رهندو آيو آهي. ڪلهوڙن جي دؤر کان نصرپور سکيو ستابو شهر رهندو آيو آهي. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي دؤر ۾ انگريزن ٺٽي ۾ ڪوٺي قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ نصرپور شهر ۾ پڻ هڪ ننڍي ڪوٺي قائم ڪئي هئي. ڪلهوڙن جي آخري ڏينهن ۾ مدد خان پٺاڻ، سنڌ جي ٻين شهرن وانگر نصرپور ۾ پڻ ڦُرلٽ ڪئي هئي ۽ ان کي تلف ۽ تاراج ڪيو.
نصرپور ۾ ڪيترا ئي ليکڪ، اديب، ڪهاڻيڪار، نقاد، شاعر، عالم، فاضل، ڏاها، دانشور، سخن ور ۽ ديداور، پير، فقير، ولي، صوفي ۽ درويش ٿي گذريا آهن. ان حوالي سان شاعري ۾ شاهه عنايت رضوي رحه ”ڪلاسيڪل شاعريءَ“ جو هڪ وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. سندن پونئيرن مان ڪافيءَ جو هڪ وڏو شاعر حضرت سيد مصري شاهه امام رضوي رحه ٿي گذريو آهي جنهن کي ”ڪافين جو بادشاهه“ پڻ چيو وڃي ٿو. حضرت سيد مصري شاهه امام رضويءَ رحه جا وڏا اصل هرات کان هجرت ڪري بکر ۽ پوءِ سندس ستين پيڙهي ۾ حضرت سيد هاشم رضوي بقول سنڌ جي نامياري تاريخ نويس مير علي شير قانع ٺٽوي ڪتاب ”تحفته الڪرام“ صفحي نمبر ۳۹۶، نصرپور ۾ پهريائين آيو. هاڻوڪي رضوي ساداتن جو ڏاڏو بزرگ وار آهي. وڏو مشاخ ۽ ولي اڪمل ٿي گذريو آهي. ۱۲۴۵ هجري مطابق ۱۸۲۸ع ۾ سنڌ جي قديم ۽ عظيم، تاريخ شهر نصرپور جي بزرگ خيز ڌرتي ۽ رضوي سادات حضرت سيد بلند شاهه رضوي رحه جي برگذيده گهراڻي ۾ جنم ورتو. جنهن ”الهامي ڪلام“ چوڻ سان سڄي گهراڻي جو نالو روشن ڪيو. حضرت سيد هاشم شاهه رضوي رحه جو سلسلو نصب ويهين پيڙهيءَ ۾ امام علي نقيءَ رضه سان ملي ٿو. سندن والد بزرگ وار سندن ننڍپڻ ۾ ئي وصال ڪري ويو ۽ سندن پرورش، تعليم ۽ تربيت سندن وڏي ڀاءُ حضرت سيد فتح محمد شاهه رضوي رحه جي نظر هيٺ ٿي. سندن ابتدائي تعليم قاضي گل محمد ”گل“ جي مڪتب ۾ سنڌي، فارسي ۽ عربي پرايائين. حضرت سيد مصري شاهه امام رضوي رحه سامين، سنياسين، جوڳين، ناٿن ۽ آديسين جي سنگ ۾ سير، سفر ۽ تڪيا، تيرٿ پڻ ڪري چلا ڪڍيا. ان حوالي سان پاڻ اٽڪل ۱۴، ۱۶ ورهين تائين هنگلاج، ٿرپارڪر، آٻُو مائونٽ (ٻاڙميڙ)، جوڌپور، اجمير، جئه پور، جهونا ڳڙهه ۽ ڪڇ وغيره پڻ ڀيٽيا.
جن ڏٺا تنهنجا ديد، سهڻا، سي ٿيا سيلاني.
حضرت سيد مصري شاهه امام رضويءَ جي شاعري جي مجموعي (سالي) کي (ڪليات مصري شاهه) جو نالو ڏنل آهي، جيڪو سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ ميٺ، محبت، امن، سلامتي، برڪت ۽ خوشحالي جو پيغام آهي. ”ڪليات مصري شاهه“ ۲۰۴ ڪافين ۲۴ وائين ۽ ۱۷۵ بيتن تي ٻڌل آهي. ڪافيون ۱۶۴ سنڌي، ۲۵ سرائيڪي، ۳ هندي، هڪ فارسي ۽ هڪ اردو ٻولين ۾ چيل آهن. سنڌي بيتن جو تعداد به ڪافين جيترو ئي ۱۶۴ آهي، جيڪو هڪ عجيب اتفاق آهي. فقط ۱۱ بيت سرائيڪي ۾ آهن سندس فارسي ۾ ٻه ڪافيون ڪمال جون آهن،جن ۾ نقطي وارو ڪو به اکر استعمال ڪيل ڪونهي.
پاڻ ۴ ۽ ۵ صفر المظفر ۱۲۳۵ هجري مطابق ۱۹۰۶ جي وچ واري اڌ رات جو هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.
”ڏاگها جيئن ڏينهن نه اڀري، پنڌ پراهون منزل ڏور.“
سندن آخري آرام گاهه تي جوڌپور (راجسٿان) ڀارت جي مريدن پنهنجي ديس مان ڳاڙهو پٿر آڻي، سندس ڀائٽي حضرت علي غلام شاهه رضوي رحه جي نگراني هيٺ، مزار مبارڪ مٿان شاندار ڇٽي ٺهرائي ڇڏي آهي.
دستور موجب هر سال ۵ صفر المظفر تي سندن چار روزه عرس مبارڪ وڏي ڌام ڌوم، شان، شوڪت ۽ عقيدت احترام سان نصرپور شهر ۾ ملهايو ويندو آھي. چار روزه هن سالياني ميلي جو افتتاح ”مزارِ مبارڪ“ جو سجاده نشين، ۵ صفر المظفر تي اوتاري حضرت سيد مصري شاهه امام رضوي رحه مان نڪتل ميندي جي سرگس سان گڏ مزار مبارڪ تي چادر چاڙهي ڪندو آهي.
ان کانپوءِ لاڳيتو ٽي ڏينهن روزانو شام جو حضرت مصري شاهه امام رضوي رحه اسٽيڊيم نصرپور ۾ عظيم الشان ملاکڙو لڳندو آهي، جنهن ۾ سنڌ جا ناميارا ملهه پهلوان پنهنجي پهلواني جو ڀرپور مظاهرو ڪندا آهن.
ٽي ڏينهن روزانو رات جو حضرت سيد مصري شاهه امام رضوي رحه آڊيٽوريم ۾ نصرپور ۾ محفل موسيقي ٿيندي آهي، جنهن ۾ پاڪ وطن جا ناميارا فنڪار پنهنجي فن جو ڀرپور مظاهرو ڪندا آهن.
هڪ ويهڪ ”ادبي ڪانفرنس“ پڻ ٿيندي آهي، جنهن ۾ سنڌ جا ناميارا اديب، ليکڪ، شاعر، مفڪر ۽ دانشور حضرت سيد مصري شاهه امام رضوي رحه جي زندگيءَ مبارڪ ۽ شاعريءَ تي مقالا پڙهي تفصيلي روشني وجهندا آهن.
چئن ڏينهن واري هن سالياني ميلي جي موقعي تي ”حضرت سيد مصري شاهه امام رضوي رحه يادگار ڪاميٽي“ نصرپور پاران، ڪامياب ملهه پهلوانن، دڪان سينگاريندڙن، فنڪارن، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي نمائندن ۽ اديبن کي حضرت سيد مصري شاهه ايوارڊ سان نوازيو ويندو آهي.




No comments:

راءِ ڏيندا