; سنڌي شخصيتون: سيد بچل شاهه - مير نادر علي ابڙو

11 December, 2012

سيد بچل شاهه - مير نادر علي ابڙو


سيد بچل شاهه
رتوديرو جي هر دل عزيز شخصيت
مير نادر علي ابڙو
جڏهن به رتوديرو جو تذڪرو ٿيندو اتي لازم ملزوم آهي ته سيد بچل شاهه جو ذڪر به ضرور ٿيندو. سيد بچل شاهه رتيديري جي مشهور ۽ معروف سياسي، سماجي، ادبي ۽ علمي شخصيت سيد وريل شاهه جو فرزند هيو. هن تي پيار منجهان سندس ڏاڏي سيد بچل شاهه جو نالو رکيو ويو.


سندس والد سيد وريل شاهه نه صرف لاڙڪاڻي بلڪ هو پوري سنڌ ۾ تحريڪ پاڪستان جي حوالي توڙي پاڪستان مسلم ليگ جي حوالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سندس پٽ سيد بچل شاهه به پنهنجي والد مرحوم جي نقش قدم تي هلندي ۽ انهي جي تربيت هئڻ ڪري ساڳيو ئي رتيديري جي خدمت ڪندڙن منجهان رهيو. سيد بچل شاهه جيتوڻيڪ ڪو اسيمبلي وغيره جو ميمبر ته ڪونه ٿيو پر تنهن هوندي به رتيديري جي رهواسين جا مسئلا جلسن جلوسن معرفت جوشيلين تقريرن ذريعي اسيبملي تائين پهچائڻ جون ڪوششون ضرور ڪندو رهيو.
سندس سئوٽ سابق چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ سيد ديدار حسين شاهه جيڪو هاڻي سپريم ڪورٽ جو جسٽس آهي. تنهن جي سياست کي خيرباد ڪرڻ کان پوءِ اهو سيد بچل شاهه ئي هيو. جنهن رتيديري جي رهواسين جي هر مسئلي ۽ ڏکي مهل ۾ ساٿ ڏنو. هو خوش گفتار، رلڻو ملڻو ۽ غريب نواز سيد هيو. وڏو علم پاڪ رتيديري ۾ مشهور آهي جتي روز سيد بچل شاهه اچي ويهندو هيو ۽  رتيديري جي غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جو سندس وٽ ميلو متل رهندو هيو. وٽس ڪو غريب پهتو ڪونه آهي هو يڪدم ڪم ڪرائڻ لاءِ ان سان گڏ نڪتو نه آهي. اهو هو سندس غريبن سان پيار.
 منهنجون ساڻس گهڻيون ته ملاقاتون ڪونه ٿيون هيون پر مان جڏهن به جسٽس ديدار حسين شاهه سان ملڻ رتيديري ويس ته پينٽ شرٽ پهريل سيد بچل شاهه کي وڏي علم پاڪ وٽ ضرور ماڻهن جي هجوم جي وچ ۾ موجود ڏٺو هيم. ڇو جو سندس والد سيد وريل شاهه منهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو تمام ئي سٺو ۽ گهاٽو دوست هيو. هن ۾ اها ڳالهه محسوس ڪئي ته پنهنجي والد مرحوم جي دوستن ۽ انهن جي اولاد سان ڏاڍي سڪ منجهان ميل جول رکندو هيو.
سيد بچل شاهه پ پ جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو توڙي محترمه بينظير ڀٽو جو ويجهو ساٿي رهيو. اهو ئي سبب آهي جو اليڪشن دوران ورڪ ۾ ساڻن هميشه گڏ رهيو. سندس تقريرون عوام کي جوش ۽ ولولو پيدا ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪنديون رهيون. هو زندگي جي آخري وقت تائين پ پ ۾ ئي رهيو. هو رتيديري جي تمام وڏي سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي گهراڻي سان تعلق رکندي به هميشه پنهنجو پاڻ کي سماجي ڪارڪن سمجهندي غريبن، يتيمن، بيواهن جي مدد ڪندو رهيو. اهڙا ماڻهو ئي عظيم قومن جي سڃاڻپ هوندا آهن.
هن مهل سيد بچل شاهه اسان جي وچ ۾ ڪونه رهيو آهي. پر هن جي خدمتن عيوض رتيديري جو عوام هن کي ڪڏهن به وساري نه سگهندو ۽ رتيديري جي جڏهن به تاريخ لکي وئي ته سيد بچل شاهه انهن ۾ سڀ کان مٿانهون ۽ سونهري لفظن ۾ ياد ڪيو ويندو.

(سچ، هلچل، هلال پاڪستان، سنڌو، تعمير سنڌ)


No comments:

راءِ ڏيندا