; سنڌي شخصيتون: ظفر ڪاظمي - مير نادر علي ابڙو

12 December, 2012

ظفر ڪاظمي - مير نادر علي ابڙو


ظفر ڪاظمي
رنگن جي شهنشاهه جو لاڏاڻو
مير نادر علي ابڙو

ظفرڪاظمي جي لاڏاڻي بعد مصوري جي جهان ۾ شانت ڇانيل آهي. پنهنجي مصوري وسيلي پوري جڳ ۾ پاڻ ملهايو ته اتي وري کين لاتعداد ايوارڊ مليا، هن سنڌ جي انتهائي حسين منظرن کي ڪينواس تي چٽيو. هو مسلسل ٽن سالن کان بيماري سان ويڙهاند ڪندي آخرڪار ۷۳ ورهين جي ڄمار ۾ اڻ ميون يادون ڇڏي اسان کان وڇڙي  ويو. هن جو شمار سنڌ جي اهم شخصيت ۾ ڪيو ٿي ويو. اڄ سندن لاڏاڻي بعد جيڪي هن سنڌ جا منظر چٽيا هئا اهي سمورا اسان کان اهو سوال ٿا ڪن ته ڇا اوهان ظفر کي اهو مانُ مرتبو ڏنو، جنهن جي هو لائق هو.


ظفرڪاظمي سيد مير محمد شاهه جي گهر ۾ ۲۵ ڊسمبر ۱۹۳۳ع ڌاري دادو ضلعي جي ڳوٺ آمري ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تعليم آمري ۽ نيل داس ڪالوني اسڪول پاڪستان چوڪ ڪراچي مان حاصل ڪئي. انگريزي جو ٻيو درجو سنڌ مدرسه السلام ڪراچي مان حاصل ڪيو. ۱۹۴۵ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول دادو ۾ داخل ٿيو، جتي هن انٽرميڊيٽ ڊزائين گرڊ ٽاپ پوزيشن سان حاصل ڪيو. ۱۹۵۰ع ۾ جي جي وي ڪراچي مان پاس ڪيائين. ۱۹۵۴ع ۾ حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج مان سنڌ ٽيچر سرٽيفڪيٽ امتحان ٽاپ پوزيشن مان پاس ڪيو. ۱۹۷۹ع ۾ ميوزالائجي ۾ پوسٽ گريجوئيٽ برطانيا مان ڪيائين. ظفر ڪاظمي ۱۹۴۸ع انٽر ڪلاس دؤران پينٽنگ ۽ ماڊلنگ ۾ پهريون انعام حاصل ڪيو. ۱۹۵۱ع ۾ ڪراچي جي اين جي وي اسڪول ۾ ڊرائنگ ٽيچر مقرر ڪيو ويو، جتي هو ۹ سال استاد رهيو. ۱۹۵۴ع ۾ شاهه لطيف اسڪول حيدرآباد ۾ پينٽنگ ۾ پهريون نمبر حاصل ڪيائين ۽ ۱۹۷۶ ۾ حيدرآباد گورنمينٽ ڪاليج ۾ آل گورنمينٽ ٽيچر ڪانفرنس ۾ پهريون انعام ڏنو ويو. ظفر ڪاظمي جي پهرين نمائش ۱۹۵۸ع ۾ ڀٽ شاهه ۾ ٿي، تنهن جو افتتاح تڏهوڪي صدر ايوب خان ڪيو. ۱۹۵۹ع ۾ آل پاڪستان ٽوئرز ۾ پوسٽر مقابلي ۾ قومي سطح تي کيس پهريون انعام ڏنو ويو. ۱۹۶۰ع ۽ ۱۹۶۱ع ۾ ڪاظمي کي سنڌ ايجوڪيشن ڪانفرنس دؤران آرٽ ٽيچر پينٽنگ نمائش ۾ پهريون انعام مليو. ظفر ڪاظمي جي تصويرن جي نمائش ۱۹۷۹ع ۾ انگلينڊ جي برمنگهم ميوزم ۽ آرٽ گيلري ۾ ٿي ۽ ۱۹۸۲ع ۾ سگا طرفان حاجي جمن ابراهيم گولڊ ايوراڊ مليو ۱۹۷۰ع ۽ ۱۹۸۰ع ۾ کيس پاڪستان ۽ فرانس حڪومتن پاران آرڪيالاجي جي ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو. ۱۹۸۵ع ۾ ٿرپارڪر ميلي ۾ کيس سنڌ ايوارڊ ڏنو ويو. هلال احمر حيدرآباد طرفان کيس آزادي واري ڏهاڙي تي ۱۹۸۵ع ۾ بيسٽ پرفارمنس ايوارڊ ۽ آمريڪي اداري طرفان ليڊر شپ ايوارڊ ڏنا ويا. ۱۹۹۷ع ۾ کيس ٻاراڻي رسالي نٽ کٽ طرفان لائف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو ويو. ۱۹۹۸ع ۾ ظفر ڪاظمي اي ڪي پي شيخ ايوارڊ ڏنو ويو. سنڌ ثقافت کيس ۱۹۹۹ع ۾ لطيف ايوارڊ سان نوازيو. ۲۰۰۶ع ۾ يوم مادرن وطن تقريب ۾ ظفر ڪاظمي ثقافت ايوارڊ ڏنو ويو. سيد ظفر ڪاظمي پنهنجي ڪيريئر دؤران ڪيترن ئي اهم عهدن تي رهيو. هو اين جي وي اسڪول ڪراچي جي انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو اولڊ ڪئمپس ۽ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ ڊرائنگ ٽيچر رهي چڪو آهي. سنڌ جي صوبائي ميوزم حيدرآباد ۾ ٽيڪنيڪل آفيس جي عهدي تي رهيو، سنڌ ميوزم ۾ پهرين اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ پوءِ ڊائريڪٽر جي عهدن تي رهي چڪو. هن سنڌ ميوزم حيدرآباد، ٿرپارڪر ميوزم ميرپورخاص، ڀٽ شاهه، ميوزم، سيوهڻ ميوزم، لاڙ ميوزم، ۽ بدين ميوزم ۾ ڪردار ادا ڪيو. هن شمس العلماءَ علامه بن دائود پوٽا لائبريري حيدرآباد ڀٽ شاهه ۾ شاهه جو باغ ۽ سنڌ مدرسي ميوزم جي اندروني ڊزائين ۽ گيلري جي ڊزائين پڻ ڪئي.
ظفر انتهائي ڀلو ماڻهو هيو ۽ سنڌي عوام کي آخري پنهنجو پيغام ڏيندي چيو ته اول امان، آخر امان جي پيٽ ۾ انسان ڪيڏو نه خوش هيو هاڻ وري امان جي دنيا ۾ خوش رهندو، مٽيءَ کي مانُ ڏيو، امان جو گهر آباد ڪيو. لطيف اوسر ڏني. خود غرضيءَ سنڌ جي عظمت وڃائي. سمجهو، سکو ۽ پڙهو.
ظفر ڪاظمي جي آخري پيغام کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، بابا سائين مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اڪثر اها ڳالهه ڪندو هو، ته اهي ئي ماڻهو آخرت ۽ دنياوي زندگي ۾ ڪاميابي ماڻي سگهن ٿا جيڪي پنهجي وڏڙن جي پيغام تي هلن ٿا. سو ظفر ڪاظمي به سنڌ جو لازوال انسان هو جيڪو بي مثال بڻجي اڄ اسان کان وڇڙي چڪو آهي.

(سنڌو ڊائجسٽ، هلچل، عوامي آواز، مقدمو، سوڀ، هلال پاڪستان، سنڌ، سڪار، فيصلو، عبرت، تعمير سنڌ، خبرون)




No comments:

راءِ ڏيندا