; سنڌي شخصيتون: شاهنواز حيدري - مير نادر علي ابڙو

12 December, 2012

شاهنواز حيدري - مير نادر علي ابڙو


شاهنواز حيدري
بيباڪ ۽ ارڏو صحافي
مير نادر علي ابڙو
سونهاري سنڌ انيڪ موتين جهڙا ماڻهو پيدا ڪيا آهن، جن مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي سنڌ ڌرتي جو مانُ مٿانهون ڪيو آهي. اهڙين ئي سنڌ جي ڀلوڙ شخصيتن منجهان خيرپور ميرس ضلعي جو نامور ۽ جهونو صحافي حاجي زوار شاهنواز حيدري به هڪ هو. بنيادي طرح هو هڪ غريب خاندان مان هو. سندس والد فقير ڪوڙل مڱڻهار خيرپور ميرس ۾ شادين ۽ طهرن ۾ شرنايون ۽ دهل وڄائي ماڻهن کي خوشيون ڏئي لطف اندوز ڪندو رهيو. هن جي گهر ۾ جڏهن پٽ شاهنواز حيدري ڄائو ته مڱڻهار برادري وڏيون خوشيون ملهائيون، کيس سندس والد غريبي حالت ۾ ست جماعتون پاس ڪرايون، جيئن ته بنيادي طرح هي غريب گهراڻي جو هو ۽ سنڌ ۾ سردارن، پيرن ميرن ۽ وڏيرن طرفان سنڌ جي غريب پيڙهيل طبقي مٿان ڏاڍ ۽ ڏمر ڏسي کيس جذبو پيدا ٿيو ته غريب ۽ مسڪين لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪجي سندس ان اندر جي پيڙا رنگ لاٿو.


ڪنهن ڏاهي جي چواڻي ته رياست جا اهم شعبا عدليا، پارليامينٽ، بيورو ڪريسي ۽ پريس آهن. جن جو رياست ۾ اهم ڪردار آهي. حاجي زوار شاهنواز پريس جهڙي مقدس ۽ پيغمبري پيشي سان منسلڪ ٿي ويو ۽ ان وقت جي سنڌ جي هڪ وڏي سنڌي اخبار جو ضلعي رپورٽر ٿيو. حاجي زوار شاهنواز حيدري کي سياست سان به تمام گهڻي دلچسپي هئي اهو ئي سبب آهي جو مشهور سياستدان ذوالفقار علي ڀٽو، غلام مصطفيٰ جتوئي، هادي بخش لاڙڪ وڪيل، سيد اميد علي شاهه، ۽ سيد غوث علي شاهه، سيد قائم علي شاهه جن جي ٿيندڙ سياسي جلسن ۾ ضرور شرڪت ڪندو هيو. تنهن ڪري ئي سنڌ جي ڪافي سياستدانن جي ويجهو رهيو. صحافت ۾ سندس محنت ۽ شوق جي بدولت ضلعي خيرپور ميرس جي صحافين کيس صدر پريس ڪلب خيرپور ميرس بڻايو ۽ ڪجهه عرصو صدر جي حيثيت ۾ صحافين ۽ پريس ڪلب جي خدمت ڪيائين. هن جو سنڌ جي غريب طبقي سان وڏو لڳاءُ هيو. اهو ئي سبب آهي جو علائقي جي مسئلن تڪليفن ۽ بي زبان مسڪينن جي آواز کي اعلى ايوانن تائين پهچائڻ ڪري علائقي جي ڪافي ڏتڙيل ڳوٺن کي روڊ، رستا، اسڪول ۽ اسپتالون مليون. هونئن به صحافي اگر نيڪ نيتي ۽ سچائي سان صحافت جهڙي مقدس ۽ پيغمبري پيشي کي ۽ پنهنجي قلم کي حقيقي معنيٰ ۾ استعمال ڪري ته مان سمجهان ٿو ته سنڌ جي غريب بي پهچ ۽ مسڪين طبقي جي قسمت ئي ڦري وڃي.
 حاجي زوار شاهنواز حيدري جي سڀني دوستن جو دائرو به وسيع هيو. سندس گهاٽن يارن منجهان ڊاڪٽر تنوير عباسي، پروفيسر عطا محمد حامي، تاجل بيوس، استاد بخاري ۽ پروانو ڀٽي سر فهرست آهن. سيد اميد علي شاهه عرف ڏاڏا شاهه جيلاني جي مالي مدد ڏيڻ تي سندس پٽ جي نالي سان منسوب “جاويد” اخبار خيرپور ميرس مان ڇپي. ان اخبار ۾ ڏينهن رات محنت ڪري جاويد اخبار جي سرڪيوليشن وڌايائين. حاجي زوار شاهنواز حيدري سچل سرمست جو پانڌيئڙو به هيو. هو هر سال ميلي تي وڃي اخبارن ۾ ميلي جو احوال لکڻ ۽ فوٽو گرافي ڪرڻ جي حوالي سان پڻ مشهور رهيو.
انهي شوق ڪري سنڌ جي مشهور صوفي فنڪارن وغيره سان پڻ سنگت ٿيس. جن ۾ سهراب فقير، محمد يوسف ۽ ٻيا کوڙ سارا فنڪار سندس دوست رهيا.
اڄ سندس ستين ورسي آهي. جيتوڻيڪ جسماني طرح حاجي زوار شاهنواز حيدري اسان جي وچ ۾ نه آهي پر سندس سنڌ جي اخبار ۾ لکيل مضمون کيس سنڌ جي تاريخ ۾ زندهه رکندا ۽ سنڌ جي صحافين لاءِ مشعل راهه وارو ڪردار ادا ڪندا رهندا.

(سنڌ، عبرت، سنڌو ڊائجسٽ، تعمير سنڌ، مهراڻ، هلال پاڪستان)

No comments:

راءِ ڏيندا