; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر - مير نادر علي ابڙو

10 December, 2012

ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر - مير نادر علي ابڙو


ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر
  منهنجو استاد
مير نادر علي ابڙو
ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر سان منهنجي هلڪي ڦلڪي واقفيت ۱۹۸۸ع ۾ ئي ٿي وئي هئي، جڏهن مون ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ يارهين جماعت ۾ داخلا ورتي هئي، ان وقت ڊاڪٽر سوڍر پروفيسر جي حيثيت ۾ ڪاليج ۾ ڪم پئي ڪيو. ڊاڪٽر صاحب جو ليڪچر ڏيڻ جو انداز تقريبن سڀني پروفيسرن کان منفرد ۽ مختلف هئو، هو ليڪچر اهڙي نموني ته ڏيندو هو جو انهي ليڪچر جو اکر به اکر اڄ ڏينهن تائين ياد آهي. ليڪچر دوران هو شاگردن سان استاد ۽ شاگرد وارو نه بلڪه دوستن وارو رويو رکندڙ هو، سندس آواز چٽو ۽ روب تاب وارو هوندو هو. اسان شاگردن سان هو رليل مليل هوندو هئو. کلندي کلندي سندس پيرڊ پورو ٿيندو هو، ڪوبه ڪلاس ۾ شاگرد اهڙو ڪونه هوندو هوجيڪو سندس ليڪچر مان بيزار ٿئي بلڪه شوق سان ويهي ٻڌبو هو. هو اسان شاگردن کي نه فقط تدريسي تعليم ڏيندو هو بلڪه اخلاقيات تي به گهڻو ڪجهه زندگي گذارڻ تي سمجهائيندو هو، اسان ڪجهه شاگرد هئاسون جيڪي پابندي سان روزانه ڪاليج ايندا هئاسون. ڊاڪٽر سوڍر سان منهنجي ڪچهري تقريبن روز ٿيندي هئي. هن جي ڪاليج ۾ رڳو استاد جي حيثيت ۾ پهچان ڪونه هئي. بلڪه هو هڪ سنڌ جو محقق ۽ تاريخدان جي حيثيت ۾ پڻ مشهور هيو. تمام ئي ٿورن استادن ۾ اها ڏات قدرت طرفان مليل هوندي آهي ته انهن سان ڪاليج جا شاگرد رلي ملي وڃن. ڊاڪٽر شاهنواز واقعي به انهن استادن منجهان هئو، جنهن جا اسان شاگردن سان دوستانه تعلقات هئا. هن ۾ اها وڏي خوبي هئي، ته هو ننڍن لاءِ پيار ۽ وڏن لاءِ عزت رکندڙ هئو، هن ۾ اخلاق جا ته انبار هئا. اخلاق ڪوئي ڊاڪٽر سوڍر کان سکي. اسان جي معاشري ۾ ڪاليج ڪلچر کان ڪير واقف نه آهي. جتي نوجوان گرم خون هجڻ ڪري اڪثر اختلافي ٽولن ۾ ورهائجو وڃن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته اختلاف چوٽ چڙهڻ ڪري هڪ ڇت هيٺ پڙهندڙ شاگرد به پاڻ ۾ مرڻ مارائڻ جي حد تائين پهچيو وڃن. اهڙن موقعن تي ئي دانشمند ۽ صابرين استاد جي مداخلت جي شدت سان ضرورت محسوس ٿيندي آهي. مون ڪافي اهڙن موقعن تي ڏٺو ته ٻن مخالف شاگرد ڌرين ۾ ڊاڪٽر سوڍر وچ ۾ پئي جاني ۽ مالي نقصان کان شاگردن کي بچايو.


۱۹۹۳ع ۾ مون جڏهن وڪالت شروع ڪئي ته ڊاڪٽر سوڍر مون کي ڪاري ڪوٽ ۽ ٽائي ۾ ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين ته مهرباني ڪري هاڻي پنهنجي الڳ وڪالت جي آفيس کولي ۽ پنهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو وانگر غريب ۽ مسڪينن ماڻهن جي دل سان مدد ڪر. مون سندس چوڻ تي پنهنجي استاد ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي اجازت سان آفيس کولي، منهنجي آفيس (چيمبر) جو افتتاح ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، هدايت منگي، انيس انصاري، ڊاڪٽر اياز قادري، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پاڻ ڊاڪٽر سوڍر ۽ ڪجهه ٻين وڪيل دوستن ڪيو. بعد ۾ مان جڏهن وري اينٽي ڪرپشن  ۾ سرڪل آفيسر ٿيس ته ڊاڪٽر سوڍر مون کي چيو ته نادر تون ادبي گهراڻي جو فرد آهين، هاڻي جي اگر تون پوليس کاتي ۾ ويو آهين ته مهرباني ڪري قلم نه ڇڏجانءِ، پنهنجي خانداني ادبي روايت آڏو پوليس کاتو رڪاوٽ نه بڻائجانءِ. مون ڊاڪٽر صاحب جي چوڻ تي عمل ڪيو ۽ لکڻ جاري رکيو. جڏهن به منهنجا مضمون وغيره اخبارن ۾ ايندا هئا ته ڊاڪٽر صاحب ڏاڍو خوش ٿيندو هو، ڊاڪٽر سوڍر مون کي چيو ته نادر تون سروس ڪري تعليم کي نه ڇڏ، بلڪ هڪ ايم اي ٻي به ڪر! مون اڳ ايم اي پوليٽيڪل سائنس ۾ ڪئي هئي، پر ڊاڪٽر صاحب جي اسرار تي مون ٻي ايم اي انٽر نيشنل رليشنس ۾ به ڪئي.
ڊاڪٽر سوڍر بنيادي طور هڪ ڪهاڻيڪار هئو، شروع ۾ هن ڪجهه ڪهاڻيون لکيون تنهن ڪري ئي هن ٽي وي لاءِ ڊراما ’نصيب‘ ۽ ’ڏاڏاڻي ڏيهه لکيا، جيڪي انهي دؤر ۾ پي ٽي وي تان پيش ٿيا. لطيف سرڪار جو هو شروع کان ئي شيدائي هو. اهو ئي سبب هئو جو هن پي ايڇ ڊي جي ٿيسز لاءِ به سنڌي ثقافت ۽ شاهه عبداللطيف جي موضوع تي مقالو لکيو ۽ ۱۹۸۸ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين. انهي ٿيسز کي سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي ۱۹۹۱ع ۾ ڇپايو. ڊاڪٽر سوڍر لطيف سرڪار جو پڪو شيدائي هجڻ ڪري هن شاهه صاحب تي ڪافي مضمون لکيا ۽ تحقيق ڪئي. نه فقط شاهه عبداللطيف ڀٽائي پر هو سچل سرمست سان به وڏي عقيدت رکندڙ هو. هن سچل سائين تي به ڪافي تحقيقي جاکوڙ ڪئي. هر سال سچل سائين ۽ لطيف سرڪار جي ميلن تي هو ادبي ڪانفرنس ۾ ضرور شرڪت ڪندو هو. سنڌ جي ماڳ مڪانن سان پڻ هن جي خاص دلچسپي هئي، اهو ئي سبب آهي جو هو ڪافي دفعا ٿر جي ياترا ڪري آيو ۽ ٿر تي ڪافي معلومات حاصل هجڻ ڪري هن مضمون لکيا ۽ تحقيق ڪئي. ڊاڪٽر سوڍر جهڙا استاد ۽ اديب سنڌ جو عظيم سرمايو آهن ۽ اسان نوجوان نسل لاءِ مشعل راهه آهن. سندس بي وقتي موت سنڌ کان هڪ عظيم استاد ۽ هڪ مهان محقق کسي ورتو آهي. ڪاش هن موت تي شل موت اچي جو اهڙن عظيم ڌرتيءَ جي سپوتن کي ايڏو جلد جدا ٿو ڪري.
(عوامي آواز، هلال پاڪستان، مهراڻ، سنڌو، عبرت، سچ)

No comments:

راءِ ڏيندا