صوفي محمد فقير کٽياڻ
نانگا مليا ناٿ کي....
احمد خيام
الصوفي لامذهب هڪ مشهور عربي قول آهي. هِن دنيا جي عارضي ڪارخاني ۾، مذهبن
جي نالن تي ظلم، جبر، ڏاڍ، ڏهڪاءَ ۽ قتل عام ڪيا ويا آهن. ”پاڪ جنگين (Holy Wars) کان سلجوقين جي لڙاين، صليبي جنگين کان ويندي هٽلر جي ”يهودي مار
حملن“ تائين ۽ ان کان اڄ ڏينهن جي عالمي دهشتگردي، خودڪش حملن، ڌماڪن، فرقيوارانه فسادن
۽ ٻين لاتعداد روز جي معاملن ۾، عقيدن جي نالي ۾ ڪيل تباهه ڪارين جا زندهه سلامت ثبوت
ملن ٿا، پر فطرت ۽ قانون خداوندي هڪ طرفو نه هوندو آهي. ڪاري ڀرسان اڇو، رات جي پويان
ڏينهن، ظلم جي سامهون امن ۽ انتهاپسنديءَ جي خلاف ڀائيچاري، محبت، اخوت ۽ هڪجهڙائيءَ
جا پيغام به گڏوگڏ ئي هلندا آهن. صوفين جو اهو ئي مسلڪ، رنگ، اهڃاڻ ۽ انداز زندگي آهي،
جنهن ۾ نه ڪو رنگ، نه نسل، نه عقيدو نه اير نه ڀير... سڀڪا پسي پرينءَ کي. ان واٽ تي
هلندي صوفين کي نه ڊڄ نه ڊپ، نه دشمني نه ويڙهه نه بغض ۽ ڪينو... تنهن ڪري کين چيو
ويو الصوفي لامذهب (صوفيءَ جو ڪو مذهب ناهي)
صوفي محمد فقير کٽياڻ رحه هن ڀلاري ڀونءِ ۾ جنم وٺندڙ، عالمي امن، ڀائيچاري،
اخوت، محبت، خود شناسي ۽ خدا شناسي جي پرچارڪ قبيلي صوفين ۾ هڪ نرالو نالو آهي. سندن
مشرب الڳ آهي، انداز بيان صاف ۽ زندگيءَ جو مقصد بالڪل واضح....
”عدم کان هِت قدم پائي،
وڃان واقف وطن ۾ ٿو“
”الانسان سِري وانا سِرهُ،
ڄاڻ اهو تون ڄاڻ ميان“
سندن پيدائش ۷۸-۱۹۷۶ ڌاري، ڳوٺ سليمان کٽياڻ لڳ
ٽنڊوڄام ۾ ٿي. ديني تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڪجهه عرصو معمول جي زندگيءَ ۾ گذاريائون.
عشق و محبت شروع کان ئي سندن مسلڪ ۾ شامل رهيا، پر جلد ئي سندن دل، دنيا جي لوڀ، لالچ،
دغا بازيءَ ۽ خود فريبيءَ مان ڀرجي وئي. انتهائي بيقراريءَ ۽ بي سڪونيءَ جي زندگيءَ
۾ کين هڪ مشعل راهه ڏسڻ ۾ آئي. هڪ هنڌ ويهي رهڻ ترڪ ڪري، پنهنجي زندگيءَ جي نئين مقصد
ڏي هلي پيا. جوڳين جهڙا ويس لباس ڪري، ڪنٺا، ڪولاب ڪشتيون ساڻ ڪري جوڳ جي راهه ۾ نڪري
پيا.
”جوڳي جسم جلايا جهلڪار ڪي جشن ۾،
عهدا عظيم پايا بسمي لڳا ڪي بَنَ ۾.“
ٿرن برن کي جهاڳي عشق جي دنيا ۾ پير پاتائون. صوفين وٽ دنيا جي طلب بالڪل
به ڪونه هوندي آهي. ڌوڪي ۽ مڪر تي ٻڌل هِن چئن ڏهاڙن جي زندگيءَ لاءِ ڪا به طمع رکڻ،
انهن لاءِ مهڻو آهي. ان ڪري عشق جي پهرين منزل ۾ پير رکندي ئي هو ”ترڪ دنيا“ ڪري سرءِ
ساهه جو سانگو لاهيو ڇڏين.
”اول سانگو سِر جو لاھ،
ڀلي پوءِ عشق کي هٿڙو لاءِ.“
ترڪ دنيا ڪرڻ معنيٰ نفسِ اماره جي دلين کي ڌِڪي ڪڍي، خواهشون ۽ لالچون
ڀسم ڪري ”عام“ مان نڪري ”خاص“ ٿي پوڻ. پر جي دنيا ڪم جي ڪونهي ته آخرت وري ڇا آهي؟
کين آخرت جي طلب ۾ به سڪون ڪونه ملي. سندن خيال ۾ جنت جا مزا، دوزخ جو خوف، حورون،
مَحَل، ماڙيون به هڪ قسم جي خواهش جي تعميل آهن. اهو مزو به نفس جو آهي، اِن ڪري ”ترڪِ
عقبيٰ“ به ڪيو ڇڏين. ان کانپوءِ وڌي حق ڏانهن وک وڌائين. خود شناسيءَ منجهان خدا شناسيءَ
تائين پهچڻ لاءِ کين اُبتا طور طريقا اپنائڻا پوندا آهن. دنيا وارا چون ته اوڀر ۽ هُو
اولهه رخ رکن، هو چون هيٺ، هي ڏسن مٿي، هو ڳولين ٻاهر، هي اندران اندر جهاتيون پائين،
تنهن ڪري فقير صاحب چون ٿا،
”الٽي آر ٿئي اظهار دلبيدار دلبر دي
شوق شراب، ڪوڏ ڪباب، راڳ رباب رهبر دي.“
”جزو“ کان ”ڪُل“ جو هيءُ رستو صوفين کي مست الست ڪيو ڇڏي. انهيءَ راهه
تي نچڻ، ڳائڻ، سڻڻ، سمجهڻ ۽ ويندي سِر ڪپائڻ کان به ڪونه ڪيٻائين. طالب الموليٰ سندن
زندگيءَ جو اڪيلو نصب العين بڻجي ويندو آهي. پر جيئن ته ان ۾ به الله تعاليٰ جو راز
رکيل آهي ته انسان جي فڪر، لوچ ۽ سوچ جي ڪابه حد ڪونهي ۽ خيال ئي خدا تائين ۽ ان کان
اڳتي هلي ٿو، تنهن ڪري:
”خيال ڪي خاني ختم خوبان خودائي خيال هي،
خود بخود خمار ڪي خصلات خنداني ۾ هي.“
يعني سندن وهم ۽ فڪر جو سلسلو اڳتي وڌندو رهندو آهي. اڳتي هلي ”جزو“
”ڪل“ ۾ ختم ٿيو وڃي. قطرو درياهه سان ملي خود درياهه ئي وڃي. طالب پنهنجي مطلوب جي
طلب ۾ لُڇندو، پڇندو، مطلوب جي ذات ۾ فنا ٿيو وڃي. ان فنا ۾ کيس ازلي بقا نصيب ٿئي
ٿي، پوءِ ڇا؟
”ڪونه هويا هم، ڪونه هويا تُم،
ڪونه همه همذات هويا دم“
هاڻي ڇا رهيو؟ نه ”مان“، نه ”تون“، نه ”هي“، نه ”هو“ ڇا طالب، ڇا مطلوب،
ڇا عاشق، ڇا معشوق، ڇا خالي ڇا مخلوق، سڀ ”هِڪ“.
”ڇا آهيان، ڇا آهي آهي،
رِيءَ الله ٻيو ناهي ناهي.“
ان کانپوءِ موليٰ جي وصال جي طلبَ به ختم. هاڻي نه دينا، نه عقبيٰ ۽ نه
وري موليٰ. اهو منصوري ميدان آهي. ان کي به پاڻ ڳائي، وڄائي، محبت سان ملهائين ٿا:
”منصوري ميدان محمد،
محبت نال ملهاوين“
ان حالت ۾ ڇا جا بغض، ڪينا، ويڙهه جهيڙا؟ بس محبت ئي محبت.
اناالحق جي آواز کان اڳتي هاڻي سندن منزل ”تارڪيءَ“ کي ختم ڪرڻ جي آهي.
وڌيڪ ترڪ ڪجي به ڇا، مقصد ته ملي ويو. فرمائين ٿا:
”ترڪ دنيا، ترڪ عقبا، ترڪ مولا، ترڪ ترڪ،
مقصد ڇڏي مخمور ٿيڻ، صوفين سندو آهي مَرڪ.“
محمد فقير کٽياڻ جي زندگي، اُن حقيقي سفر جي جستجو جو واضح ثبوت آهي.
”سورههِ ساجد سِر جا، اصل کان اڻموٽ،
ترڪ ڪيائون ترڪ کي، انحد واري اوٽ،
سِر سيگاري هليا گيڙو ٻڌي گهوٽ،
محمد چڙهي چوٽ، نانگا مليا ناٿ کي.“
پاڻ ڪنهن به هڪ مذهب، فرقي، عقيدي کي مٿاهون ڪري، ٻين کي هيچ، نيچ ۽ ڪمذات
سمجهڻ جا مخالف هئا. کين حقيقي جا جلوا، انسان جي اندر نظر آيا ٿي، پوءِ ڀلي ڪو هندو
هُجي، يا مسلمان، سِک هجي يا عيسائي. مسجدون، مندر، مڙهيون، گرجائون سڀ ڪجهه سطحي ڏيک
نظر آهن.
”تو ۾ مندر مسجد مڙهيون، تو ۾ مست مڪان...
تو ۾ محمد مُلڪ مڪي جو، تو ۾ قبلو قرآن....“
ٻئي طرف، ائين به نه آهي ته ”ترڪ“ جو اهو رستو، عيسائي راهبن وانگر ”بنواس“
ڪَٽڻ جو مثال هئي. پاڻ ڪڏهن به هڪ هنڌ ويهي رهڻ کي ترجيح نه ڏنائون. دنيا کان مڪمل
لاتعلق ٿي ويهڻ بجاءِ هڪ ذميوار انسان جي روپ ۾ گهر وسايائون. سندن بهادريءَ، ديد دليريءَ
۽ بيباڪيءَ جا اڄ به سوين مثال موجود آهن، تنهن هوندي، ڪڏهن دنيا ۽ آخرت سان دِل نه
ريجهايائون. سندن شاعريءَ ۾ سندن ئي ترتيب ڏنل موسيقيءَ جي سُرَن ۾ ڪافيون، بيت، دوهيئرا،
ڇلا، سي حرفيون، هفتا ۽ قصيدا آهن. شاعري سنڌي، سرائيڪي، هندي ۽ اردو زبانن ۾ موجود
آهي، جنهن کي سندن درگاهه جي متولين، ۳ ڀيرا ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي. ائين سندن ڪلام سنڌ جي ڪنڊ
ڪڙڇ ۾ پهتو آهي. سندن شاعريءَ ۾ اهي سڀئي شعري ۽ فني خوبيون موجود آهن، جيڪي ڪنهن به
عظيم لوڪ شاعريءَ ۾ هئڻ گهرجن، جيئن تجنيس حرفي، اندروني ۽ بيروني ڪافيا، تجريد (ٻٽي
معنيٰ) اهڃاڻ (Symbols)، استعارا ۽ تشبيهون وغيره، پر سندن ڀرپور اندازِ
بيان سندن شاعريءَ جو ڏاج آهي.
پاڻ ۴ فيبروري
۱۹۴۱ع تي، اسلامي تاريخ مطابق ۷
محرم الحرام تي هِن فاني جهان
کي خيرباد ڪيائون. هر سال وانگر، هِن سال به ۷
سفر تي، ڳوٺ سليمان کٽياڻ
۾ شام جي پَهر، يڪتارن، ”اناالحق ترانن“ عشاقي اندازن ۽ رندي رازن سان مينديءَ جي رسم
نڪرندي ۽ صوفي راڳ جون محفلون مچنديون. سڄي سنڌ مان ڪهي آيل راههِ حق جا طالب، يڪتارن
جي سُرن، عشق و مستيءَ جي سازن آوازن ۽ معرفت جي رمزن جون رسمون ادا ڪري، نئين جذبي
۽ ناز سان حقيقت جي منزلن ڏانهن روانا ٿيندا. اهو سلسلو ايستائين قائم رهندو جيستائين
راهه حق جو هرهڪ طالب سمجهي وٺي ته:
”معنيٰ واري مام محمد،
گمُ ٿي ويڙو سارو غير“
Mashallah
ReplyDelete