; سنڌي شخصيتون: لقمان حڪيم کوکر

22 December, 2012

لقمان حڪيم کوکر

لقمان حڪيم

نمڪين طبعيت ۽ برجستو

منظور ڪوهيار



چيو وڃي ٿو ته، ته مزاح زندگيءَ جي رڻ پٽ ۾، ڪنهن نخلستان جي مثل آهي.مزاح ٿڪل ۽ مايوس ذهن کي ترو تازگي بخشي ٿي. جنهن ماڻهو ۾ مزاح جي حس ناهي، اُهو پٿر دل آهي. بقول مولانا غلام محمد گرامي: ’مزاح جي حوالي سان ٽن شين جو هجڻ لازمي آهي. پهريون برجستگي، ٻيو نمڪيني ۽ ٽيون شوخي.‘


۽  اهي ٽئي شيون لقمان حڪيم جي طبيعت ۽ شاعريءَ ۾ هيون. لقمان حڪيم جو تعلق لاهوري محلي لاڙڪاڻي سان هيو. منهنجي پهرين ملاقات ترقي پسند مصنفين لاڙڪاڻي شاخ جي هڪ پروگرام ۾ ٿي. اِهو دؤر هيو ۱۹۷۵ع يا ۱۹۷۶ع جو. لطيف لائبريري ۾ پروگرام ٿي رهيو هو، ڪمپيئرنگ لقمان حڪيم ڪري رهيو هيو.

اُن دؤر ۾ به اديبن جا ٻه ڌڙا واضح هيا. هڪڙا روايت پسند ۽ ٻيا جدت پسند. روايت پسندن جو لاڙو مذهب طرف ۽ شاعريءَ ۾ علم عروض کي وڏي اهميت ڏيندا هيا. پاڻ کي ئي اديب، فاضل، عالم ڄاڻي، ٻين کي جاهل سمجھندا هيا. جڏهن ته ٻيا پاڻ کي ترقي پسند سڏائيندي، خيال آرائي کي وڌيڪ ۽ علم عروض کي گھٽ اهميت ڏيندا هيا،

نه صرف ايترو پر راويت پسند، جدت پسندن کي لامذهب ۽ ڇڙواڳ سڏيندا هيا. ۽ جدت پسند، راويت پسند اديبن کي، رجعت پسند ۽ چاڪيءَ جا ڏاند چوندا هيا. اِنهن ٻنهي ڌڙن جي وچ ۾ لقمان حڪيم پنهنجي ادبي تنظيم ”بزمِ سچل“ کي ترقي يافته ڪوٺيندو هيو. جيڪو روايت پسندي ۽ جدت پسندي کي گڏائي ادب تخليق ڪرڻ واري خيال جا حامي هيو.

ڳالهه هلي رهي هئي لقمان حڪيم جي ڪمپيئرنگ جي. اُها ڄڻ ظرافت ۽ سنجيدگيءَ جو عجيب سنگم هئي. چئي رهيو هو: ”پهريان آءٌ گذارش ڪندس ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ کي ته خاموشي سان ويهي صدارت ڪري ۽ صرف آخر ۾ ڳالهائي.“ اِن تي سڀن ٽهڪ ڏنا. پوءِ چيائين؛ ”هاڻي آءٌ لقمان حڪيم ترقي يافته اديب پنهنجي تخليق اوهان جي آڏو پيش ڪيان ٿو!“ سندس مزاحيه شعر محفل لٽي ته پوءِ ٻين کي دلچسپ انداز ۾ گهرائي تخليقون پڙهايائين. واجد کي سڏيائين ته هن طرح:

”ترقي پسند شاعر واجد کي گذارش ڪندس ته مادر پدر آزاد نظم پڙهي.“ واجد احتجاج ڪندي چيو، ”سائين هي صرف آزاد نظم آهي، مادر پدر آزاد ناهي.“

لقمان حڪيم جواب ڏنو،”منهنجو مطلب آ، بحر وزن کان سواءِ.“ مولوي نورالدين کي وري هن نموني سان گهرايائين:

”عالم فاضل اديب پر جاهل نه، جناب مولوي نورالدين نور کي گذارش آهي ته عربي، پارسي ۽ سنڌيءَ ٻولي ۾ مڪس شاعري ترنم سان پڙهي.“

مولوي نورالدين نور غصي وچان وراڻيو، ”مان ڪو راڳي آهيان  ڇا؟“

”منهنجو مطلب آ سائين ته مولود وانگر ڪن تي هٿ رکي پڙهي سگهو ٿا .... نه پڙهو ته، زور ناهي“

مولوي نورالدين غزل پڙهيو ته آخر ۾ چيائين ”جزاڪ الله!“

جيترو ياد اچي ٿو ته سنڌي شاعرن ۾ مولوي نور الدين نور، قلندر بخش بدوي، مسرور لاشاري، محمد علي جوهر، وغيره هيا. جڏهن ته اردو اديبن ۾ مسلم شميم، رمز شاهجان پوري ٻيا ڪيترا نوجوان اديب به هيا. ۽ حاضرين ۾ ڪامريڊ جمال الدين بخاري ته هيو ئي هيو. ڇو جو ان محفل جي صدارت پئي ڪئي.

لقمان حڪيم ڪمپيئرنگ ڪندي چيو:

”هاڻ آءٌ آخر ۾ ڪامريڊ بخار الدين جمالي کي گذارش ڪندس ته صدارتي تقرير ڪرڻ فرمائي.“ محفل ۾ ٽهڪڙو مچي ويو.

پوءِ ته سائين ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ کي ڪير جهلي . پهريان ته هن بخار الدين جمالي نالي تي ڳالهايو:

”اهو نالو به زبردست آهي ..... مون کي قبول آهي. بخار لفظ بخارا مان نڪتل آهي، بخاري ۾ باه هوندي آهي. ۽ باه ۾ حرارت هوندي آهي، حرارت زندگيءَ جو بنياد آهي. ۽ جيسيتائين زندگيءَ ۾ حرارت نه هوندي،  اُها زندگي ختم ٿي ويندي ۽ جمالي لفظ جمال مان نڪتل آهي. جمال خوبصورتي ۽ حسن کي ظاهر ڪري ٿو. حسن ۾ فطرتي ڪشش آهي. جڏهن اُها ڪشش ٻن کي ڇڪيندي آهي ته تحرڪ پيدا ٿيندو آهي، جڏهن تحرڪ پيدا ٿيندو ته جلال پيدا ٿيندو آهي ۽ آءٌ ڪامريڊ جمال الدين بخاري جلال الدين سرخ پوش جي اولاد مان آهيان،  اِن ڪري مان جمالي آهيان ته جلالي به آهيان.“

اِنهي سڄي وضاحت جي دؤران، لقمان حڪيم ”توبهن! توبهن“ ڪندو ۽ ڪامريڊ جمال الدين کان هٿ ٻڌي معافي گهرندو رهيو:

”معافي ڪامريڊ! هاڻي موضوع تي ڳالهايو.“

”ڇا ڳالهايان موضوع تي. اوهان شاعر ۽ اديب روئيندا ۽ پٽيندا رهندا آهيو...... دنيا جا سڀئي شاعر روئڻيون ٻليون آهن. جيڪي صرف روئيندا آهن، اُهي ڪجهه به ناهن ڪري سگهندا. اِن ڪري سماج کي بدلائڻ لاءِ عملي جدوجهد ڪجي.“  

ڪامريڊ جمال الدين ڪلاڪ کن تقرير ڪئي ۽ لقمان حڪيم آخر ۾ ادبي محفل جي پڄاڻي هنن لفظن سان ڪئي:

”اڄوڪي محفل ختم ٿي ڪجي. اڳتي ڪامريڊ جمال الدين بخاري کي وري صدارت نه ڏبي، ڀلئي واڻئي گانءِ کاڌي.“

ظرافت جي لفظي معنيٰ آهي ”دانائي“ ۽ چيو وڃي ٿو ته ظريف اُهو آهي. جيڪو دانشمند، معامله فهم، زيرڪ ۽ هوش وارو هجي. ان ڪري مزاحيه شاعري به اُها وڌيڪ اثر انگيز ٿئي ٿي، جنهن ۾ اصلاحي تنقيد هجي ٿي، نه ڪي تضحيڪ. سنڌ ۾  اِن حوالي سان شمس الدين ”بلبل“ جو نانءُ نمايان آهي. لقمان حڪيم جي مزاحيه شاعري به شمس الدين بلبل جي ڀيٽ ۾ ويهه اڻويهه هئي. پر هي مولائي قسم جو ماڻهو هيو. اُن ڪري سندس شاعريءَ جو ڪتاب اچي نه سگهيو. جنهن ڪري سندس شاعريءَ سان انصاف نه ٿي سگهيو.

۷۷_۱۹۷۶ جي ڳالهه آهي، جناح باغ ۾ پيپلز پارٽي جو جلسو هيو. ۽ اُن کان پوءِ مشاعرو پڻ رکيو ويو هيو. اُتي لقمان حڪيم ”چوڏهين صديءَ جو مسلمان آهيان“ جي عنوان سان ”تعريض“ پيش ڪئي. جنهن ۾ اُن دؤر جي سماجي براين تي زبردست طنز هيو. هڪڙو بند صرف حافظي ۾ آهي، پيش خدمت آهي:

” هلي ٿو ٺڳيءَ ساڻ واپار پنهنجو
ملاوٽ گراني، آ وهنوار پنهنجو
مڙان ڪين توڙي هجي يار پنهنجو
اٻوجهن گراهڪن تان قربان آهيان
مان چوڏهين صديءَ جو مسلمان آهيان“

لقمان حڪيم جي ان طويل شعر تي کيس سامعين مان ايڏو داد مليو، جو ڪنهن شاعر کي ورلي مليو هجي، گھڻن ماڻهن جو خيال هيو ته اِهو بند لقمان حڪيم لاڙڪاڻي جي شيخن بابت لکيو آهي. و الله عالم! اهڙيءَ طرح هڪ ٻي شعر به ڏاڍي مقبوليت ماڻي، جيڪو  هن وڏن مشاعرن ۾ پڙهي داد حاصل ڪيو. اُن جو عنوان هيو:

بيشڪ لک

ڀل پريءَ تي، حور تي، غلمان تي لک
تن جي عاشق، سر ڦرئي، نادان تي لک
هن تي لک ۽ هُن تي لک، سڀني تي لک
ڪجهه اڄوڪي دؤر جي انسان تي لک
گهر ٻهاري جو وڃي ساجهر اُٿي
اهڙي محسن مهربان تي لک
چند ڏينهن ۾ پنائي جو ڇڏي
ڊاڪٽر تي، فيس تي، درمان تي لک
ٿي وڃي اغوا ڀلي، جاتي هجي
تنهن بشر جي روپ ۾، حيوان تي لک
رنگ لاتو خوب هيروئن آ
نئين نسل جي وارثن گريان تي لک
مڙني خوبين جو آ مالڪ آدمي
ڪير ٿو توکي چوي شيطان تي لک
سئي لڳڻ سان جو نٿو ڦٿڪي مري
اُن حڪيم خوامخواه لقمان تي لک

لقمان  حڪيم هڪ ڪهنه مشق شاعر هيو. پاڻ ٻڌائيندو هيو ته هن ۱۹۵۲ع ۾ شاعري ڪرڻ شروع ڪئي ۽ شاعري ۾ سندس اُستاد حاجي محمود خادم هيو. ۽ سندس هم عصرن ۾ نظام الدين نظام، عبدالفتاح عبد عاقلي، احمد خان ، آصف مهراڻي، عبدالله اثر ۽ علي بخش جمالي هيا. اِن ڪري علم عروض تي کيس ڏاڍي دسترس هوندي هئي.

لقمان حڪيم هڪ پنهنجي خوش مزاج طبيعت جي ڪري ۽ ٻيو بزم سچل جو باني هئڻ ڪري هر بزم ۽ ادبي سنگت لاءِ قابلِ قبول هيو. ان ڪري ڪافي رقيب رو سياهه و سفيد کيس ’وچ ڪُٽيو‘به سڏيندا هيا.

روح رهاڻ ادبي سنگت، جيڪا لاڙڪاڻي جي نوجوانن جي ترقي پسند ادبي تنظيم هئي، اُن ۾ باقاعده ايندو هيو. هڪ دفعي تنقيدي گڏجاڻي ۾ افضل قادري شعر پڙهيو، جڏهن لقمان حڪيم جو وارو آيو، ته تنقيد ڪندي چيائين: غزل ڏاڍو سٺو آهي، پر هڪ بند ۾ ”کي“ وڌي ٿي.“

افضل جو وارو آيو ته افضل وراڻيو: ”کي  پوري آهي.“ نيٺ لقمان حڪيم بند جو فاعلاتن فاعلات ۾ ڇيد ڪري ٻڌايو ته ”کي وڌي ٿي.“ افضل چوي ته ”کي پوري آهي.“

بهرحال، صدارت گهڻو ڪري ته سليم ڪورائي جي هئي.اُن بحث کي سميٽيندي چيو، ”کي وڌي ٿي يا نه، پر حقيقت اها آهي ته افضل جو غزل خيال جي لحاظ کان ڀرپور آهي. اِن ڪري ڪج بحثي جي ضرورت ناهي.“

پر افضل اها ڳالهه دل ۾ رکي، ۽ ٻئي ڏينهن تي منجهند جو سائيڪل کڻي، سائيڪل جي هينڊل ۾ وڏي ڦر واري چلڪندڙ ڪهاڙي وجهي، سڌو قائم شاهه بخاري ڀرسان، لقمان حڪيم جي جَلد سازيءَ واري دوڪان تي پهتو. لقمان حڪيم معمول مطابق دوڪان آڏو صندل تي ويٺي ڪم پئي ڪيو. افضل قادري سائيڪل دوڪان آڏو بيهاري، ڪهاڙي هينڊل مان ڪڍي صندل تي رکي سلام ڪيو. لقمان حڪيم سلام ورائي پهريان ڪهاڙي کي ڏٺو ۽ پوءِ افضل کي. افضل کيسي مان ساڳيو شعر ڪڍيو ۽ لقمان حڪيم آڏو رکندي چيو:  ”ادا لقمان حڪيم! گذريل رات روح رهاڻ جي آفيس ۾ روشني به گهٽ هئي. توهان هاڻ سج جي چٽي پٽي روشنيءَ ۾ شعر کي چڱيءَ طرح ڏسو ۽ ٿڌيءَ دل سان سوچي ٻڌايو ته کي وڌي ٿي يا نه؟“

لقمان حڪيم هڪ نظر پني تي لکيل شعر تي ۽  ٻي نظر صندل تي رکيل ڪهاڙيءَ تي وڌي ۽ پوءِ وراڻيو:

”افضل صاحب، ’کي‘ ته صفا پوري آهي. توهان جي ڳالهه بلڪل صحيح آهي. مان غلطي تي هيس... هاڻي چانهه پيئو.“

لقمان حڪيم، افضل کي چانهه پيئاري جان ڇڏائي.

ٻئي ڏينهن تي سڄي لاڙڪاڻي جي ادبي حلقن ۾ هُل ٿي ويو. جيڪو ٻُڌي سو کل ۾ ٻُـٽيـو پـيو آهي. لقمان حڪيم چوندو وتي:

”ادا، ڪهاڙي وڏي ساهمي آهي. جنهن ۾ شعر بحر وزن جي حوالي سان هر حال ۾ متوازن هوندو.“

افضل چوندو وتي: ”شعر جي بحر وزن تي رات جو تنقيد ڪرڻ غلط آهي. ڇو ته  روشني گهٽ هجڻ جي ڪري کوٽ واڌ جي خبر نه ٿي پوي.“

لقمان حڪيم هيو ته جلد ساز، پر سندس دوڪان بزم شمع هيو. شاعر اديب رستي تان لنگهندي سندس دوڪان تي چانهه جو اڌڙ ضرور پيئندا هيا. پنهنجو تازو، پراڻو شعر ٻڌائي، هيانءَ جي باهه ماريندا هيا. ۽ سندس نڪور شاعريءَ تي به ٻه ٽي ٽهڪ ڏئي واه! واه ڪندا راهي ٿيندا هيا.

سندس دوڪان جي ڀتين تي جيڪڏهن ڪو نظر ڦيرائيندو هيو ته سندس اهلِ ذوق هجڻ جي شاهدي ملندي هئي، وڏن سفيد پاٺن تي شاه عبدالطيف ڀٽائي، سچل سرمست کان وٺي شيخ اياز تائين، جنهن جو به شعر کيس وڻيو، لکرائي، ڀتين تي هڻائي ڇڏيو هيائين. سندس ٻه چو سٽا به ڀتين تي لڳل هوندا هيا.

گدائي به پهتي اميرن جي گهر
ٿيو جيئري ئي مسڪين اهلِ ممات
پنڻ به غريبن کان کسجي ويو
وٺي ٿو وڏيرو عشر و زڪات
                                *

مزو زندگي مان ڇڏائي ويو
ٻين لاءِ زنده ٿو رهڻو پوي
رهي آدميت نه آهي ڪٿي
لڳي واءُ جيڪو ٿو هلڻو پوي.

لقمان حڪيم جولاءِ ۱۹۲۹ع لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ’سوني جتوئي‘۾ پيدا ٿيو. لاڙڪاڻي مان سنڌي فائنل جا ست درجا پڙهيو. پنهنجي مامي ۽ سهري مولوي محمد کوکر کان عربي ۽ پارسي جا درس به ورتائين اهو ٻڌائيندو  هلجي ته لاڙڪاڻي ضلعي جي ديني مدرسن ۾ مولوي محمد کوکر عربي ۽ پارسي جو برک عالم ليکيو ويندو  هيو.

لقمان حڪيم ڪجهه وقت صحافت جي شعبي سان به سلهاڙيل رهيو. ڪراچي مان شايع ٿيندڙ هفتي وار اخبار”الحيدر“ جي سنڌي شعبي جو ايڊيٽر ٿي رهيو. جنهن ۾ لاڙڪاڻي جي سڀن نون اديبن جي شاعري ۽ ڪهاڻيون به ڇپرايائين. منهنجي به هڪ ڪهاڻي ”بوٽ“ ڇپرائي هيائين. اُن کان سواءِ ڪامريڊ جمال الدين بخاري جي هفتيوار اخبار”انصاف“ جي ادبي صفحي جو به  انچارج رهيو.

لقمان حڪيم کوکر جيڪو نه صرف مزاحيه شاعر هيو، پر پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن ۽ خود دار محنت ڪش هيو. اُهو جڏهن ۲۹ مارچ  ۱۹۹۲ع تي هن دنيا مان موڪلائي ويو ته ائين لڳو، ڄڻ ته لاڙڪاڻي جي ادبي حلقن مان نمڪيني، برجستگي ۽ شوخي موڪلائي وئي هجي، جي بچي هئي ته صرف تلخي ۽ توائي.


 

لقمان حڪيم

لاڙڪاڻي جو محبوب شاعر

فقير محمد سنڌي

دل سچ، دل ڪوڙ، دل وفا، دل دوکو،

ڪيڏو آهي اوکو، ماپڻ ماڻڻ پنھنجي من کي.

لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ لقمان حڪيم محبوب شاعر آهي، جنھن پنھنجي ڏات ذريعي لاڙڪاڻي جي شاعرن جي مِٽيءَ ۾ ساھ وڌو، اها ڳالھ صاف ظاهر آهي ته ڪافي شاعر آهن، جن ۾ لقمان حڪيم جو عڪس چِٽو نظر اچي ٿو.

خاموش طبيعت به پنھنجي مَنَ جي اظھار جي آزاديءَ کي ظاهر ڪري ٿي، خاموش انسان پھاڙ وانگر رعبدار هوندو آهي، جيئن چون ٿا ته لقمان حڪيم اڪثر ڪري خاموش رهندو هو ۽ ان خاموشيءِ سان ئي پنھنجي حلقي جي دوستن کي فرش کان کڻي عرش تائين ڪمال ڪاريگريءَ سان پھچايو پر پنھنجي زندگي ڪتابن جي بائيندنگ ۾ ٽاڪي مضبوط ڪري ڇڏي.

جيئڻ وڻ جو ٿـُڙ زمين ۾ مضبوطيءَ سان پنھنجي جڳھ والاريندو آهي، ائين ئي لقمان حڪيم لاڙڪاڻي جي شاعرن ۾ استاد شاعر جو رتبو ڪمال سان حاصل ڪيو آهي. استاد لقمان حڪيم لاءِ ڪجھ تعريفي سِٽون ته:

تون بلڪل چنڊ وانگر آهين،

هوبه سھڻو آ، تون به سھڻون آن،

هو به روشن آهي، تون به روشن آن،

هو آسمان تي سڀ کان الڳ،

تون دنيا ۾ سڀ کان نرالو.

بس فرق صرف ايترو آهي، تون لاڙڪاڻي جو استاد لقمان حڪيم آهين ۽ ٻيو دنيا جو لقمان حڪيم آهي. دنيا جي لقمان حڪيم جي تاريخ ۾ ڪافي تضاد ملن ٿا، پر لاڙڪاڻي جي لقمان حڪيم جي تاريخ ۾ ڪڏهن به تضاد شامل نه ٿي سگهندو، ڇاڪاڻ ته هِن جي شاگردن جو تمام وسيع حلقو موجود آهي.

نيلسن منڊيلا کان ڪنھن انٽرويو ڪندي پڇيو هو ته مفڪر ۽ سياستدان ۾ ڪھڙو فرق آهي؟ ته نيلسن ڏاڍو سھڻو جواب ڏنو ته “سياستدان جي نظر سدائين ايندڙ اليڪشن تي، جڏهن ته مفڪر جي نظر ايندڙ نسلن مٿان هوندي آهي. ”

توهان ادب کي جيترو به ورهائيندؤ اوترو اوهان جو نالو روشن ٿيندو، سٺن ماڻهن کي ياد رکڻو نٿو پوي، اهي خود ئي ياد اچي ويندا آهن. سچو قلمڪار ۽ فنڪار پنھنجي ڌرتيءَ تي پنھنجي ماڻهن لاءِ تمام گهڻا سوال ۽ تجربا ڇڏي ويندو آهي. اهو ان لاءِ ته هن کي پنھنجي ڌرتيءَ ۽ قوم سان ايترو عشق هوندو آهي جيترو ابھم ٻارڙي کي پنھنجي ماءُ سان.

ارسطو چيو ته، “شاعري، سڀني لکڻين کان وڌيڪ حڪمت واري شيءِ آهي. شاعر ۽ بادشاھ روز روز پيدا ڪونه ٿيندا آهن.” استاد شاعرن کي ياد ته ڪيون ٿا، ان لاءِ اسان کي ڪوشش اها به ڪرڻ گهرجي ته انهن استاد شاعرن جي حوالي سان تاريخي هنڌ ڳولي انهن لاءِ منسوخ ڪجن.

شاعر اديب، عالم، سياستدان پنھنجي شھرن، قومن لاءِ تاريخ جو حوالو بڻجندا آهن. ان لاءِ استاد لقمان حڪيم کوکر لاءِ لاڙڪاڻي شهر جو ڪو روڊ، چونڪ يا ڪو باغ نالي ڪجي.

لقمان حڪيم جي شاگردن ۽ دوستن جو حلقو تمام وسيع آهي پر ڏک جي ڳالھ اها آهي موصوف جو مواد ڪتابي صورت ۾ هن مھل تائين اچي ڪونه سگهيو آهي. دنيا کي بهترين شيون ڏيو، ته توهان کي به موٽ ۾ سٺيون شيون ملنديون. توهان پنھنجي من جي موج کي پنھنجي دل جي ڪناريءَ تائين ته آڻي ڏسو، پوءِ ڏسو ته هيءَ دنيا ڪيتري حسين تر آهي.

آخر ۾ ڀٽائي سرڪار جي هنن سِٽن سان ته:

عاشق سي چئجن، جن تي عاشق پاڻ ٿيو،

اهڙي رنگ رچن، سي عاشق معشوق ٿيا.

(شاھ سائين)

 

(ڏھاڙي ارادو لاڙڪاڻو ۾ ۲۹ مارچ ۲۰۲۲ع ڇپيل)

 

No comments:

راءِ ڏيندا