; سنڌي شخصيتون: ارباب امير حسن - مير نادر علي ابڙو

10 December, 2012

ارباب امير حسن - مير نادر علي ابڙو


ارباب امير حسن
جنھن جي لاڏاڻي تي هر اک آلي ھئي
مير نادر علي ابڙو
ٿر جو هڪ مهان تاريخ ساز انسان، جنهن جي جيءَ ۾ ٿري ماروئڙن جي دردن ۽ تاريخ جا بيشمار باغ سمايل هئا. اهو چهرو ڪلهه يادن جا اڻميا باب ڇڏي جيري جي ڪينسر وگهي، ڪراچي جي آغا خان اسپتال ۾ زندگي ۽ موت سان ويڙهاند ڪندي هن ڀلاري مهيني رمضان شريف ۾ پنهنجي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو. ارباب امير حسن جي لاڏاڻي تي سموري ٿر جي سياست سانت ٿي چڪي آهي. هن کي سياسي حوالن سان فيصلن ڪرڻ جو  تمام وڏو ڏانءُ حاصل هو. سندس بهادري کي ڏسندي هتي جي رهواسين کيس ٿر جي بي تاج بادشاهه جي نانءُ سان نوازيو. پاڻ بزرگ سياستدان هجڻ سان گڏ، نهڙيا برادري جو سردار هو. کيس ٿر جي سياست تي تمام گهڻو عبور حاصل هو. ڪڏهن ڪنهن آڏو ڪونه جهڪيو، مختلف وقتن ۾ ايم اين اي به رهيو. سندس شمار سياسي ماڻهن ۾ مٿانهين ڪيٽيگري ۾ ڪيو ويندو هو. ٿر جي راڄن ڀاڳن جا فيصلا پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڪندو هو. ٿر جي ارباب سياست ۾ کيس تمام وڏي اهميت حاصل هئي. سندس لاڏاڻي جي خبر بعد سموري ٿر ۾ سوڳوار ماحول ڇانيل نظر ٿو اچي. مون کي اهو ٿو محسوس ٿئي ته ٿر سياسي حوالي سان اڄ محروم بڻجي چڪو آهي، پاڻ انتهائي اعليٰ شخصيت جو مالڪ هو. ماڻهو کيس دلين ۾ جايون ڏيندا هئا، سندن قرب سان ۱۹۶۰ع کان ۱۹۷۰ع تائين ۱۰ سال ڪلوئي يونين ڪائونسل جو چيئرمين رهيو. تنهن بعد ۱۹۷۰ع جي ڏهاڪي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي دؤر  ۾ مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان سنڌ مان صرف ٻن ايم پي ايز طور چونڊ کٽندڙ ۾ سندس شمار ڪيو ويو. انهيءَ کان علاوه پاڻ پراڻي ٿر پارڪر مان ايم پي اي چونڊاڻو. ۱۹۸۰ع ۾ جنرل ضياءُ الحق جي مجلس شوريٰ جو ميمبر رهيو. تنهن بعد ۱۹۸۵ع ۽ ۱۹۸۸ع ۾  ٿر جي واحد قومي اسيمبلي جي سيٽ اين اي ۱۷۶ تان ٻه ڀيرا آزاد ايم اين اي بڻيو. سندس لاڏاڻي بعد اولاد ۾ پنج پٽ ارباب نعمت الله، ارباب امان الله، ارباب لطف الله، ارباب محمد عالم، ارباب انعام الله ۽ ٻه بيواهون آهن. سندس ٽي ڀائر آهن، جن ۾ اڳوڻو وڏو وزير ارباب غلام رحيم، ايم پي اي ارباب حاجي  عبدالله، يوسي ڪلوئي جو ناظم ارباب عبدالخالق ۽ ٻيا شامل آهن. سندس ٿر جي حوالي سان خدمتون ڪنهن کان به ڳجهيون نه آهن. آئون جڏهن ٿرپارڪر ضلعي جو سرڪل آفيسر هئس ته مون کي دلين ۾ جايون ڏيندي چوندو هو ته تون منهنجي ڀاءُ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو فرزند آهين ۽ هن سان اسان جا گهرا ناتا هئا. پاڻ بابا جي شخصيت کان تمام گهڻا متاثر هوندا هئا ۽ اڪثر ڪچهرين ۾ سندن مثال ڏيندا هئا ۽ مون کي به جيڪا محبت هن وٽان ملي تنهن کي آئون لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهان. اسان جو پاڻ ۾ روحاني رشتو سمايل هو. مون سان جڏهن ۽ جتي به مليو انتهائي پرجوش نموني ڀاڪر ڀائي کلندي مليو. ڳالهائڻ لاءِ ويهندو هو ته لفظ هن جا محتاج ٿي ويندا هئا ۽ هو ڳالهائيندو ئي رهندو هو، ڪلاڪن جا ڪلاڪ بحثن ۾ کٽي ويندا هئا. مون کي اڪثر اها ڳالهه چوندو هو ته نادر پٽ تو لاءِ کيتلاري جا دروازا هميشه لاءِ کليل آهن. سندس وٽان جيڪا محبت ملي، اها آئون جيون ڀر وساري نٿو سگهان. سندن لاڏاڻي بعد ٿر جي سياسي ميدان ۾ تمام وڏو خال پيدا ٿيو آهي ۽ وري اهڙو انسان جيڪو قرب ۽ محبتون ورهائي اهو شايد ٿرين کي نه ملندو. سندن جيءَ ۾ ٿرين جا مسئلا ۽ ان جا دردِ داستان سمايل هوندا هئا، ان جو خواب هو ته ٿر جديد ٿر بڻجي ۽ هتي جي ماروئڙن کي جيون جي هر سهولت ميسر هجي.


 اڄ سندن تڏو ڳوٺ کيتلاري ۾ وڇايو ويو آهي، جتي سندس يادون تازه پيون ڪيون وڃن پر ٿر جا دڙا ۽ ڀٽون سوڳوار آهن، ڇو جو انهن جي رکوالي ڪندڙ انهن کان الڳ ٿي چڪو آهي. سمورا شهر سوڳ ۾ بند، هر اک آلي، آب هاري ارباب امير حسن کي ٿي ساري، ته هو انهن کي اڪيلو ڇو ڪري ويو پر موت برحق آهي، سو اچڻو آهي سو ايندو.
ارباب امير حسن پنهنجي حصي جو ڪم ٿرين لاءِ ڪري ويو، انهيءَ جي ڪاڄ کي اڳتي وڌائڻ اسان سڀني تي فرض ٿو ٿئي.

(سنڌو، تعمير سنڌ، هلال پاڪستان، خبرون، مهراڻ، سوڀ، هلچل، فيصلو، سنڌ)

No comments:

راءِ ڏيندا