; سنڌي شخصيتون: سرڳواسي گنگارام هريجن - ناصر بلوچ

07 December, 2012

سرڳواسي گنگارام هريجن - ناصر بلوچ


سرڳواسي گنگارام هريجن
يڪتا فنڪار
ناصر بلوچ
هن ڌرتي تي قدرت جا عجب رنگ آهن، ڪيئي گدڙي ۾ لعل لڪل آهن، جيڪي معاشري جي بي حسي جو شڪار بڻجيو وڃن. اهو سلسلو ازل کان هلندو اچي ۽ عدم تائين جاري رهندو. اڄ اسين تلهار جي اهڙي ئي عظيم فنڪار کي ياد ڪري رهيا آهيون، جنھن سڄي ڄمار معاشري جي عدم توجهي جو شڪار رهي ۽ غربت ۾ پرلوڪ پڌاريو.


سرڳواسي گنگارام هريجن زبردست چترڪار، ڊرامه نويس، هارمونيم جو ماهر، ڳائڻو، هدايتڪار ۽ ڪلاڪار هو، جنهن ڪيترائي ڊراما پاڻ لکي پيش ڪيا. چترڪاري ۾ پينسل ورڪ توڙي ڪلر جو استعمال خوبصورتي سان ڪندو هو. سندس تصويرن پوري پاڪستان مان ماڻهو خريد ڪرڻ ايندا هئا ۽ ٻين ملڪن جا ماڻهو جن ۾ ايران، فرانس، جرمني ۽ آمريڪا ۽ آفريقا شامل آهن پڻ وٺي ويندا هئا.
گنگارام ۱۹۲۵ع ۾ تلهار جي راءِ سنگهه هريجن جي گهر ۾ جنم ورتو. غربت سبب فقط پنج درجا تعليم حاصل ڪري سگهيو ۽ پيٽ پالنا لاءِ درزڪو ڌنڌو اختيار ڪيائين. هو ننڍي هوندي کان ئي تخليقي ذهن جو مالڪ هو. کيس تصويرون ٺاهڻ، فن موسيقي، آرٽ ۽ ادب سان گهرو لڳاءُ هو. هارمونيم جي سکيا، تلهار جي مشهور استاد گويا سنگهه خالصي کان ورتائين، جيڪو تلهار ۾ اهڙو ڪلب هلائيندو هو.
گنگارام ڳائڻ جو فن، استاد مولچند ڀڳت کان حاصل ڪيو. پارٽيشن بعد، جڏهن اهي فنڪار ملڪ ڇڏي ويا ته گنگارام لاءِ اهو وقت ڏاڍو ڏکيو هو. هو فن جي تسڪين لاءِ، شام جو اسڪولن ۾ چوياري گڏ ڪري ڳائيندو هو.
هن اٽڪل ۶۰۰۰ تصويرون ٺاهيون. جنهن ۾ مشهور ڳائڻي لتا منگيشڪر، هندستان جا مشهور فلمي ايڪٽر ۽ ايڪٽريس، ملڪ جا مشهور ماڻهو شامل آهن. اھي ملڪان ملڪ مشهور ٿيون. سمن سرڪار جي مشهور درويشاڻي تصوير، جيڪا اڄڪلهه عام جام نظر اچي ٿي، سا سندس تخليق آهي. اهڙيءَ طرح ۱۹۷۵ع ۾ لاڙ ۾ تعليم جي باني مير غلام محمد ٽالپر جي ياد ۾ ڇپرايل ڪئلينڊر تي لڳل تصوير به سندس فن جو شاهڪار آهي.
هڪ غريب شخص هجڻ ڪري هو معاشري جي طاقتور طبقن جو نشانو پڻ بڻيو. پر هن ڪڏهن به دل نه لاٿي. فن ۽ ڌرتيءَ سان ناتو نڀايائين. فن سبب، ماڻهو کي عزت به ملي ٿي ۽ انهيءَ فن صدقي ۱۹۷۵ع ۾ مٿس جڏهن فالج جو حملو ٿيو ته ڊاڪٽر لعل شاهه بخاري، سندس مفت علاج ڪيو. انهيءَ فالج، سندس گلي کي اثر انداز ڪيو. تنهن بعد کيس سيني ۾ ڌڪ لڳو ۽ ۱۹۷۶ع ۾ بس حادثي ۾ زخمي ٿيڻ ڪري، سندس صحت ۽ آواز متاثر ٿيا. جنھنڪري هو ڳائڻ جي قابل نه رهيو.
جيئن ته ذڪر ٿي چڪو آهي ته هو ڊرامه نويس، ڊائريڪٽر ۽ فنڪار به هو، هن ڪيترا ئي ڊرامه لکي ڊائريڪٽ ڪيا، جن ۾ ”ديکا جائي گا“ ۽ ”سلطنت“ شامل آهن. اسماعيليه جماعت تلهار طرفان مختلف خوشي جي موقعن تي ٿيندڙ پروگرامن ۾ هو ڊائريڪشن به ڏيندو هو ۽ حصو به وٺندو هو. سندس طرفان ۱۹۶۶ع ۾ پيش ڪيل ڊرامي ”مغل اعظم“ کي ماڻهو اڃا تائين ياد ڪندا آهن. انهيءَ ڊرامي جون ڊريسون به هن پاڻ ٺاهيون ھيون.
گنگارام وڏي پايه جو فنڪار هو. ڪنهن ترقي يافته معاشري ۾ پيدا ٿئي ها ته وڏو اوج ماڻي ها. ليڪن هن معاشري جي بي حسيءَ سبب، هيءُ فنڪار ۱۹۸۲ع ۾ فالج جي بيماري سبب غربت ۾ گذاري ويو.
گنگارام جا ٻه پٽ؛ موهن ۽ گيلو، اڃا به تلهار ۾ رهن ٿا ۽ ڀرت جا بهترين ڪاريگر آهن. پر نه پيءُ جو فن سکيا ۽ نه ئي سندس ٺاهيل شاهڪار تصويرون محفوظ ڪري سگهيا، جا تمام افسوس جي ڳالهه آهي. اهو هنن، شايد معاشري جي ناقدري سبب مايوس ٿي، ائين ڪيو آھي.

No comments:

راءِ ڏيندا