علي احمد بروهي
اسان جو بزرگ
مير نادر علي ابڙو
علي
احمد بروهي سان منهنجو واسطو ننڍپڻ کان وٺي هئو جڏهن منهنجو والد ڪامريڊ تاج محمد
ابڙو مون کي آڱر کان وٺي علي احمد بروهي وٽ ڪچهريون ڪرڻ لاءِ ويندو هئو. علي احمد
بروهي منهنجي والد جي پراڻن دوستن منجهان هڪ هو. بروهي صاحب سان منهنجي گهڻي ڀاڱي
ٽيليفون تي ئي ڪچهري ٿيندي هئي، جڏهن به زندگي ۾ مون کي ڪا تڪليف پهتي ته مان کيس
ٽيليفون تي ياد ڪندو هوس ۽ هو يڪدم منهنجي داد رسي ڪندي چوندو هو ته “من فڪر نه
ڪريو اسان جو اوهان جا بزرگ ويٺا آهيون.”
سندس اهو هڪڙو جملو هانوَ تي ڇنڊو وجهندو هو ۽
احساس ٿيندو هو ته والد جي وفات کانپوءِ به مان ننڌڻڪو ڪو نه آهيان ۽ وڏي وڻ جي
ڇانو اڃا برقرار آهي. قدرتي طور هن جي مزاج ۾ ننڍن کان ننڍو ۽ وڏن سان وڏو واري
ڳالهه سمايل هئي. ڀلي کڻي بيمار هجي يا مصروف پر ٽيليفون تي ضرور ڳالهائيندو هو.
سنڌ
جي هن جهوني ڏاهي ۱۹۲۰ع تي
ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ جي تعلقي اوٻاڙي جي ننڍڙي ڳوٺ کنڀرا ۾ اک کولي، شروع کان ئي محنت
۽ علم سان شوق رکيائين. پرائمري تعليم ڳڙهي ياسين ۾ حاصل ڪيائين. ۱۹۴۰ع ڌاران سنڌ جي وڏي درسگاهه سنڌ مدرسي ڪراچيءَ مان ميٽرڪ
جي تعليم حاصل ڪيائين ۽ ميٽرڪ ۾ سٺين مارڪن سان پاس ٿي نڪتو. ۱۹۴۱ع ڌاران بحري فوج ۾ ڀرتي ٿيو. ۱۹۴۶ع ڌاران ممبئي رائل انڊس نيوي ۾ ڪم ڪرڻ دوران سمنڊ ۾
بيٺل جهازن ۽ ڀرپاسي جي اڏن تي برطانيا حڪومت سان بغاوت جي الزام ۾ کيس چار سال
سزا پڻ ملي ۽ ملڪ جي آزادي کان پوءِ ۱۹۴۷ع ۾ ان جي سرڪار خلاف تحريڪ هلائڻ ۽ بغاوت جي ڪيس مان
جان آجي ٿيس.
۱۹۵۰ع تائين ڪافي
اخبارن ۾ لکندو رهيو جنهن دوران ۱۹۵۰ع ۾ هڪ مضمون
لکڻ عيوض سندس خلاف گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا ويا، انهيءَ کانپوءِ وري مختلف کاتن ۾ سرڪاري نوڪريون ڪندو رهيو.
شيخ سلطان ٽرسٽ جو چيئرمين پڻ رهيو. جتان آخر ۾ رٽائر ڪيائين.
سنڌ
جي هن ڏاهي ڪافي مشهور ۽ معياري قسم جا سنڌ جي عوام کي ڪتاب پڻ لکي ڏنا ۽ ان کان
علاوه هزارن جي تعداد ۾ اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون ۽ ڪالم لکندو رهيو. مختلف سرڪاري
عهدن دوران سرڪاري طرح دنيا جي ڪافي ملڪن جا دورا ڪيائين، جن ۾ آمريڪا، چين،
ملائيشيا، اٽلي، فرانس، انگلينڊ ۽ ٻيا شامل آهن. ۱۹۴۶ع کان ۱۹۴۷ع دوران نيوي ۾ بغاوت ڪيس ۾ هندوستان جي مختلف جيلن جي
ياترا پڻ ڪيائين.
۱۹۴۷ع ۾ سنڌي اخبار قربانيءَ ۾ نوڪري ڪيائين. پير علي محمد
راشدي ۽ جي ايم سيد سندس ويجها دوست هئا، تن ئي کيس صحافت جي دنيا ۾ آندو. ۱۹۵۲ع ۾ جوشيلا مضمون ۽ ڪالم لکڻ جي ڪري سندس گرفتاريءَ جا
وارنٽ جاري ٿيا، جنهن ڪري سکر مان فرار ٿي خيرپور رياست ۾ روپوش ٿي ويو، جتي
خيرپور اسٽيٽ جو وزيراعظم قزلباش هو، جنهن هن سنڌ جي ڏاهي کي مڃتا ڏيندي پنهنجو
اطلاعات جو آفيسر مقرر ڪيو ۽ بعد ۾ ۱۹۵۵ع ۾ ون يونٽ ٺهڻ دوران علي احمد بروهي جون خدمتون خيرپور
رياست مان حڪومت حوالي ڪيون ويون ۽ حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اطلاعات
رهيو. ۱۹۵۷ع ۾
ڪميشن پاس ڪري لاهور ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي حيثيت سان مقرر ڪيو ويو ۽ ملڪ اندر سياحت
کاتي جي پهرين ڊائريڪٽر طور تعيناتي ٿيس. جنهن دوران سياحت کاتي ۾ بهتر ڪم ڪرڻ
لاءِ حڪومت کيس تربيت هيٺ لنڊن موڪليو . بروهي صاحب کي مختلف وزيرن جي پي آر او،
رهڻ دوران انهن سان اختلاف ٿي وڃڻ سبب سردين ۾ ڪوئيٽا ۽ گرمين ۾ ملتان موڪليو
ويندو هو.
علي
احمد بروهي کي ۱۹۷۰ع ۾
اطلاعات کاتي ۾ ڊائريڪٽر پبلڪ رليشن سنڌ بڻايو ويو. ۱۹۷۲ع ۾ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽو سان اختلاف ٿيڻ ڪري
بروهي صاحب کي نوڪري مان ڪڍيو ويو. ۱۹۷۸ع ۾ علي احمد بروهي کي مارشلا حڪومت ۾ وري سڏايو ويو ۽
کيس ڊائريڪٽر جنرل ريفرنس اينڊ ريسرچ ڪري مقرر ڪيو ويو ۽ بعد ۾ جلد ئي سيڪريٽري
اطلاعات سنڌ مقرر ڪيو ويو، پر پنهنجي ارڏي طبيعت اصولن تي سوديبازي نه ڪندي، وري
هميشه جيان چيف سيڪريٽري سنڌ سان اختلافات چوٽ چڙهڻ ڪري رٽائرمينٽ حاصل ڪئي ۽
رٽائرمينٽ بعد ۱۹۸۰ع کا
ن ۲۰۰۱ع
تائين شيخ سلطان ٽرسٽ جو ايڊمنسٽريٽر طور ذميواريون سنڀاليندو آيو.
عمر جي آخري حصي ۾ الطاف حسين کان متاثر ٿي سن ۲۰۰۱ع ۾ متحده قومي موومينٽ ۾ شموليت اختيار ڪيائين ۽ متحده
جي رابطا ڪميٽي جو ميمبر ٿيڻ کان پوءِ کيس ريسرچ اينڊ ايڊوائيزري ڪائونسل ۾ شامل
ڪيو ويو، آخري گهڙي تائين متحده سان واڳيل رهيو. سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي وچ ۾
هڪ پل وارو دوستاڻو اهم ڪردار ادا ڪيو.
علي
احمد بروهي جهڙا انسان ڌرتي صدين کانپوءِ پيدا ڪندي آهي. سندس اکين ٻوٽڻ کان پوءِ
پيدا ٿيل خال ڀرڻ پري پري تائين ڏاڍو مشڪل ٿي پيو آهي. سنڌ جي هن سپوت جون ڪيل
خدمتون سنڌ جي تاريخ سنهري لفظن ۾ صدين تائين سانڍيندي ايندي. اهڙا شخص ئي سنڌ جي
روايتن جا امين آهن ۽ اسان جي نوجوان ٽهي لاءِ مشعل راهه آهن.
(سنڌ، خبرون، مهراڻ،
سچ، هلال پاڪستان، سنڌو، هلچل)
علي احمد بروهي
مصطفيٰ ملاح/ ڪراچي
دانشور
۽ ليکڪ علي احمد بروهي چاهيو ٿي ته اڃا هو ڪجهه سنڌي ماڻهن لاءِ تحقيقي ڪتاب لکي ۽
تقريرن ذريعي سنڌ جي اهميت متعلق ٻڌائي. انهن کي ڪوڙين، ڪڌين ريتن، رسمن، ڪارو ڪاري،
عورتن مٿان ٿيندڙ ظلمن، سنڌي نوجوانن جي بيروزگاري مان جان آجي ڪرائڻ بابت ڪجهه ٻڌائجي،
پر موت کيس وڌيڪ اجازت نه ڏني. موت بر حق آهي.
هن
عمر جي آخري ڏهاڙن ۾ درگاهه عبدالله شاهه غازي ڪراچي ۾ ٻن قبرن لاءِ؛ پنهنجي ۽
پنهنجي زال لاءِ، زمين پڻ خريد ڪري ورتي هئي. هر هفتي، خريد ڪيل قبر لاءِ زمين ۾
چانور ۽ ڪڻڪ پڻ رکي ايندو هو ته جيئن اتي ڪيڙا ماڪوڙا اچن، انهن کي کائين ۽ پاڻ ڪڏهن
ڪڏهن خريد ڪيل قبر ۾ پڻ لهي سمهي ڏسندو هو ته مرڻ کانپوءِ لاش آسانيءَ سان هن ۾
ايندو به يا نه.
مرحوم
علي احمد بروهي جو آخر تائين آواز رعبدار ۽ ڪڙڪ هوندو هو. پنهنجي تقريرن ذريعي سڀني
ماڻهن کي متوجہ ڪرائي وٺندو هو. ڪڏهن ڪڏهن تقرير دوران جذباتي پڻ ٿي ويندو هو ۽ هر
تقرير ۾ سمجهاڻي ۽ مثال مزاحيہ لطيفن ذريعي پڻ ڏيندو هو.
علي
احمد بروهي ۲۰ نومبر ۱۹۲۰ع تي ڳوٺ کنڀڙا (تعلقو اوٻاڙو، ضلعو سکر ھاڻي ضلعو گھوٽڪي
ائٽ ميرپور ماٿيلو) ۾ اک کولي. هن ۲ شاديون ڪيون، جن مان ۴ نياڻيون
۽ ۲ پٽ ٿيا. ڪراچي ۾ ۱۹۳۶ع ڌاري
رهائش اختيار ڪيائين.
اهڙيءَ
طرح ۱۹۴۰ع ۾ سنڌ مدرسي ڪراچي مان مئٽرڪ ڪيائين. سال ۱۹۴۱ع ۾
فوج ۾ ڀرتي ٿيو پر ٿورو عرصو نوڪري ڪرڻ کانپوءِ اها نوڪري ڇڏي ڏنائين. هو ۱۹۵۰ع ڌاري،
شڪارپور ۾ استاد مقرر ٿيو.
لکڻ
پڙهڻ جو شوق کيس شروع کان ئي هوندو هو. سال ۱۹۵۱ع ۾
سکر مان نڪرندڙ هفتيوار ”قرباني“ اخبار جوائن ڪئي. ان کانپوءِ انفارميشن کاتي ۾ نوڪري
ڪيائين. سال ۱۹۵۹ع ۾، کيس لاهور
۾ ڊائريڪٽر انفارميشن ڪري موڪليو ويو. سال ۱۹۶۰ع ڌاري کيس انفارميشن
کاتي مان بدلي ڪري ڪلچر ۽ ٽوئرزم ويسٽ پاڪستان ۾ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. هن کان ٻيهر
۱۹۶۱ع کان ۱۹۶۷ع ۾ ڊائريڪٽر انفارميشن طور خدمتون ورتيون ويون. انهيءَ
دوران علي احمد بروهي ڪراچي، حيدرآباد، ملتان، ڪوئيٽا ۾ رهيو. سال ۱۹۶۸ع ۾
علي احمد بروهي جو ٻيهر کاتو تبديل ڪري کيس ڊائريڪٽر پريس ۽ فلم ۾ رکيو ويو، پوسٽنگ
لاهور ۾ رکي وئي. اهڙيءَ طرح لاهور ۾ ٿورڙو عرصو رهڻ کانپوءِ، کيس ۱۹۷۰ع ڌاري
ڊائريڪٽر پبلڪ رليشن سنڌ مقرر ڪيو ويو. ڪجهه سالن کانپوءِ کيس نوڪريءَ مان فارغ ڪيو
ويو، جنهن جو ڪو به سبب نه ڄاڻايو ويو هو. هن همت نه هاري ۽ قانوني طريقي سان ويڙهه
وڙهندو رهيو. آخرڪار ڪيس کٽي ويو.
سال ۱۹۷۷ع ۾
سندس نوڪري بحال ٿي وئي ۽ کيس ڊائريڪٽر جنرل ريسرچ لاهور ۾ مقرر ڪيو ويو هو. ان
کانپوءِ ۱۹۷۸ع ۾ کيس سيڪريٽري اطلاعات، حڪومت سنڌ، جون ذميواريون
سونپيون ويون. هن کي آخري ڏهاڙن ۾ نوڪري ڪرڻ ۾ مزو نه آيو ۽ پاڻ ۱۹۸۰ع ۾
رٽائرمينٽ ورتائين.
علي
احمد بروهيءَ ۱۲ ڪتاب
لکيا. پاڻ مهمان نواز هو. هر گهر اچڻ واري کي گفٽ طور، پنهنجو لکيل ڪتاب ڏيندو ۽
پاڻ ان مهمان کي ٻيهر اچڻ جي دعوت پڻ ڏيندو هو. علي احمد بروهي ۳۰
نومبر ۲۰۰۳ع تي اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي درگاهه حضرت عبدالله
شاهه غازي رحه ڀرسان آرامي ٿيو.
(ڏھاڙي
ڪاوش حيدرآباد ۾ ۳۰ نومبر ۲۰۱۱ع تي
ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا