; سنڌي شخصيتون: برڪت علي بلوچ - مير نادر علي ابڙو

10 December, 2012

برڪت علي بلوچ - مير نادر علي ابڙو


برڪت علي بلوچ
نامور قانوندان
مير نادر علي ابڙو
مان پاڻ کي دنيا جو تمام وڏو خوشنصيب سمجھندو آهيان ڇو جو مون کي منهنجي والد جي مشهور اوطاق تي ملڪ جي چوٽيءَ جي سياستدانن، اديبن، ججن، سردارن، سماج سڌارڪن ۽ نامور دانشورن ۽ ڏاهن شخصيتن سان ڪچهرين ۾ گڏ ويهڻ جو ننڍپڻ کان ئي موقعو مليو. اهڙين ئي شخصيتن منجھان هڪ بابا سائين جو پراڻو دوست برڪت علي بلوچ به هئو. برڪت علي بلوچ جو والد غلام رسول جاگيراڻي قبيلي جا ڪيس بابا سائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو اصيل هئو ۽ پنهنجي ڳوٺ توڙي جاگيراڻي قبيلي جا ڪيس بابا سائين کي ئي ڏياريندو هئو. تنهن ڪري چاچي برڪت علي سان منهنجو ناتو منهنجي ڄمڻ کان اڳ جو هئو. ۱۹۷۸ع ڌاران بابا سائين جڏهن سيشن جج جيڪب آباد مقرر ٿيو ته مان شام جو روز سندس گھر سندس ننڍي ۽ دادلي فرزند سرفراز علي سان راند کيڏڻ ويندو هئس. چاچي برڪت علي کان جيترو پيار سندس دادلي فرزند سرفراز کي ٿي مليو، اوترو ئي مون کي به ۽ وري خرچي ۾ به ڳالهه ساڳي ئي هوندي هئي. چاچي برڪت علي جو رب پاڪ اهڙو ته نوراني چهرو بڻايو جو پري کان پئي بزرگي ظاهر ٿيندي هئي، مٿان وري هلڪي ڏاڙهي اڃان به سندس شخصيت کي معتبر ٿي بڻايو. مون کيس جڏهن به ڏٺو تسبي جا مڻيا رب پاڪ جو ذڪر ڪندي اڳتي پوئتي ڪندي ڏٺا. سندس طبعيت اهڙي جو جڏهن به ملوس پيو مسڪرائيندو. مهمانوازيءَ ۾ سندس دسترخوان شيراز هيو.


جڏهن مان ڪجهه سال اڳ سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ جيڪب آباد مقرر ٿيس ته کيس سلام ڪرڻ ملاقات لاءِ سندس گھر ويس. مون کان پڇائين ڪٿي رهيل آهيان. يڪدم موٽ ۾ چوڻ لڳو، ’هي پنهنجو گھر هوندي سرڪاري بنگلي ۾ رهڻ جو مقصد ڪهڙو؟ هاڻي ئي سامان هتي کڻي اچ ۽ اچي هتي رهه. هي تنهنجو پنهنجو گھر آهي. نوڪرن جي هٿن جي ماني ٽڪي ۽ گھر جي ماني ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. بھرحال هو پنهنجي ڳالهه اڳتي ڪندو رهيو ۽ مان ٽال مٽول ڪندو رهيس. پاڻ جڏهن فيڊرل سروس ٽربيونل جو ميمبر ٿيو ته انهي دوران مختلف وفاقي کاتن سون جي تعداد  ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ملازمن کي نوڪري مان فارغ ڪري ڇڏيو. اهڙي موقعي تي ملڪ جي بي روزگار ٿيل نوجوانن جو آخري ڪرڻو برڪت علي بلوچ ئي ثابت ٿيو. جنهن پنهنجي نوڪري داءُ تي لڳائي انهن سوين خاندانن جو وساميل چلهو ملازم بحال ڪري وري ٻاريو ۽ ڪنهن به طرح پٺتي پير ڪو نه ڪيو. هن جا واسطا سنڌ ۽ خاص ڪري بلوچستان جي سياسي، سماجي ۽ قانوني شخصيتن سان تمام گھڻا هئا. جن ۾ خاص ڪري مير ظفر الله جمالي، چوڌري افتخار، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، جسٽس هزار خان کوسو، جسٽس عبدالرزاق ٿهيم توڙي اڳوڻو وزير اعليٰ سنڌ سيد عبدالله شاهه وغيره سان هئا. اهو ئي سبب آهي جو کيس رٽائرمينٽ کان پوءِ به سنڌ توڙي بلوچستان جي اهم ۽ معتبر عهدن تي مقرر ڪيو ويو. پاڻ سنڌي توڙي انگلش ادب کي خوب پڙهيو. لکائين هڪ اکر به ڪونه پر پڙهيو به گھڻو ته ڪڙهيو به گھڻو. سندس گھر ۾ تمام سٺي قانون جي ڪتابن کان علاوه جنرل بڪس به وڏي تعداد ۾ موجود آهن. جڏهن به ساڻس ڪچهري ٿيون،  مان کائنس تمام گھڻو پرايو. پاڻ جڏهن ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج ڪوئٽه ٿيو ته مون کي ٿيو ته مون کي ڏاڍو زور ڀريائين ته گرميون مون وٽ ڪوئٽه گذاري وڃ. پر مان ڪوئٽه وڃي ڪونه سگھيس البت منهنجو ننڍو ڀاءُ حيدر علي ابڙو جيڪو پڻ مون جيان چاچي برڪت علي جو دادلو ۽ پيارو هئو سو اهو ڪوئٽه ويو. چاچي برڪت علي کيس پنهنجي ننڍي فرزند سرفراز سان گڏ بلوچستان جي مشهور ماڳن ۽ تفريح جون جڳهيون گھمايون. پاڻ جڏهن جڊيشل اڪيڊمي (هاءِ ڪورٽ) جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو ته سندس هٿ هيٺ صوبي بلوچستان جا بي شمار جج ٽريننگ ڪرڻ لڳا. جيڪي هاڻي ترقيون ماڻي عدليه ۾ وڏن عهدن تي فائز ٿي چڪا آهن. مان بي. اي، ايم. اي توڙي ايل ايل بي شاهه عبدالطيف يونيورسٽي مان ڪيم، جڏهن مون کي ڊگري وٺڻ جي سلسلي ۾ خيرپور ميرس وڃڻو پيو ته انهن ڏينهن ۾ چاچي برڪت علي جي بطور STA ڪورٽ جي جج جي مقرري ٿي هئي. مان ساڻس ڪورٽ ۾ ملڻ ويس جتي ڪافي دير ڪچهري رهي ۽ مون کي صلاح ڏيندو رهيو ته ايل ايل.بي ڪري، جلد وڪالت لاڙڪاڻي ۾ شروع ڪر، وڪالت ۾ تون تمام ئي گھڻو ڪامياب ويندين. پوءِ مون ڪئي به وڪالت ئي پر باوجود ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي توڙي اڳوڻي سفارتڪار عبدالرزاق سومري جو جونيئر وڪيل رهندي به منهنجي وڪالت ۾ دل ڪونه لڳي سگھي ۽ سرڪاري نوڪري جي تلاش شروع ڪيم.
پر چاچي برڪت علي جا لفظ اڃا به دل ۽ دماغ ۾ گونجندا آهن ته ’نوڪري نيچ، اتم کيتي، وڌندڙ واپار‘ پر مان پوءِ به سرڪاري نوڪري ورتي ۽ جڏهن مان اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن ميرپورخاص ڊويزن مقرر ٿيس ته انهن ڏينهن ۾ چاچو برڪت علي محتسب اعليٰ بدين مقرر ٿيو ۽ اهي سندس زندگي جا آخري ڏينهن هئا. انهن ڏينهن ۾ منهنجي ساڻس آخري ملاقات ٿي. کيس شروع کان ئي منهنجي نوڪري ڪرڻ واري ڳالهه ڪو نه ٿي وڻي پر چوڻ لڳو ته اگر وڪالت ڇڏي نوڪري ئي ڪئي اٿئي ته مان به تو وانگر پوليس آفيسر ٿيو هيس پر دل نه لڳي، سو نوڪري ڪو نه ڪيم. پر تون دل و جان ۽ شوق سان غريبن ۽ مسڪينن جي نوڪري ۾ رهي مدد ڪندو رهجانءِ، ڇو جو تنهنجو والد سنڌ جو عظيم شخص هو. تاج محمد ابڙي صاحب سڄي حياتي سنڌ جي پيڙهيل هاري طبقي ۽ بي پهچ مسڪين ماڻهن جي هڙان توڙي وڙان خدمت ڪندي زندگي گذاري ڇڏي، انهي جي اصولن کي مشعل راهه رکندي نوڪري ڪندو رهه ته انشاءَ الله تون پوليس جھڙي کاتي ۾ به ڀرپور ڪاميابي ماڻيندين.
چاچي برڪت علي جھڙي وڏي شخصيت لاءِ هي منهنجا ڪجهه جملا انهي جي وڏي شخصيت آڏو ڪجهه به ڪين آهن پر پوءِ به سندس ياد ته تازي ڪن ٿا.

No comments:

راءِ ڏيندا