; سنڌي شخصيتون: ڌرم داس راجاڻي - گل حسن جانوري

16 December, 2012

ڌرم داس راجاڻي - گل حسن جانوري


ڌرم داس راجاڻي جو انٽرويو
هوميوپيٿڪ جي ماهر ڊاڪٽر جو عبرت لاءِ ڏنل
ڳالهه ٻولهه: گل حسن جانوري
ڊاڪٽر ڌرم داس راجاڻي بنيادي طور سٺو آبادگار آهي. هن وقت سنڌ آبادگار بورڊ ضلعي دادو جو صدر آهي. سماجي شخصيت سان گڏ رائيس ملرس ايسوسيئيشن جو ڏهه سال مرڪزي جنرل سيڪريٽري رهيو ۽ ان جو بنيادي ميمبر پڻ آهي. سياسي حوالي سان 1984ع ۾ ٽائون ڪاميٽي ۾ اقليتي ميمبر ٿيو. هيومن رائيٽس ڪميشن جو ويهن سال کان ميمبر آهي ۽ انهن جا حيدرآباد ۾ ٿيندڙ پروگرام اٽينڊ ڪندو رهيو آهي. ميڪينيڪل انجنيئر پڻ آهي. ايجوڪيشن جي وجيليئنس ڪاميٽي دادو جو سرواڻ رهيو. هندو پنچائت ضلعي دادو جو صدر پڻ رهيو.


هن وقت سندس گهڻو لاڙو هوميوپيٿڪ طرف آهي. جتي هو روزانو ماڻهن جي بنا لالچ جي خدمت ڪندو رهي ٿو. عبرت پاران سندس کان سوال ڪيو ويو ته هو هوميوپيٿڪ طرفان ڪيئن آيو؟ ته جواب ڏنائين ته مان پنهنجي والد سيٺ گيان چند کان متاثر ٿي هن فيلڊ ۾ آيس ڇاڪاڻ ته منهنجو والد هوميوپيٿي جو گريجوئيٽ ڊاڪٽر هو. جڏهن سنڌ ۾ هوميو پيٿي جو نانءُ نشان ڪونه هو. تڏهن پاڪستان  جو ٽاپ موسٽ ڊاڪٽر هو. جڏهن منهنجي والد جو 1974ع ۾ ديهانت ٿي ويو ته پوءِ مون خيال ڪيو ته مون کي هاڻي پنهنجي والد صاحب وانگر پنهنجي ماڻهن جي هوميو پيٿڪ دوائن وسيلي خدمت ڪرڻ گهرجي. جيئن ته اسان جي لائبريري ۾ 150 کان ڪتاب هوميوپيٿي جا موجود هئا ۽ دوائون به ڪافي گهر ۾ رهيون ۽ مون شروعات ڪئي ۽ 1988ع وڃي جناح هوميوپيٿي ڪاليج ڪراچي مان امتحان پاس ڪيم، اهو پيرڊ چئن سالن جو هو ۽ اڄ تائين دوائن ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي. اولاد جي وڏي ٿيڻ کان پوءِ ٻيا سڀ ڪم گهٽ ڪري هاڻي هوميوپيٿي کي ئي ٽائيم ڏيان ٿو. صبح جو اٺين کان يارهين تائين ماڻهن کي علاج ڏيان ٿو.
عبرت پاران سوال ڪيو ويو ته: توهان جي دوائن مان ڪيترا  مريض شفاياب ٿيا آهن؟
جواب: روزانو اٽڪل 50 کان مريض ٿيو وڃن جنهن مان 25 کان 30 سيڪڙو نوان مريض هوندا آهن پراڻن مريضن ۾ اڌ کان وڌيڪ اهي مريض هوندا آهن جيڪي ٻين دوائن سان ٺيڪ نه ٿيندا آهن. انهن کي هتي شفا ملندي آهي. خاص ڪري بگڙيل ۽ انگريزي دوائن جا متاثر مريض هوندا آهن. باقي جيڪ اڌ مريض هوندا اهن انهن ۾ اڪثر ڪري انهن کي رليف مليو وڃي ۽ انگريزي داوئن جي مهانگي ۽ اجائي ٽيسٽن کان بچيو وڃن ۽ آخر ۾ اهي ڪيس به هوميوپيٿڪ ۾ حل ٿيا آهن. جيڪي اسپتالن مان ڪڍيا ويا هئا. تقريبن سال ۾ ڏ هاڪو هزار مريض ٿيو وڃن.
عبرت سوال: توهان وٽ ڪهڙي قسم جا مريض اچن ٿا؟
جواب: هن وقت چمڙي جي ٻيون الرجيون جنهن ۾ پيٽرول جي ڌپ کان الرجي، ڪجهه ماڻهن کي کاڌي، ڪجهه کي کير ۽ ڪجهه کي ڌڪ، ڪنهن کي گرمي کان الرجي پيراليسس (اڌ رنگ) مليريا جا ڪيس، جنهن ۾ بخار ٿيو وڃي ۽ بار بار بخار اٿليو وڃي ان کي ڪاميابي سان حل ڪيو ٿو وڃي. باهه جي سڙڻ جا ڪيس جيڪڏهن اهو جلدي پهچي ٿو وڃي ته انهن جا نشان به مٽيو وڃن ٿا. 30 کان 40 سيڪڙو سڙيل ٺيڪ ٿيو وڃن. حصا جيڪي سخت داڻا جسم تي نڪرندا آهن انهن جو علاج به باقائدگي سان ٿئي ٿو. پائلز (موڪا) اڄ جي دور ۾ گهٽ وڌ کانئڻ سان موڪن جو مرض عام آهي. انهن جي اڪثر ڪيسن ۾ شفا ٿيو وڃي بنا آپريشن جي هيپاٽائٽس بي سي جا جيڪي شروع  ۾ ڪيس اچن ٿا. انه کي جلدي تمام گهڻو فائدو ٿئي ٿو. ٿوري خرچ سان جيڪي ڪيس بگڙيل اچن ٿا. انهن ۾ وقت وڌيڪ لڳي ٿو ۽ ان سان گڏ ان ماڻهو جو سڄو نظام جيڪو بگڙيل آهي. ان کي به درست ڪرڻو پوندو آهي. سنڌن جو سور ڪن رڳ جو سور ڏينهن لڳڻ جو بهترين علاج موجود آهي. جيڪو چند ڪلاڪن ۾ ٺيڪ ٿيو وڃي. مٿي جو سور، پيچس، گيسٽرو به چوويهه ڪلاڪن ۾ گارنٽي سان ٺيڪ ٿي ويندو. فسٽولا (اک جو ناسور) جنهن ۾ پاڻي ۽ گند اک جي  تنري مان ايندو آهي  ۽ سور پڻ رهندو آهي. ان جو بهترين علاج بنا آپريشن جي ٿيندو آهي. ڪڊني اسٽون ساڳئي طرح فسٽولا آف ايندو (ڪاڪوس واري جاءِ) جنهن کي ناسور چوندا آهن جنهن مان گند رت پاڻي وهندو آهي ۽ سور ٿيندو آهي. ان جو بهترين علاج موجود آهي ۽ اهي ڪيس ٺيڪ ٿيندا آهن پر جو ڦاٽي پوڻ جنهن کي ڪريڪس چوندا آهن اهي به ٺيڪ ٿيندا آهن ليڪو ڊراما جنهن کي بگ چوندا آهن اڇا چٽا چمڙي تي هوندا آهن. انهن جو به ڪامياب علاج آهي.
عبرت سوال: توهان دوا ڪٿان آڻيندا آهيو؟
جواب: ڪراچي مان سڀ دوائون امپورٽيڊ ٻاهرين ملڪن مان گهرائيندو آهيان. جنهن ۾ جرمني، فرانس، آمريڪا، انگلينڊ شامل آهن. ديسي  ڪابه داو استعمال نه ڪندو آهيان.
عبرت سوال: مريض جيڪي دوائون وٺڻ اچن ٿا انهن کي کائڻ پيئڻ لاءِ ڪهڙيون هدايتون ڪندا آهيو؟
جواب: تقريبن خوشبو واري شيءَ ساهه واري شي کٽي شي تريل داڳ پڪل سڙيل پاروٿيون شيون استعمال نه ڪرڻ لاءِ چوندو آهيان. جنهن کي جنڪ فوڊ چئبو  آهي. انهن شين کي استعمال ڪرڻ لاءِ سختي سان منع ٿيل آهي. اڄ جي دور ۾ کنڊ لوڻ جو استعمال تمام گهڻو وڌي ويو آهي. اسان ضرورت کان ڏهوڻ وڌيڪ استعمال ڪيون ٿا ان تي ضابطو آڻڻ ضروري آهي. اهي شيون نه کائجن ته سٺو کنڊ جي جاءِ تي تازو ليمون استعمال ڪجي. جنهن مان ڪوبه نقصان ڪونهي.
عبرت سوال: ڪهڙي عمر جا مريض توهان وٽ وڌيڪ ايندا آهن؟
جواب: اهو موسم تي مدار رکندو آهي. جڏهن ٿڌو جي موسم ايندي ته ٻار گهڻا بيماري ٿيندا آهن جڏهن مڇرن جي موسم ايندي آهي. ته ان ۾ ننڍا وڏا مريض شامل هوندا آهن.
عبرت سوال: ڪهڙا چيلينج وارا ڪيس توهان کنيا آهن؟
جواب: سڙي پوڻ، اڌ رنگ، اڇا داغ کل تي يعني بگ، ناسور جا ڪيس، مليريا ۽ چمڙي جون بيماريون مٿي جو سور ڪن رڳ جو سور السر جا ڪيس ان ۾ مادي جي السر خاص ڪري عورت مريضن ۾ مينسز ۽ ٿڃ جا پرابلم يعني ڇاتي جا پرابلم آڱرين جون نٿورون پچي پوڻ، هڏن جو ڳرڻ، مٿي تي وار چريو، (رنگ ورم) جا ڪيس چيلينج ڪري کنيا آهن
عبرت سوال:ۡ توهان عوام ۾ جاڳرتا لاءِ ڪهڙا قدم کڻي رهيا آهيو؟
جواب: منهنجا روزاني عبرت ۾ اٽڪل، ڏهن آرٽيڪلن کان مٿي آرٽيڪل شايع ٿي چڪا آهن. سنڌ جي واحد اخبار آهي. جيڪا صحت جي حوالي سان عوام ۾ اويئرنيس پهچائي رهي  آهي ۽ هي اخبار هر طبقي جي نمائندگي ڪري ٿي.

No comments:

راءِ ڏيندا