; سنڌي شخصيتون: من ويندر سنگھ

02 December, 2012

من ويندر سنگھ


من ويندر سنگھ
سنڌيت جو محافظ
سنڌ ۾ ۽ سنڌ کان ٻاهر مختلف ملڪن ۾ ڪروڙين سنڌي آباد آهن، هندستان، ملائيشيا، انڊونيشيا، برطانيا، جرمني ۽ يورپ جا ٻيا ملڪ، آمريڪا، آفريڪا ۽ ويسٽ انڊيز يا ڪيريبين خطي سان واسطو رکندڙ مختلف ملڪن ۾ سنڌي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان آباد آهن. اهي سڀ سنڌي سنڌ سان بي پناهه محبت ڪن ٿا ۽ ان ڪري ئي سنڌي ٻولي سان به پيار ڪندا آهن. هن خطي جي موجوده جاگرافيءَ ۾ سنڌ کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ سنڌي ڀارت ۾ رهن ٿا، جتي سنڌين جي آبادي لکن ۾ آهي. اتي جي آباد سنڌين سان سنڌ جي سنڌين جا نه رڳو رت جا ۽ روحاني رشتا آهن پر هو سنڌي ٻوليءَ جي مٺڙي ٻنڌڻ ۾ به ٻڌل آهن. هندستان ۾ رهندڙ سنڌي پنهنجي ٻوليءَ جا عاشق آهن ۽ ان سلسلي ۾ ممبئي ۽ احمد آباد ۾ آباد سنڌين جا نالا ته سنڌ ۾ ايترا ته مشهور آهن جو لڳندو ئي نه آهي ته اهي اديب، شاعر ۽ سنڌين جا گهڻ گهرا جسماني طور ڪي سنڌ کان ٻاهر رهن ٿا، جن ۾ ”الا ائين نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي“ جهڙين سٽن جو سرجڻهار نارائڻ شيام، پروفيسر رام پنجواڻي، ماسٽر چندر، پوپٽي هيرا ننداڻي، وينا شرنگي، اندرا پونا والا ۽ اهڙا اڻ ڳڻيا نالا آهن جن سنڌي ٻوليءَ لاءِ ويڙهه ڪري هندستان ۾ جائز مقام ڏياريو ۽ اڄ سنڌي هندستان جي قومي ٻولين جي فهرست ۾ شامل آهي پر افسوس جو اسان سنڌي کي پاڪستان ته ٺهيو سنڌ جي قومي ٻولي جو درجو به نه ڏياري سگهيا آهيون.


اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته ممبئي ۾ رهندڙ سنڌين سنڌي ٻولي لاءِ ته تمام گهڻو پاڻ پتوڙيو آهي پر اها خبر تمام گهٽ ماڻهن کي آهي ته سنڌ جي پاڙيسري هندستاني رياست راجسٿان ۾ به سنڌي آباد آهن ۽ خاص طور تي اولهه راجسٿان (جنهن کي موجوده بيهڪ جي حساب سان اوڀر ٿر به سڏيو وڃي ٿو.) ۾ سنڌي علائقا ئي ۽ اباڻي ٻولي بڻيل آهي جڏهن ته راجسٿان جي ٻين علائقن جا رهواسي به هندي يا اردو بدران سنڌي ٻوليءَ کي اوليت ڏين ٿا، نه رڳو اولهه راجسٿان جي ٻولي سنڌي آهي پر سڄي ٿر (هند ۽ سنڌ جي گڏيل) جي ثقافت ۽ ٻولي به هڪ جهڙي آهي، يعني سنڌ سان ملندڙ جلندڙ آهي. هن علائقي جا ماڻهو به شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو ڪلام ڳائيندا آهن. مومل راڻو هتي جي به لوڪ ڪٿا آهي، جنهن کي ڀٽائيءَ شاعريءَ ۾ محفوظ ڪيو آهي.
راجسٿان جا ماڻهو سنڌي ٻولي سان ڪيترو پيار ڪن ٿا ان ڳالهه جو ثبوت اهو به آهي ته راجسٿان جي علائقي ٻاڙمير ۾ ۲۰۰۴ع ۾ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو تڪ ۾ ڪانگريس پارٽي جي اميدوار کي شڪست ڏئي پارليامينٽ ۾ پهتل من ويندر سنگهه انگريزي يا هندي بدران سنڌيءَ ۾ حلف کڻڻ جو اعلان ڪيو ۽ هن سنڌي ۾ حلف کنيو به سهي. من ويندر سنگهه هندستان جي اڳوڻي پرڏيهي وزير جسونت سنگهه جو پٽ آهي. هندستان جي آئين ۾ راجسٿان رياست هوندي به راجسٿاني ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو مليل نه آهي، جڏهن ته سنڌي قومي ٻولي آهي ۽ پارليامينٽ جو ڪو به ميمبر ڪنهن به قومي ٻولي ۾ قسم کڻي سگهي ٿو. هن راجسٿاني ٻولي ۾ حلف نه کڻي سگهڻ ڪري سنڌيءَ ۾ کنيو، ان موقعي تي من ويندر جي گهر واري، والده ۽ ڀاءُ مهمانن واري گيلري ۾ موجود هئا، جڏهن ته جسونت سنگهه پاڻ به راجيه سڀا جو ميمبر هو ۽ گيلري ۾ ويهي پنهنجي پٽ کي سنڌي ۾ حلف کڻندي ڏسي رهيو هو. قائد اعظم محمد علي جناح بابت سٺن لفظن ۾ ڪتاب لکڻ تي ڀارتيه جنتا پارٽي جسونت سنگهه کي پارٽيءَ مان نيڪالي ڏئي ڇڏي هئي.
من ويندر سنگهه ۱۹ مئي ۱۹۶۴ع تي پيدا ٿيو، هو اعليٰ تعليم يافته سياستدان آهي، سندس جنم ڀومي جوڌپور آهي، هو هيميشائر ڪاليج، امهرسٽ، ميسا ڇوسٽس ۽ اسڪول آف اورينٽل اينڊ آفريڪن اسٽڊيز لنڊن ۾ به زير تعليم رهيو، هن ڪجهه عرصو فوج ۾ به نوڪري ڪئي ۽ مقامي آرمي ۾ ڪيپٽن جي عهدي تان رٽائر ٿيو. هن ڪجهه عرصو صحافت به ڪئي ۽ هندستان جي نالي واري اخبار انڊين ايڪسپريس لاءِ دفاعي رپورٽنگ ڪندو رهيو ۽ ڪالم نگاري به ڪيائين. هن والد جي بي جي پي مان نيڪالي کان پوءِ ان ئي پارٽيءَ تان سياست شروع ڪئي. ۲۰۰۴ع جي عام چونڊن ۾ بي جي پي کيس رياست راجسٿان جي ضلعي ٻاڙمير جي سيٽ تان ٽڪيٽ ڏني، هي ضلعو سدائين ڪانگريس جو ڳڙهه رهيو آهي ۽ هميشه ڪانگريس ڪامياب ٿيندي رهي آهي پر من ويندي سنگهه هن ضلعي ۾ بي جي پي جي سڃاڻپ بڻيو ۽ لوڪ سڀا جي ٻاڙمير واري سيٽ تان ڪانگريس جي اميدوار سونا رام کي شڪست ڏنائين. هن ڪا ننڍي ڪاميابي نه ماڻي هئي پر ۲ لک ۷۲ هزار ووٽن جي واضح فرق سان ڪامياب ٿيو. ۵۰ سالن ۾ پهريون ڀيرو ڪانگريس اها سيٽ وڃائي هئي سا به ايتري وڏي فرق سان.
ڀارتيه جنتا پارٽي کي جيتوڻيڪ هندو انتهاپسند ۽ مسلمانن جي مخالف پارٽي سڏيو وڃي ٿو پر من ويندر سنگهه راجسٿان جي هن ضلعي ٻاڙ مير ۾ اها ڳالهه پنهنجي عمل سان غلط ثابت ڪئي. هن سرحدي ضلعي ۾ من ويندر جو چونڊ تڪ ملڪ جو ٻيو نمبر سڀ کان وڏو چونڊ تڪ آهي ۽ هتي مسلمان به تمام گهڻي انگ ۾ رهن ٿا. اڳ ۾ اهي ڪانگريس جا حامي هئا پر من ويندر جو علائقي جي ترقي، مسجدن ۽ مدرسن لاءِ ڪيل ڪم ڏسي مسلمان من ويندر جا پڪا ووٽر بڻجي ويا آهن. ايستائين جو ڪانگريس جا اڳواڻ به پارٽي بدلائڻ کان سواءِ ئي مند ويندر کي ووٽ ڏيندا آهن. من ويندر سنڌ ۽ راجسٿان جي ٿر ۾ رهندڙ وڇڙيل خاندانن کي ملائڻ لاءِ به تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. کوکڙو پار، موڻا ٻائو ريل رستو کلڻ کان پوءِ من ويندر جي مدد سان ڪيترائي خاندان ويزائون وٺي سنڌ اچي پنهنجي پيارن سان مليا آهن. ان ڪري مٿس ڪيترائي ڀيرا الزام به لڳا آهن پر هن انهن جي پرواهه ڪرڻ بدران عام ماڻهن جي سهولت لاءِ ڪوششون اڃا به وڌايون آهن، گهٽ ناهن ڪيون. من ويندر به سنڌي جاتي لاءِ جاکوڙ جاري رکي آهي، اسان کي به  ۽ سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين کي به سندس پوئيواري ڪندي سنڌ، سنڌين ۽ سنڌي ٻولي جي واڌ ويجهه لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي.


No comments:

راءِ ڏيندا