سيد صالح
محمد شاهه
ڪچهري جي
ڪوڏيئي جو لاڏاڻو
مير نادر علي ابڙو
گذريل
ڏينهن سنڌ جو مشهور ڏاهو براڊ ڪاسٽر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو پارکو سيد صالح
محمدشاهه المعروف ڏاڏو فتح خان دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. کين ڪافي وقت
کان وٺي دل جو آرزو هو ۽ حيدرآباد جي هڪ خانگي اسپتال ۾ زير علاج رهيو. لاڏاڻي بعد
سنڌ جي ڏات ڏڻين ۾ سوڳ وارو سماءُ ڇانيل نظر اچي ٿو، هر ڪا اک آلي ۽ ريڊيو پاڪستان
حيدرآباد جو ريڊيو اسٽوڊيو ويران پيل آهي.
هن جو
نالو سنڌ جي ڏات ڌڻين واري لسٽ ۾ چوٽي جي ڏاهن ۾ ڳڻيو ويندو هو، خاص طور تي پاڻ پي
ٽي وي جي پروگرام ڪچهري وسيلي تمام گهڻي مشهور ماڻي، کين لطيف سرڪار جا بيت برزبان
ياد هئا. شخصي حوالي سان منجهن بي تحاشا خوبيون سمايل هيون، اندرين طور تي نرم دل
۽ ڪشادو انسان هو. لاڏاڻي بعد تمام وڏي ڏک جي لهر سنڌ جي سلجهيل حلقن ۾ ڇانيل نظر
اچي ٿي. پاڻ پي ٽي وي ۽ ريڊيو جي سينيئر اداڪارن سان گڏ ڪم ڪيو، جن ۾ مصطفيٰ
قريشي، محمد علي، عنايت بلوچ ۽ ٻين جا نالا قابل ذڪر آهن. هن سان گڏ پاڻ پي ٽي وي
تي هلندڙ ڊرامن ۽ فلمن ۾ هيرو ۽ جنگجو جا ڪردار به ادا ڪيا. کين ميزباني سبب پي ٽي
وي تي هلندڙ پروگرام ڪچهري وسيلي تمام گهڻي مقبوليت ملي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد
تي سون ورني ڌرتي پروگرام وسيلي ڏاڏي فتح جي نالي سان تمام گهڻو مشهور ٿيو ۽ اها
به منجهن خوبي سمايل هئي ته پاڻ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي بيتن کي تحت لفظ سان
پڙهندو هو. اولاد ۾ چار پٽ ۽ نياڻيون شامل آهن، جن مان چيو پيو وڃي ته سندس لاڏاڻي
واري ڏينهن گهر ۾ هڪ نياڻيءَ جي مڱڻي واري رسم هلندڙ هئي. سندس وڇوڙي واري خبر
سموري سنڌ ۾ باهه وانگي پکڙجي وئي ۽ سنڌ جي ڏات ڌڻين سندس لاڏاڻي کي سنڌ لاءِ تمام
وڏو نقصان قرار ڏنو آهي جنهن زماني ۾ پاڻ پي ٽي وي تي پروگرام ڪچهري ڪندا هئا ته
ڏسڻ لاءِ ڪيترائي ماڻهو گڏ ٿي ڏسندا هئا. پروگرام جي پڄاڻي بعد ڪچهري ۾ سندس چيل،
لفظن تي بحثن جو سلسلو شروع ٿي ويندو. پاڻ جنهن رنگ ۽ ادائگي سان ڀٽ ڌڻي جي شاعري
۽ سندن بيت پڙهندو هو انهن منجهه درد جو رشتو سمايل نظر ايندو هو، جيڪو سندس اندر
۾ سمايل محسوس ٿيندو هو.
اڄ پاڻ ناهي ته سندس يادون ڪالهه جيان تازيون
آهن ۽ هن جا لفظ اڄ به گونجن ٿا ۽ پڪارون ٿا ڏين هن جي گلي جو جادو اڄ به ڪلهه
جيان ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪري ٿو. هن انسان پنهنجي وس آهر سنڌي ٻولي ۽ عوام جي
تمام وڏي خدمت ڪئي پر موٽ ۾ کيس اها مڃتا نه ملي سگهي، جنهن جو هو حقيقي لائق هو.
اها ڪيڏي نه وڏي بدقسمتي چئجي جو اسان پنهنجي ڏات ڌڻين کي اڄ تائين اها موٽ ناهيون
ڏئي سگهيا جنهن جا هو حقيقي لائق آهن. بس مرڻ بعد مڃتا ڏيڻ ۽ تعزيتن جو سلسلو تيزي
سان شروع ٿو ٿي پوي، اهو سلسلو ڪهڙي ڪم جو جنهن انسان کي زندگي ۾ مڃتا نه ملي سگهي،
مرڻ بعد اها ڪهڙي ڪم جي! اسان جي ماڻهن جي اها قدرتي فطرت رهي آهي ته جيسين ڪو
زنده هوندو ته هن سان جهيڙا جهٽا ڪندا ۽ مرڻ بعد انهي مٿان واهه واهه جا وسڪارا،
مٿن ميلا لڳائيندا پر بعد اهي ميلا ۽ مڃتائون ڪهڙي لفظن سان ياد ڪجن!
سيد صالح محمد شاهه سان منهنجي ڪا ايڏي وڏي حجت
ته نه رهي پر حيدرآباد جي گهميل هوائن ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ ٿيل ڪچهريون ۽ انهي ۾ سمايل درد
لفظن جو سرور لطف ۽ خمار اڄ به مون کي ياد پوي ٿو. پاڻ ڳالهائيندو ته دل اهو
چاهيندي هئي ته هي شخص ڳالهائيندو رهي ۽ اسان کين ٻڌندا رهون سندن چهري تي سمايل
مرڪ اڄ به ڪلهه وانگي ويجهي ٿو ڀانيان. منهنجو بابا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ڪچهرين ۾
اڪثر اها ڳالهه ورجائي چوندو هو ته اسان جا ڏاها اسان جو ورثو آهن، انهن ڏاهن جي
ڪري اسان جي تاريخ جو هڪ وڏو حصو پلجي ٿو، انهن مان ڪجهه علم پرائي نئين نسل تائين
منتقل ڪرڻ جي ضرورت آهي پر افسوس سان اها ڳالهه ڪرڻي ٿي پوي ته اسان هن ڏس ۾ تما م
گهڻو پوئتي رهجي ويا آهيون. اهو ئي سبب آهي جو وڏن ۽ ڏاهن جي لاڏاڻي بعد سندن علم
به انهن سان گڏ دفن ٿي ٿو پوي ۽ اسان ماڻهو انهن جي تجربي مان ڪو به فائدو ناهيون
وٺي سگهيا، جيئن ته اڄ سيد صالح محمد شاهه جي لاڏاڻي بعد سندس ڇڏيل درس به اڌ ۾
رهجي چڪو آهي اهو خال جيون ۾ شايد ڪڏهن نه پورو ٿي سگهي. وري اهڙو شخص ڪٿان ايندو
جو اهڙي روانگي سان ڀٽائي جا بيت پڙهي ۽ ڪچهريون مچائي هن جيڪو ڪچهري وسيلي سنڌ ۾
امن ڀائيچاري واريون مرڪون تقسيم ڪيون، اهي تا حيات ياد رهنديون. اڄ جڏهن هو اباڻي
قبرستان درياءِ بيگ ۾ سنڌ ماتا جي هنج ۾ ابدي ننڊ سمهي چڪو آهي پر سندس آواز ۽ ٻول
هن ڌرتي تي تادم زندهه رهندا.
(سوڀ، شام، سنڌو
ڊائجسٽ، هلچل، عوامي آواز، مقدمو، مهراڻ، سوڀ، هلال پاڪستان، سنڌ، سڪار سنڌو،
عبرت، فيصلو، خبرون، تعمير سنڌ)
No comments:
راءِ ڏيندا