; سنڌي شخصيتون: پرڀو وفا - ابو رافع

23 December, 2012

پرڀو وفا - ابو رافع


پرڀو وفا
بزرگ شاعر جي وڇوڙي تي
ابو رافع
فصل بھار جي آ وفا آخري گھڙي
مٿيون شعر ان وفا جو آهي، جنهن کان ممڪن آهي ته متاثر ٿي ڪيترائي شاعر وفا سڏائڻ ۾ فخر ڪندا هجن، هونئن وفا لفظ پنهنجو پاڻ ۾ هڪ دلربا لفظ آهي ۽ سنڌي ادب ۾ جنهن به ان تخلص سان لکيو، انهن سنڌي شاعريءَ کي اوج ڏنو، ان ۾ ٻه ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، مثال طور ٻه نالا وفا پلي، وفا ناٿن شاهي.
انهن ۽ ٻين ڪيترن ئي وفا نالي سان لکندڙن ۾ پهريون نالو پرڀو وفا آهي، جنهن سنڌي شاعريءَ کي اهو اوج ڏنو، جيڪو سندس نالي سان ئي سڃاپجندو، هن نالي سنڌي شاعريءَ سان ستانوي سال مسلسل وفا ڪئي ۽ ان وفا جي عشق ۾ هن سنسار سان ڪيترن ئي ڪمن ۾ بيوفايون ڪيون هونديون، اهو ممڪن آهي.
مٿيون شعر پرڀو وفا جي ان ڪتاب ۾ آيل آهي، جنهن جو نالو آهي ”سج لهڻ تي آهه“ ۽ هي ڪتاب ۲۰۰۰ع ۾ ڇپيو آهي، اهو به ممڪن آهي ته شيخ اياز صاحب وانگر پرڀو وفا به سمجهيو هجي ته هيءُ سندس آخري ڪتاب آهي، جيئن اياز صاحب پنهنجو آخري ڪتاب لکڻ چاهيو هئو ته ان کي نالو ڏنو هئائين، ”الوداعي گيت“ پر اهي سندس الوداعي گيت نه هئا. انهن کان پوءِ هن ڪيترا ئي گيت لکيا، جن مان ڪيترا ئي ڪتاب جڙيا.
پرڀو وفا هن ڪتاب کان پوءِ به ڪيئي گيت لکيا، انهن مان ڪيترا ڪتاب جڙيا، اها ته مون کي سُڌ ڪونهي پر هڪ ڪتاب مون تائين ضرور پهتل آهي، جيڪو اڄ تائين سندس آخري شاعراڻو ڪتاب چئي سگهجي ٿو. جنهن جو نالو آهي ”لڇي ٿي يڪتاري جي تار“ هونئن هن سنڌي شاعريءَ کي ڪل اٺ ڪتاب ڏنا آهن، ٿي سگهي ٿو ته سندس بچيل شاعريءَ کي سهيڙي ڪي ٻيا ڪتاب به جڙي پون. سندس نثر جو ڪتاب خليل جبران جو اهو ڪتاب ترجمو ڪيل آهي، جنهن جي نثر تي پڻ شاعريءَ جو گمان ٿيندو آهي، اهو آهي پيغامبر. ائين هند توڙي سنڌ ۾، هڪ اعليٰ مرتبو ماڻيندڙ سنڌي شاعر، اسان کان موڪلايو آهي يا چئجي ته بيوفائي ڪئي آهي، جيڪا سندس مزاج ۾ نه هئي. هن زندگيءَ جي آخري گهڙي تائين وفا ڪئي ۽ پنهنجي تخلص جو مان رکيو. جيتوڻيڪ جن سندس شاعري باريڪيءَ سان پڙهي آهي، اهي سندس ٻيون خواهشون به سندس ئي شاعري مان ڳولي سگهن ٿا. مثال طور؛ ”سج لهڻ تي آههِ“ ڪتاب جي هڪ ڪنڊ ۾ هيءُ شعر پاڻ ڏانهن ڇڪي رهيو آهي.
گڏ رهڻ جو خواب هو پاليو، جيئري تو بن جاليو،
شايد ٿيندي مرڻ پڄاڻا، آس وفا جي پوري.
۽ پرڀو وفا جي اها آس، جيڪا سموري زندگي هو اندر ۾ سانڍي ويٺو هئو، اها سترهين ڊسمبر ٻه هزار ٻارنهن تي پوري ٿي پر اسان لاءِ هيءُ ڏينهن هڪ ٻٽو نڀاڳ کڻي آيو، ڇاڪاڻ ته هيءُ اهو ئي ڏينهن آهي، جنهن تي ڇهه سال اڳ سنڌي ادب جي هاڪاري ليکڪا دادي پوپٽي هيراننداڻيءَ اسان کان منهن موڙيو هئو ۽ هاڻ ان ئي ڏينهن تي سنڌي شاعريءَ جي هڪ آبرودار شاعر دادا پرڀو وفا اسان سان، سنڌي ادب سان، سنڌي شاعريءَ سان، لاڙڪاڻي سان، سنڌ سان ۽ ممبئيءَ سان بي وفائي ڪئي آهي، جيڪا شايد سنڌي ادب کي هميشه ياد رهي. ٻيءَ طرح دادا پرڀو وفا لاڙڪاڻي جهڙي شاندار مٽيءَ مان جنم وٺندڙ سيٺ جوتو مل ڇڳاڻيءَ جي سُکئي گهر ۾ ۱۹۱۵ع تي جنم ورتو. شاعريءَ جا پهريان سبق ڪشن چند بيوس، کيئل داس فاني ۽ نواز علي نياز جعفريءَ کان ورتائين. ائين هو هوند راج دکايل، هري دلگير، رام پنجواڻي، شيخ اياز ۽ نارايڻ شيام جو همعصر شاعر هو ته ساڳئي وقت اڄ جي تاريخ تائين سنڌي شاعرن ۾ سينيئر ترين شاعر به هئو.
مان اڳ ۾ ڪڏهن لکي چڪو آهيان ته ڊسمبر مهينو اسان کي عجيب خوف ۾ ويڙهي ڇڏيندو آهي ۽ هن ڊسمبر ان خوف جو روپ دادا پرڀو وفا جي لاڏاڻي جي صورت ۾ ڏيکاريو آهي، يقين سان سندس لاڏاڻي جو ڏک سنڌي ادبي برادريءَ ۾ شدت سان محسوس ڪيو ويندو، پر هو سنڌ ڄائو هو ۽ سنڌي ادب جي خاص طور سنڌي شاعراڻي ادب جي اهڙي ميرات آهي، جيڪا سنڌ سانڍي رکندي، سندس اٺ ئي شاعراڻا ڪتاب سنڌ وٽ سندس امانت آهن، جن جا نالا هي آهن.
۱: جهنڪار-۱۹۵۸ع
۲: پرواز-۱۹۶۲ع
۳: سرخ گلاب سُرها خواب-۱۹۸۰ع
۴: مان ازل جي اڃ آهيان-۱۹۹۰ع
۵: تون ساگر مان لهر-۱۹۹۳ع
۶: آئينا ۽ عڪس-۱۹۹۴ع
۷: سج لهڻ تي آهه-۲۰۰۰ع
۸: لڇي ٿي يڪتاري جي تار-۲۰۰۹ع
پر مون کي شخصي طور محسوس ٿيندو آيو آهي ته سندس ڪتاب ”سج لهڻ تي آهه“ سندس زندگيءَ جي گهڻن تجربن جو نچوڙ آهي، هنڌ توڙي سنڌ ۾ اهو به مڃيو ويو آهي ته هو سنڌي شاعراڻي صنف ”پنجڪڙا“ جو باني آهي، دادا هري دلگير ترائيل جو باني آهي، ٻيءَ طرح هن دادا هري دلگير وانگر سنڌي شاعريءَ جي صنفن تي اڻ ڳڻيا تجربا ڪيا آهن ۽ پنجڪڙا اهڙو تجربو آهي، جيڪو سنڌ ۾ اڄ گهڻي تعداد ۾ لکجي رهيو آهي ۽ تازو ئي پنجڪڙن تي ٻڌل هڪ نجو ڪتاب سنڌي شاعريءَ ۾ ڇپيو آهي، جيڪا مڃتا به دادا پرڀو وفا ڏانهن وڃي ٿي ۽ شاعراڻي اظهار ۾ سندس ڪيفيت هن حد تائين پهچي وڃي ٿي.
چڙهي وفا اهڙي مخموري،
وڃي کوهجي سُرت سموري.
جيتوڻيڪ شعوري طور سندس مڃڻ سڄي زندگي هيءُ رهيو ته:
هڪڙي امير وٽ، هڪ ڏينهن ملي هئي دعوت،
وِههُ ڇو وفا وهي ٿئي، ماکيءَ جي لار مان!
۽ پنهنجي محبوب بابت سندس مڃتا هيءَ رهي ته:
مون چيو مون تي سندس مهرو وفا،
منهنجو دلبر ڪو ستمگر ته نه آ.
ائين عشق ۾ وري سندس ڪيفيت جو اندازو هن غزل جي بند مان لڳائي سگهجي ٿو.
جلي ٿيو خاڪ وفا آهه، منهنجو هر احساس
تپي تپي به تپي دل، ٺري ٺري نه ٺري.
مٿي ڏنل بنهه ٿورها شعر پڙهي، مان ڀايان ٿو ته منهنجو هيءُ چوڻ ٺيڪ رهندو ته هيءُ ڪتاب سندس زندگيءَ جي تجربن جو نچوڙ آهي، جنهن ۾ سندس دل به آهي ته دماغ به سندس نازڪ مزاجي به آهي ته جڳ جا تجربا به ۽ ساڳئي وقت هٿ مان ويندڙ عمر جو احساس به ته جلا وطنيءَ جو درد به، جيڪو هن مني صدي ڀوڳيو پر پوءِ به پنهنجي ڌرتيءَ، پنهنجن دوستن کي هن ڪڏهن به ڪو نه وساريو، ائين هن لاڙڪاڻي جي مٽيءَ جي خوشبو ۽ زيتونن جي هڳاءَ کي به ڪڏهن ڪو نه وساريو ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي، جو لاڙڪاڻو سنڌ، سنڌي ادب ۽ سنڌي کيس وساريندا..!
دادا پرڀو وفا آل انڊيا ريڊيو جي هڪ اهم عهدي تان رٽائرمينٽ ورتي، ان جي باوجود هن ريڊيو لاءِ ڪيترائي ليک لکيا، خاص طور جنگ آزادي ۽ سنت ڪنور ڀڳت، هولي ۽ ڏياري وغيره، اڄ هو جسماني طور اسان سان نه رهيو پر سنڌي ادب ۾ هو سدائين ياد رهندو ۽ منهنجي اکين سندس خوبصورت اڇن وارن وارن سميت سندس حسين ٻڍڙو چهرو تيستائين نه وسرندو، جيستائين منهنجيون اکيون سلامت آهن ۽ بس...

No comments:

راءِ ڏيندا