; سنڌي شخصيتون: اردشير ڪائوسجي - سدره نظير خاصخيلي

02 December, 2012

اردشير ڪائوسجي - سدره نظير خاصخيلي


اردشير ڪائوسجي
سدره نظير خاصخيلي/ڄامشورو
چوندا آهن ته زندگي، جنهن جو ڪو ڀروسو نٿو هجي، ساهه جي تند ڪڏهن ٽٽي پوي، ان جو ته اندازو ته ڪير به نٿو لڳائي سگهي. پر انسانن پاران سندن ڪيل ڪارناما ڪڏهن ناهن مرندا ۽ هميشه زنده رهن ٿا.
ملڪ جو ناميارو ڪالم نگار اردشير ڪائوسجي چوويھ نومبر ۲۰۱۲ع تي ۸۶ سالن جي ڄمار ۾ ٻئي پار هليو ويو، جتان اڄ تائين ڪير واپس نه موٽي سگهيو آهي.
اردشير ڪائوسجي جي پيدائش ۱۳ اپريل ۱۹۲۶ع ۾ هڪ مهذب پارسي گهراڻي ۾ ٿي. سندس والد هڪ ناميارو بزنس مين رهيو.


اردشير ڪائوسجي پنهنجي بنيادي تعليم بائي ويربائي جي سوپاري والا پارسي هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي. جڏهن ته گريجوئيشن جي ڊگري ڊي جي سائنس ڪاليج ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. گريجوئيشن پوري ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي والد جي بزنس کي سنڀاليندو رهيو، ۱۹۵۳ع ڌاري پاڻ نينسي ڊنشا سان شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويو، کيس هڪ نياڻي ۽ هڪ پٽ جو اولاد آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان ويجهڙائپ هجڻ جي ڪري ۱۹۷۳ع ڌاري پاڪستان ٽوئرزم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن (PTDC) ۾ مئنيجنگ ڊائريڪٽر طور به مقرر ٿيو. پنهنجي زندگيءَ جي ۳۰ سالن تائين لکندڙ ملڪ جو ناميارو ڪالم نگار ۽ هڪ وڏو نالو اردشير ڪائوسجي هميشه لاءِ وڇڙي ويو آهي پر سندس تحريرن ۽ ڪالمن جا نقش سندس پڙهندڙن جي ذهنن تي هميشه لاءِ رهندا.

سينيئر ڪالم نگار ارد شير ڪائوسجي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو (عوامي آواز)
ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) ناليوارو سينيئر صحافي تجزيا نگار ارد شير ڪاوسجي ڊگهو عرصو بيمار رهڻ کان پوءِ لاڏاڻوڪري ويو، سندس اولاد جي پرڏيهه مان واپسي بعد آخري رسمون ادا ڪيون وينديون، ارد شير ڪاوسجي ۱۹۲۶ع ڌاري ڪراچي ۾ ڄائو ۽ ڊي جي سائنس ڪاليج ۾ گريجوئيشن ڪئي، تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ ارد شير ڪاوسجي پنهنجي ذاتي ڪاروبار مرچنٽ شپنگ ڪاروبار شروع سان گڏ صحافت ڪيريئر جي شروعات ڪئي، ۱۹۷۳ع ۾ اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار ڀٽو، ارشد ڪاوسجي کي ٽوئرزم جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو، ۱۹۷۶ع ۾ کيس جيل ۾ وڌو ويو، جنهن سبب ذوالفقار علي ڀٽو جي خلاف ٿي ويو ۽ آخري وقت تائين شهيد ڀٽو خلاف ڪالم لکندو رهيو، ارد شير ڪاوسجي پنهنجي قلم ذريعي نااهل حڪمران ۽ پنهنجا نواز کي تنقيد جو نشانو بنايو، ڪيترن ئي موقعن تي حڪومتي ڪرپشن کي بي نقاب ڪيو، قبضا مافيا پاران ڪراچي جي فلاحي پلاٽن ۽ پارڪن تي ڪيل قبضن خلاف آواز اٿاريو ۽ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي، پاڻ انگريزي اخبارن لاءِ ڪالم لکندو هو، سندس وفات تي صدر آصف زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سنڌ سماءُ واري وزير شرجيل ميمڻ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجو گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

ارد شير ڪائوسجي ۱۳ اپريل ۱۹۲۶ع ۾ پيدا ٿيو

ڪراچي (م ڊ) مشهور ڪالم نگار ارد شير ڪائوس ۱۳ اپريل ۱۹۲۶ع ۾ ڪراچي ۾ پيدا ٿيو ۽ هو پارسي گهراڻي سان تعلق رکندڙ هو، ورياڻي جي سوپري والا پارسي هاءِ اسڪول ۽ ڊي جي سنڌ گورنمينٽ ڪاليج مان تعليم مڪمل ڪرڻ بعد هو خانداني ڪاروبار سان ڳنڍجي ويو، ڪائوس ۱۹۸۸ع کان ۲۰۱۱ع تائين مستقل طور ڊان اخبار لاءِ هفتي وار ڪالم لکندو رهيو ۽ سندس شمار مشهور ڪالم نگارن ۾ ٿئي ٿو. ارد شير ڪالم نگار هجڻ سان گڏ هڪ بزنس مين ۽ سماجي ڪارڪن پڻ هو، ڪائوس ڪالهه سيني ۾ انفڪيشن هئڻ سبب ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏنو.

No comments:

راءِ ڏيندا