; سنڌي شخصيتون: مولانا جعفر حسين ”بادل“ - شوڪت حسين لغاري

02 December, 2012

مولانا جعفر حسين ”بادل“ - شوڪت حسين لغاري


مولانا جعفر حسين ”بادل“
علمي ادبي ۽ مذهبي شخصيت
شوڪت حسين لغاري
سنڌ جي عظيم ڌرتي کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن ڌرتي ڪيترن ئي املهه انسانن کي جنم ڏنو آهي، اهڙن املهه انسانن ۾ مولانا جعفر حسين ”بادل“ جو نالو به جاءِ ولاري ٿو، مولانا جعفر حسين ”بادل“ ۱۹۵۸ع ۾ لاڙ پٽ جي علائقي ٽنڊو غلام حيدر لڳ ڳوٺ ميهار خان ۾ هڪ غريب هاري يار محمد جي گهر اک کولي. هن شروعاتي تعليم پرائمري اسڪول نواب حاجي محمد علي (نواب جي اوطاق) ۾ حاصل ڪئي ۽ پوءِ غربت سبب وڌيڪ دنياوي تعليم پرائي نه سگهيو. البته هن کي شروع کان وٺي ديني تعليم سان تمام گهڻو لڳاءُ هو. هن قرآن پاڪ ۽ شروعاتي ديني تعليم پنهنجي مامي مولوي محمد رمضان وٽ حاصل ڪيائين ۽ پوءِ دانشگاهه جعفريه واگهريجي ضلعي ميرپورخاص ۾ وڌيڪ ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخلا ورتائين، هن ڄاڻايل مدرسي ۾ سنڌ جي قابل ۽ بزرگ عالمن خاص طور تي قبله علامه غلام مهدي نجفي، مولانا عباس علي نجفي، مولانا سيد ارشاد حسين نقوي، قبله مولانا منظور حسين ۽ مولانا محمد محسن مهدوي جهڙن جيد عالمن کان درس حاصل ڪيو، هن دانشگاهه جعفريه مان ايم اي عربي ۽ سلطان عالم ۽ فاضل جا امتحان پاس ڪيا.


تعليم جي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ هن پنهنجي استاد مولانا عباس علي نجفي جي فعاون سان تلهار شهر ضلعي بدين ۾ هڪ ديني مدرسو مدرسه امام زين العابدين جي نالي سان قائم ڪيو، جتي پاڻ تقريبن ۱۲ سالن تائين مدرسي جي سرپرست ۽ استاد جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون، ان کانپوءِ هن بدين شهر ۾ قائدآباد واري علائقي ۾ هڪ ٻيو مدرسو مدرسه امام زمانه جي نالي سان بنياد رکيو، ڄاڻايل ٻنهي مدرسن ۾ هن وقت ڪيترائي طالبعلم دين جي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، مولانا بادل جا ڪيترائي شاگرد هن وقت مختلف علائقن ۾ دين جي تبليغ ۾ مشغول آهن، ان کانسواءِ ٻنهي مدرسن جا ڪيترائي فارغ طالب علم هن وقت نجف اشرف عراق ۽ قم مقدس ايران ۾ اعليٰ ديني تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، مولانا ديني خدمتن کانسواءِ ادبي دنيا ۾ پڻ وڏو ڪردار حاصل ڪيو، هي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي تي وڏو عبور رکندڙ هو، شاهه سائين بابت سکيا هن پنهنجي ناني بنگل فقير، مامي فقير علي بخش، سئوٽ حاجي فقير ۽ مرحوم محمد رمضان خاصخلي ڀٽ شاهه واري کان جيڪي ڀٽائي جا پنهنجي وقت جا وڏا راڳي فقير هوندا هئا حاصل ڪئي، بنگل فقير ڀٽائي سائين جو تمام وڏو راڳي هوندو هو، هن جو شاهه سائين جي راڳ خاص طور تي ”وائي“ تي وڏو عبور حاصل هوندو هو سنڌ جو محقق ۽ دانشور مرحوم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به بنگل فقير جي وائي جو اعتراف ڪيترائي ڀيرا پنهنجن ڪچهرين ۾ ڪندو هو، مولانا بادل جي دوستي سنڌ جي ڪيترن ئي اديبن سان هئي، خاص طور تي فقير ناٿو لنڊ شيخاڻي گهاڙي وارو، قاضي محمد هاشم ماتلي وارو، پروفيسر نياز محمد جتوئي، خير محمد ”خاص“ ۽ فقير ساجن چانگ شامل هئا، هن ڪافي شاعري به ڪئي جيڪا غربت سبب ڇپجي نه سگهي، هن قرآن مجيد جي آيتن ۽ انهن آيتن جي مفهوم بابت شاهه سائين جا بيت، حديث پاڪ ۽ معصومن جي فرمانن سان ملندڙ شاهه سائين جا بيت بابت هڪ ڪتاب لکڻ شروع ڪيو هو پر زندگي سندس ساٿ نه ڏنو.
پاڻ هڪ عالم دين ۽ اديب سان گڏوگڏ هڪ بهترين سماجي ڪارڪن پڻ هئا، ان کانسواءِ هي هڪ بهترين مقرر پڻ هئا، هن جا درس ۽ مجلسون هر مڪتب فڪر جا ماڻهو وڏي چاهه سان ٻڌندا هئا، پاڻ آخري دم تائين شيعه علماءِ ڪائونسل ضلعي بدين جا صدر پڻ هئا، هي ضلعي بدين ۾ هر وقت اتحاد بين المسلمين لاءِ جاکوڙ ڪندو رهندو هو، اهو ئي سبب آهي جو پاڻ اهلشيعت سان گڏوگڏ اهلسنت وارن لاءِ پڻ قابل احترام شخصيت هئا، هي عالم، اديب ۽ سماجي ڪارڪن ۹ جون ۲۰۰۹ع تي تلهار ويجهو هڪ روڊ حادثي ۾ هن جهان فاني مان لاڏاڻو ڪري ويو، سندس جنازي نماز ۾ هزارن جي تعداد ۾ سوڳوارن شرڪت ڪئي، سندس آخري آرامگاهه امام بارگاهه مهديه ڳوٺ ميهار خان لغاري لڳ انصاري شگر ملز ماتلي ۾ آهي، جتي هر سال مرحوم جي ياد ۾ ورسي جو پروگرام ٿيندو آهي، جنهن ۾ ملڪ جا ناليوارا عالم ۽ اديب مرحوم جي ڪيل خدمتن بابت ويچار ونڊيندا آهن.

No comments:

راءِ ڏيندا