مولانا
جان محمد عباسي
سنڌ جي
مشهور مذهبي شخصيت
مير نادر علي ابڙو
مولانا
جان محمد عباسي جو شمار سنڌ جي اعليٰ مذهبي سياستدانن ۾ ڪيو وڃي ٿو. هن لاڙڪاڻي
ضلعي جي معزز شخصيت مولانا غلام رسول عباسي جي گهر ۾ تاريخ پهرين جنوري ۱۹۲۵ع ۾ لاڙڪاڻي تعلقي جي ننڍڙي ڳوٺ ٻيڙو چانڊيو ۾ اک کولي ۽
هن تي سندس ڏاڏي جو نالو رکيو ويو. مولانا جان محمد عباسي جو گهراڻو ۽ سندس والد
مولانا غلام رسول عباسي سنڌ، بلوچستان ويندي افغانستان ۽ ايران تائين علم ۽ طب جي
حوالي سان مشهور رهيو آهي. جيئن ته مولانا جان محمد عباسي جو مذهبي گهراڻي سان
واسطو هو، ان ڪري سندس ننڍپڻ کان ئي تربيت
مذهبي طرز تي ٿيڻ لڳي. شروعات ۾ پنهنجي ڳوٺ ٻيڙو چانڊيو منجهان ئي پرائمري پاس
ڪيائين ۽ پوءِ به اڳتي تعليم جي جستجو ۾ سنڌ يونيورسٽي مان عربي جو امتحان صوبي
ليول تي پوزيشن ۾ پاس ڪري نڪتو ۽ پوءِ ڪوئٽه مان مولانا عبدالعزيز کان درس حاصل
ڪيائين.
مولانا
جان محمد عباسي کي مذهب سان گڏوگڏ سياست جو به شوق هيو ۽ حقيقت ۾ مولانا جان محمد
عباسي سياست جو آغاز ۱۹۴۰ع
کان قاضي فضل الله ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان گڏ ڪيو ۽ بعد ۾ پنهنجي طبيعت مطابق
ملڪ جي تمام وڏي مذهبي ۽ مشهور پارٽي جماعت اسلامي ۾ شموليت اختيار ڪئي. کيس پارٽي
طرفان سندس محنت جي ڪري جماعت اسلامي جو ۱۹۵۴ع ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جو امير مقرر ڪيو ويو.
مولانا
جان محمد عباسي جا ملڪ توڙي ملڪ کان ٻاهر ڪافي مذهبي توڙي سياسي شخصيتن سان سُٺا
ناتا رهيا، انهن ئي منجهان سيد ابو الاعليٰ مودودي به هڪ آهي. جيئن ته مولانا جان
محمد عباسي جو ڳوٺ لاڙڪاڻو هيو جو پوري دنيا ۾ سياست جي حوالي سان سياستدانن جي ڌرتي طور مشهور آهي. جتي وڏيرا
شاهي شروع کان ئي سياست تي قابض رهندي آئي آهي. لاڙڪاڻو جتي سر شاهنواز خان ڀُٽو،
خان بهادر محمد ايوب کهڙو ۽ قاضي فضل الله جن جو سياست تي باقاعده ڌاڪو ڄميل هيو.
اتي جماعت اسلامي جو ٻج ڇٽڻ لاءِ به وڏي گردي جي ڳالهه هئي. اهڙي ڏکي سياسي علائقي
۾ پٺتي پير نه ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ ڪو مولانا جان محمد عباسي کان سکي ها.
مولانا
جان محمد عباسي سان منهنجي ملاقات ۱۹۸۵ع ۾ٿي. منهنجو والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سيشن ججيءَ تان
رٽائر ٿي ڪري اچي پنهنجي اباڻي ڳوٺ لاڙڪاڻي ۾ قيام پذير ٿيو. بابا سائين جي اوطاق
هند سنڌ ۾ ڪچهرين جي حوالي سان مشهور رهي آهي. جنهن ۾ ۱۹۷۰ع تائين سنڌ جا سڀئي سياستدان، اديب ۽ شاعر اچي ڪچهريون
ڪندا هئا. اتي ئي مولانا جان محمد عباسي به ڪچهريون ڪندو هيو. مگر ڪچهري لاءِ جڳهه
ڪونه هجڻ ڪري منهنجي والد صاحب اڱڻ ۾ ڪرسيون رکي ڪچهري واري پنهنجي پراڻي روايت
برقرار رکي، اها جاءِ مولانا جان محمد عباسي کي پسند نه آئي ۽ منهنجي والد صاحب کي
چيائين ته گهر اڳيان هڪ ڪمرو سرڪاري پلاٽ تي ٺهرايو ته اتي گهٽ ۾ گهٽ ڇت جي هيٺيان
ته اچي ڪچهري ڪريون. مولانا جان محمد عباسي جي صلاح کانپوءِ اسان هڪ ڪمرو سندس
فرزند قربان علي عباسي جو ان وقت لاڙڪاڻي ميونسپالٽي جو چيئرمين هئو تنهن جي اجازت
سان ٺهرايو، جتي مولانا جان محمد عباسي به ڪڏهن ڪڏهن ايندو هئو. مولانا جان محمد
عباسي جي صابرين، بااخلاق ۽ بي ضرر طبيعت ۽ غريب مسڪين ماڻهن سان غمي خوشي ۾ ميل
جول ۽ سندن داد رسي جي سبب ڪري ماڻهن جون دليون کٽيون. پاڻ ۱۹۶۰ع کان ۱۹۷۱ع تائين يونين ڪاميٽي جو مسلسل چيئرمين ۽ بعد ۾ لوڪل
بورڊ جو ميمبر پڻ چونڊيو. صدر ايوب خان جماعت اسلامي تي ۱۹۶۴ع ۾ پابندي وڌي ته ٻين سان
گڏ مولانا جان محمد عباسي کي به گرفتار ڪيو ويو. ۽ بعد ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي
آزاد ڪيو ويو.
۱۹۷۰ع ۾ هن ممتاز علي ڀٽو ۽ مسلم ليگ جي قاضي فضل الله سان
مقابلي ۾ قومي اسيمبلي جو فارم ڀرايو، ۱۹۷۷ع ۾ تنهن وقت جي وزيراعظم
ذوالفقار علي ڀٽو جي مقابلي ۾ پي اين اي جي پليٽ فارم تان واحد اميدوار طور سامهون
آيو انهي اليڪيشن ۾ مولانا جان محمد عباسي جي ذوالفقار علي ڀٽو سان سخت سياسي
اڻبڻت شروع ٿي، جنهن بعد ئي پي اين اي جي پليٽ فارم تان ذوالفقار علي ڀٽو خلاف
تحريڪ شروع ٿي، جنهن ۾ پڻ مولانا جان محمد عباسي کي گرفتار ڪيو ويو. انهي سياسي
جهيڙي مولانا جان محمد عباسي کي پوري دنيا ۾ مشهور ڪرايو.
مولانا
جان محمد عباسي جو لکڻ پڙهڻ سان چاهه پڻ هئو. انهي سبب ڪري ئي هو هفتيوار پاڪستان
جو ايڊيٽر پڻ رهيو. مولانا جان محمد عباسي جون مختلف ملڪن جي سياستدانن سان روبرو
ڪچهريون به ٿيون. جن مان خاص امام انقلاب آيت الله خميني جن به آهن.
مولانا
جان محمد عباسي وفات تائين جماعت اسلامي پاڪستان جو نائب امير هيو ۽ هو جماعت
اسلامي جي حوالي سان ذهين ڏاهو ۽ جماعت اسلامي کي پاڪستان ۾ مضبوط ڪندڙ رهنما تصور
ڪيو وڃي ٿو. خدا تعاليٰ سندس کي جنت الفردوس عطا فرمائي (آمين)
(عوامي آواز، مهراڻ،
سنڌ، هلچل، سچ، هلال پاڪستان، تعمير سنڌ)
No comments:
راءِ ڏيندا