اردشير ڪائوسجي
مير نادر علي ابڙو
ادبي ۽ سماجي کيتر جو وڏو نائو اردشير ڪائوسجي زندگي جي بازي هارائي،
موت هٿان مات کائي، اسان کان هميشه لاءِ الڳ ٿي ويو ۽ پنهنجي پويان بيشمار يادون ڇڏي
هليو ويو. پاڻ با ڪمال صحافي، لاجواب ڪالم نگار ليکڪ ۽ بي مثال سماج سڌارڪ جي روپ
۾ اسان جي اڳيان ڇانيل رهيو. سندس جو صحافي روپ، هاڻوڪي صحافتي کيتر کان گهڻو هٽيل
هو. هن ڪڏهن به ڪنهن ڳالهه تي ڪنهن سان مصحلت نه ڪئي. هميشه قلم جي داد دليري کان بي
پرواهه ٿي، عوام جي ڀلي بهتري لاءِ لکندو رهيو. سندس جو اهو سلسلو سن ۲۰۱۱ع تائين جاري رهيو. بعد ۾ کيس بيماري اڳتي لکڻ جي اجازت
نه ڏني. هو انتهائي درد ڀري دل رکندڙ، ٻين لاءِ سوچيندڙ، پنهنجا سور لڪائي غريبن ۾
خوشيون تقسيم ڪندڙ سماج سُڌارڪ هو ته هتي هو غريبن جي خاطر روڊن تي به احتجاج ڪندي
نظر آيو. سندس لاڏاڻي تي جتي سموري انسانيت ڏکويل آهي، اتي اسان هڪ وڏي سماجي ۽ صحافي
اڳواڻ کان محروم ٿي چڪا آهيون. تنهن جو درد شايد ڪڏهن اسان کان وسري سگهي. صحافتي
۽ سماجي ميدان ۾ سندس جيڪو رول رهيو، سو سڀني جي آڏو آهي. سندس لاڏاڻي بعد پيدا ٿيل
خال شايد ئي ڪڏهن پر ٿي سگهي.
پاڻ ملڪ جو نالي وارو ڪالم نگار هئڻ سان گڏ ڪراچي جو تمام وڏو سماجي اڳواڻ
۽ شهر جي قديمي پارسي برادري جو سر موڙ هو. تمام گهڻي وقت تائين بيماري سان ويڙهاند
ڪندي عمر گذاري. هن کي پڪ هئي ته هو بيماري کي مات ڏيندو، پر اها بيماري هئي جيڪو هن
جو پيڇو ڇڏڻ لاءِ تيار ئي نه هئي ۽ هن کي ڪنهن محبوب وانگي موت جي هندوري ۾ سمهاري،
پاڻ ساڻ وٺي اسان کان الڳ ڪري وئي.
اردشير ڪائوسجي پهرين اپريل ۱۹۲۶ع ۾ ڪراچي صدر جي علائقي ڊاڪٽر ڪينگز اسپتال ۾ ڄائو. سندس والد رستم فقير
هن وقت جو وڏو واپاري هوندو هو ۽ سندس امڙ موڪا ڪائوسجي پڻ سماجي نالي واري اڳواڻ هئي.
پاڻ هميشه ڪراچي جي خوبصورتي، اتي جي ماڻهن جي حقن لاءِ جاکوڙيو ۽ ڪيترائي
غير قانوني عمارتن ۽ تاريخي ماڳن تي قبضن خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ۽ قانوني جنگون پڻ
کٽيون.
بطور ڪالم ليکڪ کوڙ اشوز تي ڀرپور ڪالم تحرير ڪيا، جن کي تمام وڏي پذيرائي
ملي.
پاڻ شروعاتي تعليم ويرٻائي سپاري والا پارسي هاءِ اسڪول ۾ حاصل ڪئي. بعد
۾ ديارام جيٺ مل ڊي جي سائنس ڪاليج مان گريجوئيشن ڪئي ۽ پوءِ پنهنجي والد جو ڪاروبار
سنڀاليو.
سال ۱۹۵۳ع ۾ هن نينسي ڊنشا سان شادي ڪئي، جنهن مان ٻه ٻار پيدا
ٿيا. جنهن مان هڪ نياڻي ايوا ۽ هڪ پٽ رُستم آهن.
اسان کي اردشير ڪائوسجي جي لاڏاڻي تي غم ڪرڻ بجاءِ جيڪو مشن هُو ڇڏي ويو
آهي، تنهن کي هٿي ڏيڻ گهرجي ۽ هن جي ڪاز کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪجهه ڪرڻ کپي. انهيءَ
۾ جتي مرڻ بعد هن جو روح شانت خوش رهندو ته هتي هن ڀلي ڪاز وسيلي اسان جو سماج به صدين
تائين جيئندو ۽ اهڙن مهان انسانن جا گيت ڳائيندو رهندو.
No comments:
راءِ ڏيندا