; سنڌي شخصيتون: سردار رسول بخش خان انڙ

21 December, 2012

سردار رسول بخش خان انڙ

سردار رسول بخش خان انڙ

سنڌ جو سخي مرد

قادر بخش راهو



رئيس رسول بخش خان انڙ ۱۹۰۱ع ڌاري، سردار خان صاحب محمد خان انڙ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد سڄي سنڌ ۾ سخاوت جي حوالي سان به مشهور هو. هن خاندان جو لاڳاپو ۽ شجرو، سنڌ جي سما خاندان سان ملي ٿو، جيڪي سنڌ جا حاڪم هئا. پهرئين سمي حاڪم ڄام انڙ جو اولاد هئا. انهن جي تعلق جي ڪري، سردار رسول بخش انڙ جي خاندان جي، سنڌ جي سما خاندان ۾ نمايان حيثيت رهي آهي ۽ کين سما خاندان جو وڏو گهر سڏيو ويندو آهي. رئيس رسول بخش انڙ سنڌ جي بمبئي کان جدا ٿيڻ کانپوءِ ۱۹۳۷ع ۾ سنڌ جي پهرئين اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. ان کان پهريائين ۱۹۳۳ع ۾ لوڪل بورڊ نوابشاهه جو پريزيڊنٽ پڻ رهيو.


رئيس رسول بخش انڙ، سال ۱۹۴۰ع ۾، حيدرآباد ۾ آل پاڪستان سماٽ ايسوسيئيشن جو صدر پڻ چونڊيو ويو. رسول بخش انڙ جو نالو، ان دور ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو، جڏهن ۱۹۴۲ع ۾ هڪ انگريز ڪليڪٽر نالي ڊيوس سان سندس تڪرار ٿيو. ان دوران هي پهريون شخص هو، جنهن انگريز سرڪار کان خانبهادري جي لقب وٺڻ کان انڪار ڪيو. سندس ان قدم تي انگريز سرڪار سخت ناراض ٿي ۽ مٿس توڙي سندس ٻن ڀائرن رئيس امام بخش انڙ ۽ رئيس ڌڻي بخش انڙ تي، بغاوت ۽ قانون شڪني ۽ متوازي حڪومت قائم ڪرڻ جا ڪيس لاڳو ڪري، کين چالان ڪيو ويو. سردار صاحب کي تنگ ڪرڻ لاءِ، سندس شنوائيون پري پري وارن شهرن ۾ رکيون ويون. ان وقت سانگهڙ ۽ نوابشاهه، هڪ ضلعو هئا. پر جنهن به شهر ۾ سندن شنوائي ٿيندي هئي، اتي هزارين ماڻهو گڏ ٿي ويندا هئا. اصل ۾ هي ڪيس، فقير رسول بخش انڙ جي طاقت ۽ سندس اثر رسوخ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪيا ويا هئا. پر رئيس فقير رسول بخش، چيف ڪورٽ مان بري ٿيو. سندس ڪيس جي پيروي نامور بئريسٽر وڪيل محمد علي جناح صاحب ڪئي.

سال۱۹۵۰ع ڌاري، سردار رسول بخش انڙ جو صوفي ازم ڏانهن لاڙو ٿيو ۽ سرداريءَ واري لقب کي پاڻ هٽائي فقيريءَ جو لقب اختيار ڪيائين ۽ سمورو وقت، سماجي خدمت ۽ فلاح و بهبود جا ڪم ڪرڻ ۾ وقف ڪيائين. فقير صاحب، ٽي چار ڀيرا، پنهنجي هارين جا قرض به معاف ڪيا. هارين جي کاتن جا ڪتاب گهرائي، انهن مان غريب هارين جي قرض جا سمورا ورق ساڙي ڇڏيائين. جڏهن ته فقير صاحب، پنهنجي وٿاڻن ۾ بيٺل جانور کي به غريبن ۾ ورهائي ڇڏيو. سندس اها سخاوت اڄ به تر جي ماڻهن کي ياد آهي.

سنڌ جي مختلف مشهور خاندانن سان سندن تعلقات هئا. پر فقير سائين رسول بخش جن جا سائين جي ايم سيد سان گهاٽا واسطا ۽ گهاٽي دوستي ۽ ويجهڙائپ هئي. جنهن جو ذڪر سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ”جنم گذاريم جن سين“ ۾ ڪيو آهي. جڏهن ته ۱۹۷۰ع ۾ سائين جي ايم سيد جي موجودگيءَ ۾، فقير رسول بخش، سماٽ قبيلي جو اجلاس ڪوٺائي، پنهنجي زندگيءَ ۾ پنهنجي پٽ ڄام تماچيءَ کي، سردار ڪوٺايو. جيڪو هن وقت سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ۽ پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جو چيئرمين آهي.

سردار ڄام تماچي انڙ پڻ، پنهنجي والد جي رستي تي هلندي سماجي ڪمن ۽ غريبن جي خدمت ڪرڻ ۾ اڳڀرو آهي.

جڏهن ته رئيس فقير رسول بخش انڙ، ۲۰ ڊسمبر ۱۹۸۰ع ۾ وفات ڪري ويو.


 

رئيس رسول بخش خان انڙ

ضياءُ قريشي

سردار رسول بخش خان انڙ ۱۹۰۱ع ڌاري، سردار خان صاحب محمد خان انڙ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد سڄي سنڌ ۾ سخاوت جي حوالي سان به مشهور هو. هن خاندان جو لاڳاپو ۽ شجرو، سنڌ جي سما خاندان سان ملي ٿو، جيڪي سنڌ جا حاڪم هئا. پهرئين سمي حاڪم ڄام انڙ جو اولاد هئا. انهن جي تعلق جي ڪري، سردار رسول بخش انڙ جي خاندان جي، سنڌ جي سما خاندان ۾ نمايان حيثيت رهي آهي ۽ کين سما خاندان جو وڏو گهر سڏيو ويندو آهي. رئيس رسول بخش انڙ سنڌ جي بمبئي کان جدا ٿيڻ کانپوءِ ۱۹۳۷ع ۾، سنڌ جي پهرئين اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. ان کان پهريائين ۱۹۳۳ع ۾ لوڪل بورڊ نوابشاهه جو پريزيڊنٽ پڻ رهيو.

رئيس رسول بخش انڙ، سال ۱۹۴۰ع ۾، حيدرآباد ۾ آل پاڪستان سماٽ ايسوسيئيشن جو صدر پڻ چونڊيو ويو. رسول بخش انڙ جو نالو، ان دور ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو، جڏهن ۱۹۴۲ع ۾ هڪ انگريز ڪليڪٽر نالي ڊيوس سان سندس تڪرار ٿيو. ان دوران هي پهريون شخص هو، جنهن انگريز سرڪار کان خانبهادري جي لقب وٺڻ کان انڪار ڪيو. سندس ان قدم تي انگريز سرڪار سخت ناراض ٿي ۽ مٿس توڙي سندس ٻن ڀائرن رئيس امام بخش انڙ ۽ رئيس ڌڻي بخش انڙ تي، بغاوت ۽ قانون شڪني ۽ متوازي حڪومت قائم ڪرڻ جا ڪيس لاڳو ڪري، کين چالان ڪيو ويو. سردار صاحب کي تنگ ڪرڻ لاءِ، سندس شنوائيون پري پري وارن شهرن ۾ رکيون ويون. ان وقت سانگهڙ ۽ نوابشاهه، هڪ ضلعو هئا پر جنهن به شهر ۾ سندن شنوائي ٿيندي هئي، اتي هزارين ماڻهو گڏ ٿي ويندا هئا. اصل ۾ هي ڪيس، فقير رسول بخش انڙ جي طاقت ۽ سندس اثر رسوخ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪيا ويا هئا. پر رئيس فقير رسول بخش، چيف ڪورٽ مان بري ٿيو. سندس ڪيس جي پيروي نامور بئريسٽر وڪيل محمد علي جناح صاحب ڪئي.

سال ۱۹۵۰ع ڌاري، سردار رسول بخش انڙ جو صوفي ازم ڏانهن لاڙو ٿيو ۽ سرداريءَ واري لقب کي پاڻ هٽائي فقيريءَ جو لقب اختيار ڪيائين ۽ سمورو وقت، سماجي خدمت ۽ فلاح و بهبود جا ڪم ڪرڻ ۾ وقف ڪيائين. فقير صاحب، ٽي چار ڀيرا، پنهنجي هارين جا قرض به معاف ڪيا. هارين جي کاتن جا ڪتاب گهرائي، انهن مان غريب هارين جي قرض جا سمورا ورق ساڙي ڇڏيائين. جڏهن ته فقير صاحب، پنهنجي وٿاڻن ۾ بيٺل جانور کي به غريبن ۾ ورهائي ڇڏيو. سندس اها سخاوت اڄ به تر جي ماڻهن کي ياد آهي.

سنڌ جي مختلف مشهور خاندانن سان سندن تعلقات هئا پر فقير رسول بخش جن جا سائين جي ايم سيد سان گهاٽا واسطا، گهاٽي دوستي ۽ ويجهڙائپ هئي. جنهن جو ذڪر سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ”جنم گذاريم جن سين“ ۾ ڪيو آهي.

جڏهن ته ۱۹۷۰ع ۾ سائين جي ايم سيد جي موجودگيءَ ۾، فقير رسول بخش، سماٽ قبيلي جو اجلاس ڪوٺائي، پنهنجي زندگيءَ ۾ پنهنجي پٽ ڄام تماچيءَ کي سردار ڪوٺايو. رئيس فقير رسول بخش انڙ، ۲۰ ڊسمبر ۱۹۸۰ع ۾ وفات ڪري ويو. سردار ڄام تماچي انڙ، جيڪو سابقه سنڌ اسيمبلي جو ميمبر، پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي (PAC) جو چيئرمين ۽ اڳوڻو چيئرمين ضلعي ڪائونسل، شهيد بينظير آباد طور پڻ پنهنجا فرائض سر انجام ڏئي چڪو آهي. سردار ڄام تماچي انڙ، ڄام سليم انڙ مرحوم ۽ ڄام فيروز انڙ پڻ پنهنجي والد مرحوم جي رستي تي هلندي سماجي ڪمن ۽ غريبن جي خدمت ڪرڻ ۾ اڳڀرو آهن. 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۱ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)




رئيس رسول بخش انڙ

مڻيادار شخصيت

ضياءُ قريشي

سنڌ جي سرزمين هميشه مردم خيز رهي آهي، جنهن هر دور ۾ اهڙن انمول شخصيتن کي جنم ڏنو آهي جيڪي پنهنجي عملي ڪردار، علم توڙي سخاوت ۾ پنهنجو مَٽُ پاڻ رهيا آهن. سنڌ جا اهي اعليٰ صفت انسان جن عوام جي ڀلائي، بهتري ۽ ترقيءَ جي لاءِ پنهنجي هڙان وڙان پاڻ موکيو آهي، پنهنجو مانُ ۽ شانُ مٿانهون رکندي پنهنجي وطن جي حفاظت ڪئي آهي ۽ ڪوڙي شانَ شوڪت ۽ هٿ ٺوڪيا لقب ۽ اعزاز ٿڏي ڇڏيا، اهڙن مڻيادار ماڻهن منجھ هڪ اهڙو ڪردار آهي، جنهن انگريزن جي دور ۾ خانبهادر جو لقب ٿڏي ڇڏيو ۽ جنهن جي پاداش ۾ مٿس بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو.

ان شخصيت جي سخاوت به وڏي مشهور هئي. اها شخصيت ضلعي ڪائونسل شهيد بينظير آباد جي موجوده چيئرمين سردار ڄام تماچي انڙ جو والد فقير رسول بخش انڙ هيو. فقير رسول بخش انڙ جي ورسي هر سال ۲۰ ڊسمبر جي ڏهاڙي تي ملهائي ويندي آهي. سردار رسول بخش خان انڙ ۱۹۰۱ع ڌاري، سردار خان صاحب محمد خان انڙ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد سڄي سنڌ ۾ سخاوت جي حوالي سان به مشهور هو. هن خاندان جو لاڳاپو ۽ شجرو، سنڌ جي سما خاندان سان ملي ٿو، جيڪي سنڌ جا حاڪم هئا. پهرئين سمي حاڪم ڄام انڙ جو اولاد هئا. انهن جي تعلق جي ڪري، سردار رسول بخش انڙ جي خاندان جي، سنڌ جي سما خاندان ۾ نمايان حيثيت رهي آهي ۽ کين سما خاندان جو وڏو گهر سڏيو ويندو آهي.

رئيس رسول بخش انڙ سنڌ جي بمبئي کان جدا ٿيڻ کانپوءِ ۱۹۳۷ع ۾ سنڌ جي پهرئين اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. ان کان پهريائين ۱۹۳۳ع ۾ لوڪل بورڊ نوابشاھ جو پريزيڊنٽ پڻ رهيو. رئيس رسول بخش انڙ، سال ۱۹۴۰ع ۾ حيدرآباد ۾ آل پاڪستان سماٽ ايسوسيئيشن جو صدر پڻ چونڊيو ويو. رسول بخش انڙ جو نالو ان دور ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو، جڏهن ۱۹۴۲ع ۾ هڪ انگريز ڪليڪٽر نالي ڊيوس سان سندس تڪرار ٿيو. ان دوران هي پهريون شخص هو، جنهن انگريز سرڪار کان خانبهادريءَ جي لقب وٺڻ کان انڪار ڪيو. سندس ان قدم تي انگريز سرڪار سخت ناراض ٿي ۽ مٿس توڙي سندس ٻن ڀائرن رئيس امام بخش انڙ ۽ رئيس ڌڻي بخش انڙ تي بغاوت ۽ قانون شڪني ۽ متوازي حڪومت قائم ڪرڻ جا ڪيس لاڳو ڪري کين چالان ڪيو ويو. سردار صاحب کي تنگ ڪرڻ لاءِ سندس شنوايون پري پري وارن شهرن ۾ رکيون ويون. ان وقت سانگهڙ ۽ نوابشاھ هڪ ضلعو هئا، پر جنهن به شهر ۾ سندن شنوائي ٿيندي هئي، اتي هزارين ماڻهو گڏ ٿي ويندا هئا. اصل ۾ هي ڪيس فقير رسول بخش انڙ جي طاقت ۽ سندس اثر رسوخ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪيا ويا هئا. پر رئيس فقير رسول بخش چيف ڪورٽ مان بري ٿيو. سندس ڪيس جي پيروي نامور بئريسٽر وڪيل محمد علي جناح صاحب ڪئي. سال ۱۹۵۰ع ڌاري سردار رسول بخش انڙ جو صوفي ازم ڏانهن لاڙو ٿيو ۽ سرداريءَ واري لقب کي پاڻ هٽائي فقيريءَ جو لقب اختيار ڪيائين ۽ سمورو وقت سماجي خدمت ۽ فلاح و بهبود جا ڪم ڪرڻ ۾ وقف ڪيائين. فقير صاحب ٽي چار ڀيرا پنهنجي هارين جا قرض به معاف ڪيا. هارين جي کاتن جا ڪتاب گهرائي، انهن مان غريب هارين جي قرض جا سمورا ورق ساڙي ڇڏيائين. جڏهن ته فقير صاحب پنهنجي وٿاڻن ۾ بيٺل جانور به غريبن ۾ ورهائي ڇڏيا. سندس اها سخاوت اڄ به تر جي ماڻهن کي ياد آهي.

سنڌ جي مختلف مشهور خاندانن سان سندن تعلقات هئا. پر فقير رسول بخش جن جا سائين جي ايم سيد سان گهاٽا واسطا ۽ گهاٽي دوستي ۽ ويجهڙائپ هئي. جنهن جو ذڪر سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب “جنم گذاريم جن سين” ۾ ڪيو آهي. جڏهن ته ۱۹۷۰ع ۾ سائين جي ايم سيد جي موجودگيءَ ۾ فقير رسول بخش سماٽ قبيلي جو اجلاس ڪوٺائي پنهنجي زندگيءَ ۾ پنهنجي پٽ ڄام تماچيءَ کي سردار ڪوٺايو. جڏهن ته رئيس فقير رسول بخش انڙ ۲۰ ڊسمبر ۱۹۸۰ع ۾ وفات ڪري ويو. سردار ڄام تماچي انڙ جيڪو سابقه سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر، پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي (PAC) جو چيئرمين ۽ چيئرمين ضلع ڪائونسل شهيد بينظير آباد طور پڻ پنهنجا فرض سرانجام ڏئي چڪو آهي. سردار ڄام تماچي انڙ، ڄام سليم انڙ ۽ ڄام فيروز انڙ پڻ پنهنجي والد مرحوم جي رستي تي هلندي سماجي ڪمن ۽ غريبن جي خدمت ڪرڻ ۾ اڳڀرا آهن.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾، ۲۰ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)


 

رسول بخش انڙ

مڻيادار شخصيت رئيس

ضياءُ قريشي

سنڌ جي سرزمين هميشه مردم خيز رهي آهي، جنهن هر دور ۾ اهڙن انمول شخصيتن کي جنم ڏنو آهي جيڪي پنهنجي عملي ڪردار، علم توڙي سخاوت ۾ پنهنجو مَٽُ پاڻ رهيا آهن. سنڌ جا اهي اعليٰ صفت انسان جن عوام جي ڀلائي، بهتري ۽ ترقيءَ جي لاءِ پنهنجي هڙان وڙان پاڻ موکيو آهي، پنهنجو مانُ ۽ شانُ مٿانهون رکندي پنهنجي وطن جي حفاظت ڪئي آهي ۽ ڪوڙي شانَ شوڪت ۽ هٿ ٺوڪيا لقب ۽ اعزاز ٿڏي ڇڏيا، اهڙن مڻيادار ماڻهن منجهه هڪ اهڙو ڪردار آهي، جنهن انگريزن جي دور ۾ خانبهادر جو لقب ٿڏي ڇڏيو ۽ جنهن جي پاداش ۾ مٿس بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو.

ان شخصيت جي سخاوت به وڏي مشهور هئي. اها شخصيت اڳوڻي سينيٽر سردار ڄام تماچي انڙ جو والد فقير رسول بخش انڙ هو. فقير رسول بخش انڙ جي ورسي هر سال ۲۰ ڊسمبر جي ڏهاڙي تي ملهائي ويندي آهي. سردار رسول بخش خان انڙ ۱۹۰۱ع ڌاري، سردار خان صاحب محمد خان انڙ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد سڄي سنڌ ۾ سخاوت جي حوالي سان به مشهور هو. هن خاندان جو لاڳاپو ۽ شجرو، سنڌ جي سما خاندان سان ملي ٿو، جيڪي سنڌ جا حاڪم هئا. پهرئين سمي حاڪم ڄام انڙ جو اولاد هئا. انهي تعلق جي ڪري، سردار رسول بخش انڙ جي خاندان جي، سنڌ جي سما خاندان ۾ نمايان حيثيت رهي آهي ۽ کين سما خاندان جو وڏو گهر سڏيو ويندو آهي.

رئيس رسول بخش انڙ سنڌ جي بمبئي کان جدا ٿيڻ کانپوءِ ۱۹۳۷ع ۾ سنڌ جي پهرئين اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. ان کان پهريائين ۱۹۳۳ع ۾ لوڪل بورڊ نوابشاهه جو پريزيڊنٽ پڻ رهيو. رئيس رسول بخش انڙ، سال ۱۹۴۰ع ۾ حيدرآباد ۾ آل پاڪستان سماٽ ايسوسيئيشن جو صدر پڻ چونڊيو ويو. رسول بخش انڙ جو نالو ان دور ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو، جڏهن ۱۹۴۲ع ۾ هڪ انگريز ڪليڪٽر نالي ڊيوس سان سندس تڪرار ٿيو. ان دوران هي پهريون شخص هو، جنهن انگريز سرڪار کان خانبهادريءَ جي لقب وٺڻ کان انڪار ڪيو. سندس ان قدم تي انگريز سرڪار سخت ناراض ٿي ۽ مٿس توڙي سندس ٻن ڀائرن رئيس امام بخش انڙ ۽ رئيس ڌڻي بخش انڙ تي بغاوت ۽ قانون شڪني ۽ متوازي حڪومت قائم ڪرڻ جا ڪيس لاڳو ڪري کين چالان ڪيو ويو. سردار صاحب کي تنگ ڪرڻ لاءِ سندس شنوايون پري پري وارن شهرن ۾ رکيون ويون. ان وقت سانگهڙ ۽ نوابشاهه هڪ ضلعو هئا، پر جنهن به شهر ۾ سندن شنوائي ٿيندي هئي، اتي هزارين ماڻهو گڏ ٿي ويندا هئا. اصل ۾ هي ڪيس فقير رسول بخش انڙ جي طاقت ۽ سندس اثر رسوخ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪيا ويا هئا. پر رئيس فقير رسول بخش چيف ڪورٽ مان بري ٿيو. سندس ڪيس جي پيروي نامور بئريسٽر وڪيل محمد علي جناح صاحب ڪئي. سال ۱۹۵۰ع ڌاري سردار رسول بخش انڙ جو صوفي ازم ڏانهن لاڙو ٿيو ۽ سرداريءَ واري لقب کي پاڻ هٽائي فقيريءَ جو لقب اختيار ڪيائين ۽ سمورو وقت سماجي خدمت ۽ فلاح و بهبود جا ڪم ڪرڻ ۾ وقف ڪيائين. فقير صاحب ٽي چار ڀيرا پنهنجي هارين جا قرض به معاف ڪيا. هارين جي کاتن جا ڪتاب گهرائي، انهن مان غريب هارين جي قرض جا سمورا ورق ساڙي ڇڏيائين. جڏهن ته فقير صاحب پنهنجي وٿاڻن ۾ بيٺل جانور به غريبن ۾ ورهائي ڇڏيا. سندس اها سخاوت اڄ به تر جي ماڻهن کي ياد آهي.

سنڌ جي مختلف مشهور خاندانن سان سندن تعلقات هئا. پر فقير رسول بخش جن جا سائين جي ايم سيد سان گهاٽا واسطا ۽ گهاٽي دوستي ۽ ويجهڙائپ هئي، جنهن جو ذڪر سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ ۾ ڪيو آهي. جڏهن ته ۱۹۷۰ع ۾ سائين جي ايم سيد جي موجودگيءَ ۾ فقير رسول بخش سماٽ قبيلي جو اجلاس ڪوٺائي پنهنجي زندگيءَ ۾ پنهنجي پٽ ڄام تماچيءَ کي سردار ڪوٺايو. جڏهن ته رئيس فقير رسول بخش انڙ ۲۰ ڊسمبر ۱۹۸۰ع ۾ وفات ڪري ويو. سردار ڄام تماچي انڙ جيڪو سابقه سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر، پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي (PAC) جو چيئرمين ۽ چيئرمين ضلع ڪائونسل شهيد بينظير آباد طور پڻ پنهنجا فرض سرانجام ڏئي چڪو آهي. سردار ڄام تماچي انڙ، ڄام سليم انڙ ۽ ڄام فيروز انڙ پڻ پنهنجي والد مرحوم جي رستي تي هلندي سماجي ڪمن ۽ غريبن جي خدمت ڪرڻ ۾ اڳڀرا آهن.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۰ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)



فقير رسول بخش انڙ

سنڌ جي انمول شخصيت

ضياءُ قريشي

سنڌ جي سرزمين تي اهڙا املهه ماڻهو پيدا ٿيا آهن، جن پنهنجي زندگي سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جي فلاح وبهبود جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي، اهڙا ڪي ئي املهه ماڻڪ پاڻ ملهائي سنڌ امڙ جي هنج ۾ آرامي ٿيا آهن. ليڪن انهن جو نالو اڄ به سنڌ جي فضائن ۾ گونجي ٿو، اهڙن نالن ۾ فقير رسول بخش انڙ جو نالو به نمايان آهي. فقير رسول بخش انڙ اهو ارڏو انسان آهي جنهن سنڌ جي دشمنن سان هميشه سينو ساهي مقابلو ڪيو. سنڌ جڏهن بمبيءَ کان ڌار ٿي ته هي پاڪستان کي جنم ڏيندڙ سنڌ اسيمبلي جي پهرين ڪابينا جو ميمبر ٿيو اهو ۱۹۳۷ع جو دور هيو. فقير رسول بخش جا ۱۹۴۲ع ۾ انگريز سرڪار سان اختلاف ٿيا، ان دوران هي سنڌ جو واحد بهادر انسان هو جنهن انگريز سرڪار کان خانبهادر جو لقب جو اعزاز نه قبوليو جنهن جي باعث فقير رسول بخش انڙ سميت سندس ٻن ڀائرن رئيس امام بخش ۽ رئيس ڌڻي بخش تي بغاوت جا ڪيس هڻي قيد ڪيو ويو. سنڌ جو هي سپوت فقير رسول بخش انڙ ۱۹۰۱ع ۾ سردار خان صاحب خان انڙ جي گهر ۾ جنم ورتو، جن جي زميداري قاضي احمد کان وٺي ڄال صاحب تائين هوندي هئي، جنهن جو تعلق ڄام انڙ سمان خاندان سان هو. ان ڪري هن خاندان کي سماٽ جو وڏو گهر پڻ ليڪيو ويندو هو، پاڻ سياسي ڪيريئر جي شروعات ضلعي لوڪل بورڊ جي پريزيڊنٽ جي حيثيت سان ڪيائون ان دور ۾ نوشهرو ۽ سانگهڙ هڪ ئي ضلعو هو، پاڻ پنهنجي ڏاهپ ۽ محنت سان سياست ۾ هڪ سگهارو نالو ٿي منظر عام تي آيو ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر جي حيثيت حاصل ڪيائين. انگريز سامراج کي جنهن وقت فقير رسول بخش انڙ خانبهادر جو لقب واپس ڪيو ته انگريزن ان کي پنهنجي توهين سمجهي اهو چئِي بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ته اهو علائقو اڃا انگريز فتح نه ڪري سگهيا آهن ۽ فقير رسول بخش متوازي حڪومت هلائي پيو. هن ان ڪيس ۾ باباءِ قوم قائد اعظم ڪي پنهنجو وڪيل نامزد ڪيو  ان وقت ۾ چيف ڪورٽ هنن کي باعزت بري ڪيو. هي ۱۹۴۰ع ۾ حيدرآباد ۾ آل پاڪستان سماٽ ايسوسيئيشن جو صدر چونڊجي ويو. هن جو ۱۹۵۰ع ۾ صوفي ازم ڏانهن لاڙو ٿيو ۽ سرداري لقب هٽائي فقير جو لقب اختيار ڪيائين ۽ پوءِ سمورو وقت سماجي ڪمن ۽ غريبن جي فلاح وبهبود جا ڪم ڪرڻ ۾ وقف ڪيائين، پاڻ ٽي چار ڀيرا پنهنجي هارين جا قرض معاف ڪيائين، هارين جي کاتن جا ڪتاب گهرائي انهن مان غريب هارين ڏي لکيل قرض جا سڀ ورق ساڙي ڇڏيائين. هن پنهنجي وٿاڻن ۾ بيٺل جانور ٻه ٻه ڀيرا غريبن ۾ ورهايا، سندس اها سخاوت اڄ به علائقي ۾ ياد ڪئي وڃي ٿي. هن جي سائين جي ايم سيد سان تمام گهڻي دوستي ۽ ويجهڙائي مئي ان جو ذڪر سائين جي ايم سيد پنهنجي لڪيل ڪتاب جنب گذاريم، جن سين ۾ پڻ ذڪر ڪيو. هن جي موجودگي ۾ ۱۹۷۰ع ڌاري سماٽ قبيلي جو ڪٺ گهرايو ويو ۽ هن جي فرزند ڄام تماچي انڙ کي سماٽ قبيلي جي پڳ ٻڌرائي وئي. پاڻ ۱۹۸۰ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا. هن وقت سندس پٽ سردار ڄام تماچي انڙ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر آهي ۽ ان سان گڏوگڏ پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جو چيئرمين پڻ آهي ۽ پنهنجي والد جي ڇڏيل رستي تي هلندي غريبن جي مدد ڪرڻ ۾ نهايت ئي اڳڀرو آهي، علائقي جا ماڻهو هن کي ڏسندي ئي بي اختيار سندس والد محترم فقير رسول بخش انڙ کي ياد ڪري ويهندا آهن.

No comments:

راءِ ڏيندا