; سنڌي شخصيتون: جسٽس عبدالرزاق ٿهيم - جي- ايم منگي

02 December, 2012

جسٽس عبدالرزاق ٿهيم - جي- ايم منگي

جسٽس عبدالرزاق ٿهيم
انسان دوست ۽ محب وطن شخص
جي- ايم منگي
هر انسان کي هڪ ڏينهن هي جهان ڇڏڻو آهي ۽ موت جو مزو چکڻو آهي، پر ڪجهه ماڻهو اهڙا به هوندا آهن، جن جون يادون هميشه دلين تي نقش ٿي وينديون آهن. اهڙن انسان دوست ڪردارن ۾ هڪ اهم ڪردار مرحوم جسٽس عبدالرزاق ٿهيم جو به آهي، جنهن  جي قانوني، تعليمي ۽ عام ڀلائي وارن ڪمن کان ڪير واقف نه آهي.


جسٽس (ر) عبدالرزاق ٿهيم جو سڀ کان وڏو ڪارنامو اهو آهي ته هن کي جڏهن ٽوڙهي ڦاٽڪ ڪيس جي عدالتي جاچ ڪرڻ لاءِ عدالتي ٽربيونل جو سربراه مقرر ڪيو ويو ته هن جيڪا عدالتي رپورٽ تيار ڪري حڪومت وقت کي ڏياري موڪلي، جيڪڏهن اها عوام آڏو پڌري ڪئي وڃي ته هوند اهو سنڌ تي وڏو احسان ٿيندو. جيتوڻيڪ اها عدالتي جاچ رپورٽ اڃا سوڌو سرڪار جي بي حسي سبب يا وري حڪومت وقت جي خلاف هئڻ ڪري ڪا به چونڊيل يا اڻ چونڊيل حڪومت ان کي پڌرو ڪرڻ لاءِ تيار نه به ٿئي پر حقيقت اها آهي ته جسٽس عبدالرزاق ٿهيم پنهنجي هن رپورٽ ۾ نه صرف ٽوڙهي ڦاٽڪ ڪيس جي حوالي سان انصاف ڪيو پر هن حڪومت کي اها به تجويز ڏني ته مارجي ويل نوجوانن جي وارثن کي معاوضو پڻ ڏنو وڃي. مرحوم عبدلرزاق ٿهيم اها جاچ رپورٽ مونکي نه صرف ڏيکاري هئي، پر هن اها به هدايت ڪئي هئي ته هو ان رپورٽ جي حوالي سان تحريري طور تي ڪجهه به نه لکي، (ان جو شاهد اسانجو سينيئر صحافي ۽ پيارو دوست ضياءُ قريشي پڻ آهي). باقي ان حوالي سان زباني طور تي مونکي مرحوم حقيقت بيان ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي. اڄ جڏهن هو هن فاني دنيا ۾ نه آهي ۽ سڀاڻي شايد مان به نه هجان ته مون اهو فرض سمجهيو ته اها حقيقت اوهان جي آڏو بيان ڪري ڇڏيان ته جيئن تاريخ جي هن امر ڪردار جي ارڏائپ ۽ سچائي کان هي دنيا ۽ خاص ڪري اسان جا پنهنجا ماڻهو واقف هجن. جيڪڏهن قومي اسيمبلي جو موجوده ميمبر جيڪو پڻ ٽوڙهي ڦاٽڪ ڪيس ۾ اسير رهيو آهي، اها رپورٽ شايع ڪرائي حڪومت کان ٽوڙهي ڦاٽڪ ڪيس جي فوتين جو معاوضو وارثن کي ڏياري سگهي ته اهو هن مٿان واجب نه پر فرض آهي. ڇاڪاڻ ته هو پاڻ به متاثرين ۾ شامل هو ۽ مڙني حقيقتن کان به واقف آهي.
جسٽس (ر) عبدلرزاق ٿهيم سان منهنجي دوستي اٽڪل ويهارو سال کن رهي ۽ مان جڏهن وٽس ويندو هوس ته انتهائي حسن اخلاق ۽ محبت سان پيش ايندو هو. هو هر ڏکئي وقت ۾ منهنجي ڪم آيو ۽ اڄ سندس ڪمي مون کي ڏاڍي محسوس ٿي رهي آهي. مرحوم عبدلرزاق ٿهيم کي جڏهن جيل سڌارن واري ڪاميٽي ۾ شامل ڪيو ويو ته هن ملڪ جي ڪافي جيلن جا دورا ڪيا ۽ کيس اُڊيالا جيل راولپنڊي جو دورو ڪرڻ جو به موقعو مليو، جتي هن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي باري ۾ به معلومات ورتي ۽ بعد ۾ ان کي ڪتابي شڪل ۾ به شايع ڪرايو هو.
مرحوم هڪ ڪتاب سنڌ جي ذاتين تي به لکيو هو جيڪو بعد ۾ هن شايع به ڪرايو. هن جو چوڻ هو ته ٿهيم ۽ منگي دراصل عرب نسل جا آهن ۽ محمد قاسم جڏهن سنڌ تي حملو ڪيو ته اهي ان سان گڏجي آيا هئا. بعد ۾ ان جي تصديق ڪجهه ٻين عالمن به ڪئي.
مرحوم عبدالرزاق ٿهيم جو قانون جي شعبي ۾ وڏو ڪم ٿيل آهي، جنهن تي هن کي سدائين فخر به رهيو. هو اصولن جو تمام پڪو ۽ ارادي جو مضبوط ۽ اٽل انسان هو. هن ڪنهن جي به آڏو جهڪڻ نه سکيو هو. مون کي اڄ به چڱي طرح ياد آهي ته هڪ ٽيليويزن چينل کي انٽرويو ڏيڻ دوران جڏهن انٽرويو ڪندڙ اينڪر کيس چيو ته جسٽس صاحب اوهانجي بلديات واري کاتي ۾ به ڪرپشن هوندي، ڇاڪاڻ ته ان کاتي وٽ به وڏا فنڊ آهن ته مونکي سٺي نموني ياد آهي ته مرحوم کي ان تي تمام گهڻي تڪليف ٿي هئي ۽ هن ڏکاري انداز سان ڏوراپو ڏيندي سامهون ويٺل اينڪر کي چيو ته هن جي کاتي وٽ ڪي به فنڊ نه آهن، ڇاڪاڻ ته بنيادي طور تي بلديات وارو ڪم صوبن جي حوالي آهي ۽ هو جيڪي دورا ڪري ڪمن جا معائنا ڪندو آهي دراصل وفاقي حڪومت جي پي ڊبليو ڊي کاتي پاران ڪرايل هوندا آهن ۽ اهي فنڊ به انهن وٽ هوندا آهن. جنهن تي انٽرويو ڪندڙ فورًا احساس ٿيو ته هن اهڙو تکو سوال ڪري جسٽس صاحب جي دل رنجائي آهي ۽ هن فوري طور تي اهو چئي معاملي کي سلجهائي ورتو ته جسٽس صاحب مون ته مڙيو ئي سوال ڪيو هو ۽ اوهان ته ان کي دل تي ورتو آهي.
جسٽس عبدالرزاق ٿهيم کي ان ڳالهه تي به فخر هو ته سپريم ڪورٽ جي موجوده چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري سندس ذات جي حوالي سان اهو چيو هو ته؛ هن ڪرپشن واري عالم ۾ جسٽس عبدالرزاق ٿهيم جهڙو ايماندار وزير به موجود آهي.
جسٽس عبدالرزاق ٿهيم مرحوم کي ڪرپشن کان سخت نفرت ۽ چڙ هئي ۽ هن پنهنجي اولاد جي تربيت به اهڙي ئي انداز ۾ ڪئي آهي. هو ته ملڪ لاءِ خدمتون انجام ڏيندي اسلام آباد ۾ سخت بيمار ٿي پيو ۽ اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. جيتوڻيڪ ان وقت سنڌ ۾ سخت ٻوڏ آيل هئي ۽ سڄو جيڪب آباد به ٻڏل هو، پر ان جي با وجود سندس صالح اولاد، مرحوم کي سندس خواهش مطابق انتهائي مشڪل حالات هوندي به اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو. ان وقت جي وزيراعظم مرحوم جي ميت، سندس اباڻي ڳوٺ پهچائڻ لاءِ هيلي ڪاپٽر ڏنو هو. هي باڪردار انسان اڄ به پنهنجي دوستن جي حلقي ۾ انتهائي ادب ۽ احترام سان ياد ڪيو ويندو آهي. شال الله تعالي مرحوم تي رحمتون نازل فرمائي ۽ کيس جوار رحمت ۾ جاءِ ڏئي.

No comments:

راءِ ڏيندا