; سنڌي شخصيتون: ارد شير ڪاوسجي - محمد خان دائود

16 December, 2012

ارد شير ڪاوسجي - محمد خان دائود


ارد شير ڪاوسجي
ساڻس ھڪ يادگار ملاقات
محمد خان دائود
مون ايوب خان جي خلاف لکيو، مون سڪندر خان جي خلاف لکيو، مون يحيٰ خان خلاف لکيو، مون ڀٽي جي خلاف لکيو، مون ضياءَ جي خلاف لکيو، مون هر اچڻ واري حڪومت جي خلاف لکيو، مون ڏاڍن جي خلاف لکيو، مون انهن جي خلاف به لکيو جيڪي هر روز ڪراچي کي لهو سان لال ڪندا رهيا، مون انهن وڏن وڏن ڪارن بوٽن خلاف به لکيو جيڪي چوندا آهن ته اسان ملڪ جا وفادار آهيون پر ملڪ جي جهنڊي کي انهن هميشه پيرن بلڪه ڪارن بوٽن هيٺيان چيڀاٽيو آهي، انهن لانگ بوٽن وارن هميشه ملڪ جي جهنڊي جي انتهائي حد تائين بي عزتي ڪئي آهي!


مون مولوين جي خلاف به لکيو پر منهنجي مولوين جي خلاف لکڻ کي ڪير ائين نه سمجهي ته اهو ڪوئي اسلام جي خلاف مون لکيو آهي، مون ڪڏهن به ڪنهن دين، ڌرم، يا مسلڪ خلاف ناهي لکيو ڇو جو دين ڀلي ڪهڙو به هجي اهو ته رويو، طريقو ۽ رستو هوندو آهي، جنهن تي انسان هلندو آهي، پوءِ ڪو ئي هلي هلي صراط المستقيم تي وڃي پهچندو آهي، ڪو ٽريڪ تان لهي گهري کاهي ۾ وڃي ڪرندو آهي. جنهن کاهيءَ ۾ صرف هلاڪت ئي هوندي آهي!
مان وري به چوان ٿو ته سڀئي دين ڌرم منهنجي اکين جا نور آهن، جيڪڏهن مان عيسائين کي برو چوان ته مان حضرت عيسيٰ کي ڪيئن ٿو برو چئي سگهان، جنهن پاڻ صلب ٿي عيسائين کي فضل وارو زمانو ڏنو! جيڪڏهن مان يهوديت کي برو چوان ته مان حضرت موسيٰ عليه السلام کي ڪيئن ٿو برو چئي سگهان، جيڪو خدا سان هر روز هم ڪلام ٿيندو هو.
اهڙي طرح جيڪڏهن مان ٻڌ مت کي برو چوان يا لکان ته مان ان کي ڪيئن ٿو برو لکي سگهان جيڪو سموري دنيا کي ڏکن جي جاءِ چوندو هو، هاڻي مون کي ۸۰ سالن جي جڏهن منهنجي ڄمار ٿي آهي ته مون کي سمجهه آئي آهي ته سَروم دکم دکم! سمورو جهان ڏک آهي.
مان ان هندو مذهب کي ڪيئن ٿو برو چئي يا لکي سگهان، جيڪي هندو منهنجي ننڍپڻ جا سنگتي هُئا، هاڻي جنهن جاءِ تي ايمپريس مارڪيٽ آهي انهيءَ جاءِ تي مان ۽ منهنجا هندو ساٿي ڀائر دوست گڏ سائيڪل هلائيندا هئاسين، هندو تمام گهڻا عظيم هوندا آهن، تاريخ شاهد آهي ته هندن وڏا نيڪ ۽ خير جا ڪم ڪيا آهن، وڏيون وڏيون اسپتالون، يتيم خانا، اسڪول ۽ جانورن جا گهر ٺهرائيا هُئا ۽ پوءِ ڇا ڪندا هئا جو پنهنجو نالي وارو پٿر (Foundation Stone) پيڙهه جو پٿر ان اسپتال جي وڏي دروازي جي هيٺيان زمين تي لڳرائيندا هئا ته جيئن هر اچڻ وارو پيو انهن جي نالي تي پير رکي، مان اهڙن عظيم اڳواڻن جي مذهب جي خلاف نٿو لکي سگهان.
پوءِ مون وري وچ ۾ سوال ڪيو ته توهان ملن جي خلاف ڇو لکيو آهي اها اسلام دشمني ناهي؟؟
ان سوال کان پوءِ هو سوچ ۾ ٻڏي ويو ۽ ڪجهه سوچڻ لڳو ۽ چيائين ته ”اسلام ته سچائي آهي، معصوميت آهي، نور آهي، رستو آهي پر ملا ڪوڙ آهن، خون پيئڻ واريون ڄورون آهن، بيوقوف آهن، جاهل آهن، انهن کي اسلام جي ڪجهه به خبر ناهي، انهن اسلام جو برڪو پائي ان بُرڪي پويان ڏوهه ڪيا آهن، اسلام جو ڌوڪي، فريب ۽ ڪوڙ سان ڪهڙو ناتو پر ٻڌ مان هڪ واپاري به آهيان، منهنجي هر روز انهن سان ڏي وٺ ٿيندي آهي، ملا دنيا ۾ سڀ کان وڏا ڪوڙا آهن.
مون انهن فريبي مولوين خلاف ضرور لکيو آهي پر مان ڪڏهن به اسلام جي خلاف نٿو لکي سگهان.
جيڪڏهن هڪ اولاد خراب آهي ته ڇا ان جو والد به خراب آهي، مولوي ضرور خراب آهن پر مان ان عظيم انسان جي خلاف ڪيئن ٿو لکي سگهان جيڪو تمام گهڻو ڏاهو، عقل مند، معصوم، عالم، فاضل ۽ حسين آهي، جنهن جهڙو انسان نه ڪڏهن آيو ۽ نه وري ڪڏهن ايندو، ان مان ته مون کي روشني ملندي آهي، جڏهن ان جو نالو مبارڪ ايندو آهي ته عجيب خوشي ۽ راحت محسوس ٿيندي آهي، اهو مون کي ائين چوندو آهي ته:
زندگي تو تم ڀي هو،
زندگي سي ڊرتي هو.
آگهي تو تم ڀي هو،
آگهي سي ڊرتي هو.
آدمي تو تم ڀي هو،
آدمي سي ڊرتي هو.
ڇا توهان انهيءَ لاءِ ته نٿا لکو اسلام جي خلاف جو هي مسلمانن جو ملڪ آهي؟؟
مون سوال ڪيو!
نه..نه..نه..نه..نه..... اها ڳالهه ناهي، ائين بلڪل ناهي، اسلام ۾ ذري برابر خرابي ناهي، جڏهن اسلام ۾ ذري برابر خرابي ناهي ته پوءِ جنهن اسلام جي تعليم آندي، ان کي عام ڪيو، درس ڏنو، ان عظيم هستي ۾ وري ڪهڙي خرابي ٿي سگهي ٿي.
اهو چوندا آهن ته جيئن هو صرف هڪڙو هو بگاڙ ته پوءِ پيدا ٿيو آهي، جيڪڏهن مون کي ڪا خرابي نظر اچي ها ته ضرور لکان ها.
مولوين ۾ بگاڙ نظر اچي ٿو ته لکان ٿو، ڌمڪيون به ملن ٿيون پر مولوي ڪيڏا نه عقل کان خالي آهن، منهنجي زندگي ڪنهن طوطي ۾ ته ناهي جو مون مولوين خلاف لکيو ۽ مولوين ان طوطي کي پڪڙي ان جو ساهه ڪڍي ڇڏيو ۽ مان مري ويس، توهان ئي ٻڌايو ڀلا ائين آهي ڇا؟؟!!
اهي جنهن جون نمازون پڙهن ٿا، مان ان جي ڏنل علم ۽ بهادري سان زماني جي خرابين کي نوٽ ڪري انهن تي لکان ٿو، جيڪڏهن خدا کي مولوين جون نمازون پسند آهن ته منهنجو ان تي پڪو يقين آهي ته خدا کي منهنجو لکڻ به وڻي ٿو، جو اڄ هيڏي عمر ٿي وئي آهي ۽ زندهه به آهيان ۽ لکان به ٿو ۽ پنهنجي لکيل مضمون کي پڙهان به ٿو ۽ وري ٻئي ڏينهن نئين جذبي ۽ عزم سان لکان ٿو.
مون سوال ڪيو، سر جڏهن مذهبن جي ڳالهه نڪتي آهي ته اهو ٻڌايو جيڪڏهن مذهب نه هجن ها ته ڇا دين هلي سگهي ها يا نه؟ هيڏي وڏي دنيا ۾ مذهبن ۾ ته ڪيترائي ماڻهو هلن ٿا!؟
ان سوال ته هو سوچ ۾ ٻڏي ويو......
پوءِ وري چوڻ لڳو ته، تون اهو خيال ڪري سگهين ٿو ته منهنجو وجود منهنجي والد کان سواءِ ئي هجي ها!
وري پاڻ ئي چوڻ لڳو ته اهو خيال هن دنيا ۾ رهندي ڪنهن به غيرت مند انسان جي من ۾ نه ايندو، هر ڪو اهو چوندو ته ان جي ذڪر کان پهريان ان جي والد جو ذڪر اچي، ڇا تو ڪڏهن اسڪول جي حاضري رجسٽر تي غور ڪيو آهي، ميٽرڪ جي ايڊمٽ ڪارڊ تي عور ڪيو آهي، انرولمينٽ ڪارڊ تي غور ڪيو آهي، NIC ڪارڊ تي غور ڪيو آهي، يونيورسٽي ڪارڊ تي غور ڪيو آهي، اسپتال جي بيڊ تي لڳل Daily Sheet تي غور ڪيو آهي، اصل ۾ اهي ته انهن جي سڃاڻپ هوندا آهن، پر اهي اصل سڃاڻپ ناهن هوندا، اهي سمورا سڃاڻپ جا سبب انهن جي شريف ٿيڻ جا دليل هوندا آهن.
ننڍي ليول تي مشهوريءَ ۾ والدين جو حوالو ڪم ايندو آهي، جيئن ڪو ڇوڪرو يوينروسٽي ۾ ٽاپ ڪري ٿو ته اهو فلاڻي جو پٽ آهي، اهڙي طرح جيڪڏهن اهو ڇوڪرو ملڪ جي نمائندگي ڪندي ڪنهن وڏي ايونٽ ۾ شرڪت ڪري ٿو ته پوءِ اهو فلاڻي جو پٽ ناهي پر پوءِ ان جي سڃاڻپ پنهنجي ملڪ ۽ ان جي مذهب سان ڪئي ويندي.
جيئن آئون ننڍو ٻار هئس ته اردشير ڪائوسجي پٽ فلاڻي جو! پر لکڻ لڳس Famous ٿي ويس ته پوءِ اردشير ڪائوسجي فلاڻي جو پٽ نه!
پر اردشير ڪائوسجي، پارسي، پاڪستاني اهڙي طرح فيض احمد فيض، احمد فراز، اشفاق احمد، شيخ اياز، شاهه لطيف، سچل سرمست، بلي شاهه، ماڌو لال حسين، غالب.
اهڙي طرح حضرت محمد صلي الله عليه والهِ وسلم بن عبدالله پوءِ اڳتي هلي حضرت محمد صلي الله عليه والهِ وسلم خدا جو رسول، اهڙي طرح صديق پوءِ اڳتي هلي صديق اڪبر، اهڙي طرح عثمان پوءِ اڳتي هلي عثمان غني!
ائين شيڪسپيئر، خليل جبران، پوءِ اڳتي هلي ٻئي عيسائيت ۾ اچن ٿا، اهڙي طرح محمد رفيع، نور جهان، مهدي حسن پوءِ اڳتي هلي مسلمانن ۾ اچن ٿا.
ارن ڌتي راءِ بطور انڊين رائيٽر پوءِ اڳتي هلي هندو، تون به لکي رهيو آهين، تنهنجي سڃاڻپ هن وقت والد جي نالي سان ٿي رهي آهي، جڏهن تنهنجي لکڻي مشهور ٿيندي پوءِ تون As Muslim، ملڪ ۾ پاڪستان رانديگر As Pakistani پر ملڪ کان ٻاهر As Muslim
دين ڌرم اصل ۾ سڃاڻپ پر غيرت واري سڃاڻپ جو نالو آهي، ڪير ڪيترو غيرت مند آهي اهو ان تي ڇڏي ٿو.
مون سوال ڪيو سر توهان لکو ٿا توهان کي ڌمڪيون ملن ٿيون توهان انهن ڌمڪين کان ڊڄو نٿا؟
ان سوال تي ڪائوسجي مسڪرايو!
مان سڌو لکندو آهيان، جنهن کي زماني نالو ڏنو آهي ”سچ“ پر اصل ۾ اهو سچ ناهي هوندو هاڻي ان مان به هڪ سوال جُڙي ويندو ته سڌو لکڻ ڇا آهي ۽ وري سچ ڇا آهي؟
اصل ۾ سچ ته هڪ ٻي شئي آهي، جنهن جي منهنجي اندر همٿ ئي ناهي لکڻ جي، مان صرف سڌو سڌو لکي ڇڏيندو آهيان، پوءِ اهو سڌو لکڻ انهن کي خراب لڳندو آهي، جنهن جي خلاف اهو لکيل هوندو آهي، پوءِ اهي ڌمڪيون به ڏيندا آهن پر انهن جي ڌمڪي اصل ۾ منهنجو عزم وڌائي ٿي، اڄ مان تنهنجي سامهون ويٺو آهيان ۽ ان ڳالهه تي وڏو عجب لڳندو اٿم ته مان هاڻي ۸۰ جو انگ به ڪراس ڪري چڪو آهيان، جڏهن پهرين ڌمڪيون ملنديون هيون ته اهي سٽون ذهن ۾ تري اينديون هيون ته:
زندگي تو تم ڀي هو،
زندگي سي ڊرتي هو.
آگهي تو تم ڀي هو،
آگهي سي ڊرتي هو.
آدمي تو تم ڀي هو،
آدمي سي ڊرتي هو.
ڌمڪي ڏيڻ وارن وٽ به زندگي آهي ته مون وٽ به زندگي آهي، ڇو ڊڄان، اهي به آدمي آهن، مان به آدمي آهيان، بلڪه کڻي ائين چوان ته پراڻو آدمي آهيان پوءِ ڇو ڊڄان، مان ته ڄاڻ ڏيڻ ٿو چاهيان ۽ هو ڄاڻ کان ڊڄن ٿا، انهن جي ڌمڪين پاڻ مون کي جياريو آهي، مان انهن کي اهو ئي چوندس ته مون کي ڌمڪيون ڏيندا رهن ۽ انهن جي ڌمڪي مون کي جيئاريندي رهي!
سر توهان ڪراچي جا قديم رهواسي آهيو، توهان کي ڏک ڪهڙي ڳالهه تي ٿيندو آهي، نوجوان بي روزگار آهن، انهيءَ ڳالهه تي، بجلي جي لوڊشيڊنگ تي يا قتل غارت تي؟؟
مون کي ائين لڳو اردشير ڪائوسجي روئي رهيو آهي!!
۽ واقعي هو روئي رهيو هو، هن جون پوڙهيون اکيون ڪنهن پراڻي سمنڊ جو ڏيک ڏيڻ لڳيون.
جيئن سمنڊ قديم ته ٿي سگهن ٿا پر پوڙها ناهن ٿيندا، اهڙي طرح جڏهن پوڙهين اکين ۾ جڏهن لڙڪ اچن ته اهي پوڙهيون اکيون گهٽ پر جهونا سمنڊ وڌيڪ لڳنديون آهن ۽ اردشير ڪائوسجي جون اهي پوڙهيون اکيون جهونو سمنڊ ٿي پيون هيون، هو چوڻ لڳو ڪهڙي نه ظالم دور ۾ جي رهيو آهيان، جنهن ڪلاچي جهڙي ننڍڙي ڳوٺ کي ڪراچي ٿيندي ڏٺم، ترقي ڪندي ڏٺم، پاڪ شهر ڏٺم، معصوم شهر ڏٺم، هن شهر جا رستا جڏهن گهر کان ٻاهر ويندو هئس ته هئس ته اهي رستا گلاب سان صاف ٿيندا هئا، هاڻي هن شهر جا رستا خون سان لت پت آهن، جنهن خون کي ڪارو ڏامر به نٿو لڪائي ايترو پاڻي ئي ناهي، جو هن شهر جو خون آلود دامن صاف ڪجي، جڏهن شهر جي اهڙي حالت هجي ته روئڻ ايندو آهي.پر ڪو ڪنڌ به ناهي، جنهن تي مٿو رکي روئجي.
ائين چئي هو تمام گهڻو ڏکارو ٿي ويو، مون به اهو سوچيو ته موضوع چينج ڪجي.
مون سوال ڪيو ڇا توهان جيئن چيو آهي توهان سڀني حڪمرانن جي خلاف لکيو آهي پر ڇا توهان محترمه بينظير جي خلاف لکيو آهي؟؟
ان تي اردشير ڪائوسجي چيو ان کي حڪمراني ئي ڪيتري ملي جو ان تي لکجي؟
ڀلا توهان کي ڪڏهن ڪنهن ملڪ بدر ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي؟
Yes جي ها!
ڪئي دفعا!!
زمانو ٿي ويو آهي هر حڪمران چوندو رهيو آهي پر مان نالو نٿو کڻان ڇو جو حمران پاڻ ملازم هوندا آهن، Establishment جا ته اسٽيبلشمينٽ جي اها خواهش رهي آهي ته مان ملڪ ڇڏي وڃان پر مان ڇو ڇڏيان!!
منهنجو جنم ته ملڪ کان به پراڻو آهي، منهنجو جنم ۱۹۲۶ع جو آهي جڏهن ته ملڪ جو جنم ۱۹۴۷ع جو آهي پوءِ به تڪرار! ڇو ملڪ ڇڏيان!
هڪ ڏينهن هڪ حڪمران مون کي گهرايو ۽ چيائين ته تنهنجا ڪيترائي رشتي دار ڀارت يا يورپ ۾ آهن، تون به هليو وڃ!
مون چيو مانس ته ڇو وڃان، منهنجو توهان جي ملڪ سان ڪو ئي واسطو ناهي، منهنجو واسطو ڪراچي ۽ سنڌ سان آهي. Sindh Is My Montherland ۽ ڪراچي منهنجو جيون آهي، مان ته اڄ به اتي آهيان جتي منهنجو والد هيو، ڪراچي ڪيئن ڇڏيان! ڇو ڇڏيان!!
جيئن مان ڪراچي ۾ رهڻ پسند ڪيان ٿو ائين ئي مان هتي مرڻ پسند ڪندس.
ان آخري جملي کان پوءِ اردشير ڪائوسجي سان اها منهنجي يادگار ملاقات ختم ٿي.
اڄ اسان جي وچ ۾ اردشير ڪائوسجي ناهي، اهو پنهنجي حصي جو ڪم بلڪه پنهنجي حصي کان به وڌيڪ ڪم ڪري هاڻي ڪراچي جي ڪنهن اداس مقام ۾ آرام ڪري رهيو آهي، ۽ قبر مان اسان لاءِ همٿ ڀريو آواز اچي رهيو آهي ته:
آدمي تو تم ڀي هو،
آدمي سي ڊرتي هو.
زندگي تو تم ڀي هو،
زندگي سي ڊرتي هو.

No comments:

راءِ ڏيندا