; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

28 December, 2012

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

سنڌي ٻولي ۽ ادب کي پاڻ ارپيندڙ شخصيت

پروفيسر عبدالله ملاح



سنڌ ۾ جيڏا وڏا جبل، رڻ ۽ دريا آهن، ماڻهو به ايڏا وڏا پيدا ٿيا آهن. جن ماڻهن جي ڳالهين ۽ عملن جي بهارن سنڌ جي زندگيءَ جي باغن کي سانڍيو، نپايو ۽ سلامت رکيو آهي. قومن جون تهذيبون، قومن جا وقار، قومن جون عزتون، قومن جون حياتون، تقدس رڳو جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي ڦر لٽ کي جائز قرار ڏيندڙ سرڪارن ۽ درٻارن سان قائم نه رهندا  آهن، پر ڪي دليون هونديون آهن، ڪي دماغ هوندا آهن، ڪي ضمير هوندا آهن، ڪي تاريخ جي حسن جهڙا لڄائتا بي مثال انسان هوندا آهن، جن جي وجود جي لازوال منور تبسم سان قومن جي حياتي، تاريخي وقار ۽ سونهن سلامت هوندي آهي.


سنڌ ۾ وزير امير روز پيا پيدا ٿين، پر جن ماڻهن جون صورتون ڏسي وقت ۽ تاريخ جا نيڻ ٺري پون، انساني تهذيبن جو ضمير مرڪي پئي، اهڙا ماڻهو پيدا ٿين ٿا، پر صدين جي ڪاڙهن کان پوءِ. جيڪڏهن اسان چئون ته ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو به انهن ماڻهن مان هو، جن جون روز صورتون ڏسي سنڌ ٺرندي هئي، ته اها ڪا اجائي ڳالهه نه ٿيندي. ڌرتيءَ جون زمينون، ڌرتين جا آسمان، هميشه ان قسم جي باضمير ڏاهن انسانن جي ڊگھين ڄمارن جا دعاگو هوندا آهن. جيستائين هوندا آهن، ايستائين سندن وجود جي حسن جو وڻ وڻ منجھان واس ايندو آهي ۽ پوءِ جڏهن نينهن جا ڏينهن پورا ڪري پکي ٿي اڏامندا آهن، ته سندن ڳالهيون پيون ڳائبيون آهن. سندن ڪردار جي ذڪر جي روشنيءَ سان تاريخ جا مئڪدا منور ٿي ويندا آهن.

ڊاڪٽر عبدالجبار ڪچي واٽ تي مختصر گهرن واري هڪ سنڌ جي وساريل ڊگهن وڻن واري ڳوٺ فتح شاهه ۾ ۱۹۳۵ع ۾ ڄائو، جيڪو بدين کان ۸ ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ آهي. بدين جي ڏکڻ ۾ سمنڊ جون ڇاڙون، رڻ ۽ رڃ آهي. ان ڪري ان جي پٽن ۾ هڪ غربت، ٻي ذهانت ڏسڻ وٽان آهي. شيخ محمد سومار، مولوي حاجي احمد ملاح، شمشير الحيدري بدين جي ان ڏاکڻي سمنڊ جي ڇاڙن، رڻ جي ويراني ۽ رڃ جي پٽن ۾ ڄاوا ۽ اچي بدين شهر جي گھٽين ۾ رانديون ڪري پڙهي وڏا ٿيا. سندن تخليق، سندن ڳالهين ۽ سندن اکين جي ماڻڪين ۾ ان ديس جي رڻ جي ويراني، سمنڊ جي آخري دم ٽوڙيندڙ ويرن ۽ رڃ جي دغابازيءَ جي شڪايتن ۽ ڏکن جا اهڃاڻ ۽ عڪس نمايان ۽ چٽا رهيا. شمشير الحيدري ۽ مولوي احمد ملاح شاعري ڪئي، شيخ محمد سومار ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار نثر جا درياءَ واهي ڇڏيا. پير حسام الدين راشدي کان پوءِ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو هو، جنهن سنڌي زبان جي ادب جي تاريخ کي ٻوليءَ جي حسن سان سينگاري قوم اڳيان رکيو. تحقيقي ڪم ۾ ٻولي جي حسن ۽ تاريخي حقيقتن کي توازن سان چٽو ڪرڻ سولو ڪم ناهي. ٻولي جي سونهن به سلامت رهي، تاريخي حقيقتون به چٽيون هجن. ان هنر ۾ پير حسام الدين کان پوءِ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو دنگ هو. سندس خاندان ۾ سندس ڏاڏو حيدر خان ۽ والد ڊاڪٽر سلطان احمد جوڻيجو ۽ سندس ڀائر آفتاب احمد، عبدالحميد، عبدالمجيد نالي وارا مڙس هئا. پنهنجي تڏي توري وارا هئا. ڊاڪٽر صاحب شروعاتي تعليم ڳوٺ فتح شاه جي اسڪول مان حاصل ڪري مير غلام محمد ٽالپر جي قائم ڪيل اسڪول ٽنڊي باگي ۾ پڙهيو، پوءِ نوابشاهه ۾ پڙهيو. ۱۹۵۶ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان مئٽرڪ ڪئي. حسابن ۾ ڪچو هو، ان ڪري مختلف اسڪولن مان ڀڳو به سهي، حسابن ۾ هو عمر ڀر ڪچو هو، ان ڪري ڪڏهن به هن ڏک سک جا حساب نه رکيا. هن کي زندگي جا نشا ايترا هئا، جو هن عمر ڀر ٻيو ڪوبه نشو ڪونه ڪيو. سٽي ڪاليج حيدرآباد مان انٽر ڪئي. ۱۹۶۰ع ۾ يونيورسٽي آف سنڌ مان بي اي آنرز ڪئي. ۱۹۶۲ع ۾ ايم اي سنڌي ڪئي، ان سال هو سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. ۱۹۶۶ع ۾ چين ويو، جتان بيجنگ يونيورسٽي مان چيني زبان ۾ ڊپلوما حاصل ڪيو. ڪامريڊ چو اين لاءِ سان ملاقات ڪئي. چيني سوشلسٽ انقلاب ۽ طرز حيات جو هن تي عمر ڀر اثر رهيو. ٻئي کي ڪم جو نه چوندو هو، هر ڪم پنهنجي هٿن سان ڪندو هو. گاڏي ۾ ويٺي ڪڏهن هن دڪان تان شئي نه ورتي. هارين سان حساب نه ڪندو هو. زمينداري حيثيت کي هن ڪڏهن به پنهنجي زندگيءَ جي پروفائيل ۾ باعث فخر حيثيت نه ڏني. پنهنجي وڏن جو ذڪر ڪندو هو، تڏهن به سندن علمي پاسي جو ذڪر ڪندو هو. سندن گهر ۾ نوڪر نه هو. چين مان واپس اچي هن مشهور ڪتاب ”مائو جي ملڪ ۾“ لکيو، جيڪو تمام گھڻو پسند ڪيو ويو. ۱۹۷۶ع ۾ ’فارسي زبان جو سنڌي ٻولي تي اثر‘ جي عنوان سان پي ايڇ ڊي ڪئي. ايران جي مرڪزي خانه فرهنگ حيدرآباد مان فارسي ۾ ڊپلوما ڪئي. ۱۹۸۸ع ۾ لنڊن مان ٻولي تي ڊپلوما ڪئي ۽ واپس اچي ”ونڊسر محل جو مسافر“ ڪتاب لکيو. ۹۴-۱۹۹۳ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين مقرر ٿيو. انگريزي، چيني ۽ فارسي زبان ڄاڻندو هو، پر لکت توڙي ڳالهه ٻولهه ۾ نج سنڌي زبان جو استعمال ڪندو هو. ۱۹۹۵ع ۾ ڊين آف فيڪلٽي سنڌ يونيورسٽي جي عهدي تان رٽائرڊ ٿي شام جي ريل گاڏي ۾ چڙهي رات جو بدين پهتو ۽ اچي وري لکڻ تي ويٺو. ريٽائرمينٽ کان لاڏاڻي تائين، هن ۲۰ ڪتاب لکي ڇپايا. ڪنهن به ماڻهو جي ڏاهپ توڙي چڱائي سان نا انصافي نه ڪئي. سنڌ جي عالمن ۽ شاعرن جون قدردانيون ڪندي، انهن تي ڪتاب لکيا. شيخ اياز، ڊاڪٽر نبي بخشي بلوچ، شيخ محمد سومار، سچل ۽ شاهه سائين، تنوير عباسي، الهداد ٻوهئي، خواجه غلام فريد، بلي شاهه تي هن تمام گھڻو تحقيقي ڪم ڪيو. ڪٺمال شاهه لطيف جي شاعري، ڪشف البيت، لطيف ڪوئيز سندس شاهڪار ڪتاب آهن. سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري پاران سندس ٽي جلد سنڌي ادب جو مطالعو ڇپيا آهن، جنهن ۾ هن سنڌ جي تمام گھڻن لکندڙ ماڻهن کي ياد ڪيو آهي. اداڪار شام کان متاثر ٿي هن پاڻ تي ’شام‘ تخلص رکيو. شمشاد بيگم، طلعت محمود، دينا ناٿ، مسعود رانا، استاد منظور علي خان سندس پسند جا فنڪار هئا.

هڪ اندازي موجب هن پنهنجي رهبري ۾ ۲۰ شاگردن کي پي ايڇ ڊي مڪمل ڪرائي ۽ ۱۰ شاگردن کي ايم فل ڪرايو. جن اسڪالرن پي ايڇ ڊي ۽ ايم فل ڪيو اهي اڃا حال حيات آهن، انهن کان پڇي سگھجي ٿو. هن ماڻهو پنهنجي شاگردن تي ڪڏهن گلن جيترو به بار نه وڌو ۽ سندس رهبري ۾ جن به پي ايڇ ڊي ڪئي، جن به ايم فل ڪئي انهن مان هڪ به شاگرد اهڙو ناهي، جنهن کي سيمينار دوران ڊاڪٽر ماني جو يا چانهه جو چيو هجي، بلڪه سيمينار ۾ چوندو هو، منهنجا شاگرد ڪيڪ، پيسٽريون کارائي پاس ڪونه ٿيندا، جيڪو پڇڻو اٿئو، اهو پڇو. هن ۶۵ ڪتاب لکيا. پهريون ڪتاب هن ”افسانن جو مجموعو“ ۱۹۵۶ ۾ ”سوکڙي“ لکيو ۽ آخري ڪتاب ”مڌوبالا“ هو. انهن ڪتابن ۾ ناول آهن، شاعري آهي، ڪهاڻيون آهن، تاريخ آهي، پر انهن ڪتابن مان ڪنهن هڪ ڪتاب ۾ ڪو هڪ جملو به اهڙو ناهي لکيل، جيڪو سنڌ جي خلاف هجي، سنڌ جي زبان جي خلاف هجي، انسانيت ۽ انسان جي خلاف هجي يا ڪنهن نظريي، ڪنهن شخص جي غير ضروري ۽ غير حقيقي طرفداري ۾ هجي يا بي سبب رڳو پنهنجي طبيعت جي چڙ ڪڍڻ خاطر ڪنهن جي خلاف هجي. يا سرڪار کي ڪنهن وڏي ماڻهو کي راضي ڪرڻ لاءِ هجي. هن جيڪو لکيو، اهو سچ ۽ ايمانداري جي مقدس ڪپڙي مان ڇاڻي لکيو. پنهنجي زبان، پنهنجي ادب، پنهنجي تاريخ ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جي لازوال محبتن ۾ لکيو.


 

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

ماٺيڻو محقق

عطاء الله شاهه بخاري

قدرت جا به پنهنجا ڪم آهن، ڪو زمانو هو جو ٺٽي ۽ لاڙ واري پٽيءَ کي عروج حاصل هو ۽ سنڌ جي مقدر جا فيصلا اُتي ٿيندا هئا. سڄي سينٽرل ايشيا جي واپار جو گذر اتان ٿيندو هو. ديبل، لاهري يا لاڙي بندر، اورنگا بندر، وڪر بندر، شاهه بندر، جاکي بندر، سنڊو بندر، ساکي بندر، ڌاراجا بندر توڙي ڪيٽي بندر ذريعي عرب، عجم، توڙي ڏکڻ ايشيا جا واپاري اتي اچي ترسندا هئا ۽ پنهنجي مطلب جون شيون خريد ۽ وڪرو ڪندا هئا. سنڌ سميت، اُچ، ملتان ويندي پنجاب جي مکيه شهرن تائين لٽو ڪپڙو، زر زيور اتان ويندا هئا. اُن وقت اُتر جا امير به اهو چوندا هئا ته ”بينسر بنل جي مان لاڙئون گهرايان.“ شادي مرادي توڙي ٺاٺ ٺانگر جو سمورو سامان ان زرخيز پٽيءَ مان ايندو هو.

اهڙي سرزمين، کي مختلف دورن ۾ دنيا جي نامور شخصيتن ايران، عراق، ڪابل، قنڌار، دهلي، دکن کان اچي اتي مسڪن بڻايو. ان جي سڳنڌ شاهه سائين کي به موهي وڌو ۽ ڪيئي ڀيرا سائينءَ اتان جي صوفين، جاکوڙين، صحبتين ۽ مانجهي مڙسن سان اچي ملاقاتون ڪيون. انهن جي وڇوڙي تي بيساخته چيو ”ٻري جن ٻاري آنءُ نه جيئندي ان ريءَ.“ اهڙي طرح سائين جو سرسامونڊي، سر سريراڳ، ڪاپائتي، پورب ۽ رامڪلي پڻ پڪي طرح ان سرزمين جي شادابي، ڀرپور ثقافتي قدرن توڙي اجاڙ وارين حالتن سان رچيل آهن.

ان سرزمين تاريخ جي مختلف دورن ۾ ڪيئي اَملهه موتي پيدا ڪيا آهن، جن جي هڪ وڏي فهرست آهي. هتي آئون صرف پنهنجي دور جي مڃيل محقق، استاد، شاعر، نقاد ۽ پنهنجي مٽيءَ سان پيار ڪندڙ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو مختصر ذڪر ڪندس.

هونئن ته ڊاڪٽر صاحب جي تحقيق جي شعبي ۾ مڃتا پوري سنڌ اندر آهي پر ملڪي سطح تي سندس نالو مانوارن محققن جي فهرست ۾ نمايان آهي. پر گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو موسيقيءَ ۾ پڻ وڏي مهارت رکي ٿو. اسان لاڙ وارن لاءِ ته ڊاڪٽر صاحب وڏي وٿ آهي. نوجوانن لاءِ ڇپر ڇانءَ، استادن اديبن لاءِ رهبر ۽ وڏي ڄمارَ وارن لاءِ مثالي انسان آهي. مون جڏهن سندس ترتيب ڏنل ڪتاب ”ڊاڪٽر بلوچ: هڪ مطالعو“ پڙهيو ته دنگ رهجي ويس. ان هڪ ڪتاب جي ترتيب لاءِ جوڻيجي صاحب سوين ڪتاب، مضمون ۽ مقالا پڙهيا ۽ مصنف سان روبرو ملي مستند ڄاڻ حاصل ڪئي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڊاڪٽر جوڻيجي جو اهو هڪ نئون لاڙو هو، ان کان اڳ اهڙي جامع ڪوشش ڪنهن ڪانه ڪئي هئي. ان ڪتاب ۾ ڊاڪٽر بلوچ جي مڪمل سوانح، علمي پورهيو ۽ جستجو جي تفصيلي تاريخ سمايل آهي. ان ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ پڙهندڙ ڊاڪٽر بلوچ جي ڪمن ۽ ڪارنامن کان بخوبي آگاهه ٿي سگهي ٿو. ان نئين ادبي روايت کي ڊاڪٽر صاحب اڃان به اڳتي وڌايو ۽ شيخ اياز: هڪ مطالعو، تنوير عباسي: هڪ مطالعو، ڊاڪٽر سنديلو: هڪ مطالعو، محمد سومار شيخ: هڪ مطالعو، سرائيڪي شاعري: هڪ مطالعو لکي، ان روايت کي پڪو پختو ڪيو. ان جي تقليد ۾ پوءِ ڪيترن ئي عالمن، اديبن ۽ خاص طور ”سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم“ مختلف عالمن، اديبن ۽ شاعرن تي ساڳي انداز ۾ ڪتاب تيار ڪرايا آهن، جيڪي سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهم سرمايو ثابت ٿيا آهن.

ڊاڪٽر عبدالجبار ولد سلطان احمد جوڻيجو ۲۶ نومبر ۱۹۳۵ع ۾ ڳوٺ پير فتح محمد شاهه ضلعي بدين جي هڪ زميندار گهراڻي ۾ جنم ورتو، پاڻ مشهور محقق، عالم، اديب ۽ شاعر آهي.

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي شروعاتي تعليم بدين، ٽنڊي باگي، نواب شاهه ۽ حيدرآباد ۾ حاصل ڪئي. ان کان پوءِ ۱۹۶۲ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم- اي جو امتحان اعزاز سان پاس ڪري گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. ۱۹۶۶ع ۾ بيجنگ مان چيني ٻوليءَ ۾ ڊپلوما ڪيائين، جنهن ۾ پڻ پهريون نمبر کڻي امتيازي سند حاصل ڪيائين. ۱۹۷۴ع ۾ مولانا غلام مصطفى قاسمي صاحب جي رهبري هيٺ پي ايڇ ڊي ڪيائين. سندس مقالي جو عنوان هو ”سنڌي شاعريءَ تي فارسي شاعري جو اثر.“ موضوع مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب کي گهٽ ۾ گهٽ گذريل ڏيڍ سئو سالن جي سنڌي ۽ فارسي شاعري جو اڀياس ڪرڻو پيو هوندو. ان کان اڳ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي ۱۹۲۷ع ۾ ”فارسي شاعري تي عربي جو اثر“ جي موضوع تي تحقيقي مقالو لکيو هو. ڀائنجي ٿو ته ڊاڪٽر جوڻيجو، جيڪو علامه دائود پوٽي کان ڪافي متاثر هو، اهو موضوع به ان حوالي سان چونڊ ڪيو هوندائين. لاشڪ ته اهي موضوع وڏي تحقيق طلب آهن. اڄ ڪلهه ته ڪنهن شخصيت تي مضمون/مقالو لکي پي ايڇ ڊي جي ڊگري آسانيءَ سان حاصل ڪئي وڃي ٿي. جوڻيجو صاحب ۱۹۶۲ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشوري جي سنڌي شعبي ۾ استاد مقرر ٿيو، جتي پاڻ شعبي جو چيئرمين رهي رٽائر ڪيائين. ان دور ۾ به ڊاڪٽر صاحب جي علمي ڪوششن سبب سنڌي شعبي جو مان مٿانهون ٿيو. سندس ايامڪاريءَ ۾ سنڌ يونيورسٽي پاران ”بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس“ ڪوٺائي ويئي، جنهن جا تمام سٺا ۽ گهرا اثر ظاهر ٿيا. ۹ مئي ۱۹۹۳ع تي کيس سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين پڻ مقرر ڪيو ويو. ادبي بورڊ ۾ به سندس خدمتون نمايان رهيون هن پنهنجي طبيعت ۽ مزاج مطابق ڪم ڪري ثابت ڪيو ته ادبي بورڊ سنڌ جي علمي ميراث آهي، ان کي ڪنهن لابيءَ جي ضرورت نه آهي. ڊاڪٽر صاحب نه ڪنهن جي فرمائش تي ڪتاب شايع ڪيا نه وري اشاعت کان روڪيا. جيئن عام طور بورڊ ۾ ٿيندو رهيو آهي. سندس دور ۾ علم ادب، توڙي تاريخ ۽ تحقيق تي نهايت اهم ڪتاب شايع ٿيا.

ڊاڪٽر صاحب لسانيات جو وڏو ماهر آهي، هن سلسلي ۾ پاڻ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون اٿس. پاڻ سنڌي، انگريزي، اردو، سرائيڪي، پنجابي ۽ چيني ٻولين جو ماهر آهي. عربي ۽ فارسي ٻولين جي به سٺي ڄاڻ رکي ٿو. سندس تعلق جيئن ته لاڙ واري علائقي سان آهي، ان ڪري هن ”لاڙ جي لغات“ ترتيب ڏني آهي، جنهن ۾ نج لاڙ جا ڪيترائي لفظ شامل آهن، پر ڪيترائي لفظ اهڙابه شامل آهن، جيڪي اتر توڙي وچولي سنڌ ۾ پڻ رائج آهن. هن ”سنڌي ادب جي تاريخ“ لکي آهي، جيڪو نهايت ڪارآمد ڪتاب آهي ۽ ادب جي شاگردن جي سٺي رهنمائي پڻ ڪري ٿو. علي نواز جتوئي مرحوم سان گڏجي ترتيب ڏنل سندس هڪ ٻيو ڪتاب ”غزلن جو غنچو“ بي- اي جي ڪورس لاءِ منظور ٿيل آهي. ان کان علاوهه سندس ٻيا به ڪيترائي ڪتاب مختلف موضوعن تي ڇپيل آهن، جن مان ڪجهه هن ريت آهن:

”سوکڙي“ (بيتن ۽ ڪهاڻين جو مجموعو ۱۹۵۶ع). ”اباڻو گهر“ (ڪهاڻين جو مجموعو ۱۹۵۸ع)، ”دانش مندي“ (ايڊٽ ڪيل ۱۹۵۸ع)، ”ڪنز اللطيف“ (شاهه جي رسالي بابت ۱۹۶۱ع)، ”سوري آ سينگار“ (ناول ۱۹۶۳)، ”غزلن جو غنچو“ (ايڊٽ ڪيل ۱۹۶۳ع)، ”سنڌيون“ (مذهبي شعر بابت ۱۹۷۰ع)، ”سڄڻ نت سوجهرو“ (حضور صه بابت نظم جو ترجمو ۱۹۷۱ع)، ”سنڌي ٻيو ڪتاب“ (نصاب ۱۹۷۳ع) ”مائوءَ جي ملڪ ۾“ (سفرنامو ۱۹۷۳ع)، ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ (ٽي ايڊيشن ۹۳-۸۳-۱۹۷۳ع)، ”اڪيلي“ (ناول ترجمو ۱۹۷۴ع)، ”لاڙ جي لغات“ (۱۹۷۵ع)، ”مرگهه ترشنا“ (شعرن جو مجموعو ۱۹۷۶ع)، ”لطيفيات“ (ببليوگرافي ۱۹۷۷ع)، ”لطيف ڪوئيز“ (شاهه لطيف بابت چٽاڀيٽيءَ جا سوال ۱۹۷۸ع)، ”سنڌي شاعريءَ تي فارسي شاعريءَ جو اثر“ (ٿيسز ۱۹۸۰ع)، ”نه ڪر هار سينگار سَکي “ (ڪهاڻين جو مجموعو ۱۹۸۱ع)، ”سچل نامو“ (ببليو گرافي ۱۹۸۱ع)، ”ديپڪ ملهار“ (آتم ڪهاڻي ۱۹۸۴ع)، ”سنڌي لوڪ گيت“ (۱۹۸۵ع)، ”سليس سنڌي“ (نصاب ۱۹۸۹ع)، ”سنڌي ڪوئيز“ (معلومات ۱۹۸۹ع)، ”ونڊ سر محل جو مسافر“ (سفرنامو ۱۹۸۹ع)، ”لاڙ جو مطالعو“ (مرتب ڪيل ۱۹۹۱ع)، ”ٿر جي ٻولي“ (هدايت پريم سان گڏ ۱۹۹۴ع)، ”مقالا“ (بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس لاءِ ترتيب ڏنل ۱۹۸۸ع)، ”نرتي تند نيازسين“ (مرتب ۱۹۸۸ع)، ”ڪٺمال“ (تنقيدي مضمون ۲۰۰۳ع)، ”سنڌي لوڪ گيت“، ”سليس سنڌي“، ”سرائيڪي شاعري: ايک مطالع“ ۽ ”ميرا عشق ڀي تو“

جيئن مٿي عرض ڪري آيو آهيان ته ڊاڪٽر جبار جو اهم ڪم مختلف شخصيتن بابت مطالعا لکڻ آهي. اهڙي طرح ”سنڌي ادب جي تاريخ“ به سندس لازوال ڪم آهي. ان ڏس ۾ پهريون قدم محمد صديق مسافر کنيو هو، هن ٻن جلدن ۾ ادبي تاريخ لکي، جنهن ۾ وڏو ڀاڱو انگريزن جي دور بابت آهي. ان کان پوءِ ٻين عالمن ۽ اديبن خاص طور ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو تحقيقي ڪم ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ ڊاڪٽر غلام علي الانا جو ڪتاب ”سنڌي نثر جي تاريخ“ اهم آهن، پر ڊاڪٽر عبدالجبار نهايت تحقيق ۽ باريڪ بينيءَ سان اهو ڪم ڪيو آهي. سندس پهريون ڇاپو زيب ادبي مرڪز پاران ۱۹۷۳ع ۾ شايع ٿيو، جيئن ته اهو ڪتاب نصاب تي رکيو ويو هو، ان ڪري جلد ناپيد ٿيو ۽ ان جو ٻيو ڇاپو ساڳي اداري پاران ۱۹۸۳ع ۾ پڌرو ڪيو ويو. ڊاڪٽر صاحب جي تحقيق ۽ معيار کي ڏسندي، سنڌي لينگويج اٿارٽي پاران فيصلو ڪيو ويو ته سنڌي ادب جي تاريخ تفصيل سان لکڻ لاءِ ڊاڪٽر جبار جوڻيجو جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن. ڊاڪٽر صاحب ذڪر ڪيل ڪتاب نهايت تحقيق ۽ تفصيل سان تيار ڪري اٿارٽي کي ڏنو. جنهن جو پهريون جلد ۲۰۰۴ع ۾ شايع ٿيو، جنهن لاءِ ان دور جو چيئرمين ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو لکي ٿو ته ”ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي سنڌي ٻولي ۽ ادب جو پروفيسر آهي. جوڻيجي صاحب جي گهڻي مطالعي ڪندڙ ۽ ادبي تاريخ لکڻ جي ڏانءَ جي حوالي سان هڪ الڳ سڃاڻپ آهي. سندس هيءَ ادبي تاريخ يقيناً سنڌي ادب جي شاگردن، اديبن ۽ ليکڪن لاءِ ڪارائتي ثابت ٿيندي، جيتوڻيڪ هن ادبي تاريخ ۾ انگ اکر ۽ ٻيو ادبي مواد اڳ ڇپيل تاريخن جيان ساڳيو آهي، پر ڊاڪٽر صاحب ان کي نئين ترتيب ۽ تحرير سان پڙهندڙن آڏو پيش ڪرڻ ۾ بي حد ڪامياب ويو آهي، جيڪا ڳالهه هن ادبي تاريخ کي منفرد بڻائي ٿي.“

ڊاڪٽر صاحب جي تنقيد ۽ تحقيق جي خاص ڳالهه اها به آهي ته هن سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن ۽ قديم سنڌي شاعري جي ارتقا ۽ اوسر تي به گهڻو ڪم ڪيو آهي. خاص طور شاهه لطيف جي فن، فڪر ۽ سوانح تي ڪيترائي ڪتاب لکيا اٿائين. جيڪي ”لطيفيات“ ۾ نهايت اهم جڳهه والارين ٿا. لطيفيات بابت ببليوگرافي جي ابتدا به هن ڪئي. اهڙي طرح سچل سرمست تي به سندن مطالعو گهرو ۽ وسيع آهي. شاعري جي مختلف صنفن جي هيئت ۽ اوسر تي به ڪيترائي مقالا لکيا اٿائون:

نثري صنفن جهڙوڪ افسانو، ناول ۽ سفرنامو، سوانح نگاري، ڊرامو، ادبي لاڙن تي به تنقيدي مضمون ۽ مقالا لکيا اٿائون. سوانحي تنقيد ۾ به سندن ڪو ثاني نه آهي. هونئن به ڊاڪٽر صاحب افسانه نگار، ناول نگار ۽ شاعر جي حيثيت ۾ به اعلى حيثيت رکي ٿو.


 

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

غلام مصطفيٰ کٽي

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي سنڌ پرڳڻي جي لاڙ واري خطي ضلعي بدين جي ڳوٺ پير فتح محمد شاهه ۾ تاريخ ۲۶ نومبر ۱۹۳۵ع ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو ڊاڪٽر سلطان احمد آهي.

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ابتدائي تعليم بدين، ٽنڊو باگو، نواب شاهه ۽ حيدرآباد مان حاصل ڪئي. هن ايم اي ”سنڌي“ جو امتحان سنڌ يونيورسٽي مان ۱۹۶۲ع ۾ پاس ڪيو، جنهن ۾ سندس محنت، ڏاهپ ۽ هوشياري سبب کيس ”گولڊ ميڊل“ سان نوازيو ويو. مذڪوره خوبين جي مالڪ هئڻ سبب ۽ پڙهائي جي تسلسل کي برقرار رکندي سال ۱۹۶۶ع ۾ چين جي گادي واري هنڌ بيجنگ مان هن چيني ٻولي ۾ ڊپلوما ڪيو، جنهن ۾ هن پاڻ پتوڙي پهريون نمبر کنيو ۽ کيس ڊپلوما جي امتيازي سند سان نوازيو ويو. اهڙي ريت سال ۱۹۷۴ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيايئن جيڪا مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي جي رهنمائي هيٺ حاصل ڪيائين. انهي ۾ هن هيٺين عنوان تي مقالو لکيو” سنڌي شاعري تي فارسي شاعري جو اثر“ انهي عنوان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته کيس ڪيڏو ڳوڙهو مطالعو ڪرڻو پيو هوندو.

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي سنڌي جي شعبي ۾ سال ۱۹۶۲ع ۾ استاد مقرر ٿيو ۽ انهي ئي شعبي ۾ چيئرمين جي عهدي تي رهي رٽائر ڪيائين. سندس ايامڪاري ۾ ئي سندس ئي ڪوشش سان بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪوٺائي وئي. جنهن تمام گهڻي ڪاميابي ماڻي ۽ تمام گهڻي مؤثر ثابت ٿي. انهي کانپوءِ ڊاڪٽر صاحب کي سال ۱۹۹۳ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو. انهي دوران سندس خدمتون ساراهه جوڳيون رهيون ۽ سندس بي باقي نمايان رهي.

ڊاڪٽر صاحب لسانيات جو وڏو ماهر آهي، هن ڏس ۾ سندس خدمتون عالم آشڪار آهن. پاڻ سنڌي سرائيڪي، اردو، پنجابي، انگريزي ۽ چيني ٻولين جو ماهر آهي. عربي ۽ فارسي ٻولين جي به سٺي ڄاڻ رکي ٿو. لاڙي هئڻ جي ناتي هن ”لاڙ جي لغات“ ترتيب ڏني آهي. جنهن ۾ سمورو لاڙ جي لفظن کي شامل ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪيترائي اهڙا لفظ شامل ڪيا آهن جيڪي اتر توڙي وچولي سنڌ ۾ پڻ مروج آهن. هن سنڌي ادب جي تاريخ جي نالي سان هڪ ڪارآمد ڪتاب پڻ لکيو آهي. جيڪو شاگردن جي سٺي رهنمائي ڪري ٿو ۽ هن بي اي جي ڪورس لاءِ ”غزلن جو غنچو“ جي نالي سان پڻ هڪ ڪتاب مرتب ڪيو آهي.

انهي کان سواءِ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو سنڌي ادب ۾ وڏو حصو آهي. سندن تخليقي ڪتاب گهڻا ئي آهن. جيڪي مختلف موضوعن تي لکيل آهن. جن مان ڪجهه ڪتاب جيڪي جڳ مشهور آهن سي هيٺ ڄاڻائجن ٿا.

سوکڙ (بيتن ۽ ڪهاڻين جو مجموعو ۱۹۵۶ع).

دانش مندي (ايڊٽ ڪيل ۱۹۵۸ع)

اباڻو گهر (ڪهاڻين جو مجموعو ۱۹۵۸ع)

سوري آسينگار (ناول ۱۹۶۳ع)

سنڌيون (مذهبي شعر بابت ۱۹۷۰ع)

سڄڻ نت سوجهرو (حضور صلعم بابت نظم جو ترجمو ۱۹۷۱ع)

مائوءَ جي ملڪ ۾ (سفرنامو ۱۹۷۳ع)

سنڌي ادب جي مختصر تاريخ (ٽي ايڊيشن ۹۳، ۸۳، ۱۹۷۳ع)

سنڌي ٻيو ڪتاب (نصاب ۱۹۷۳ع)

اڪيلي (ناول ترجمو ۱۹۷۴ع)

لاڙ جي لغات ((۱۹۷۵ع)

مرگهه ترشنا (شعرن جو مجموعو ۱۹۷۴ع)

لطيفات (ببلو گرافي ۱۹۷۷)

لطيف ڪوئيز (شاهه لطيف بابت چٽاڀيٽي جا سوال ۱۹۷۸ع)

سنڌي شاعري تي فارسي شاعري جو اثر (مقابلو ۱۹۸۰ع)

سينگار سکي (ڪهاڻين جو مجموعو ۱۹۸۱ع)

سچل نامو (ببلوگرافي ۱۹۸۱ع)

ديپڪ ملهار (آتم ڪهاڻي ۱۹۸۴ع)

سنڌي لوڪ گيت (۱۹۸۴)

سنڌي لوڪ گيت (۱۹۸۵ع)

سليس سنڌي (نصاب ۱۹۸۹ع)

لاڙ جو مطالعو (مرتب ڪيل ۱۹۹۱ع)

ونڊسر محل جو مسافر خانو (سفرنامو ۱۹۸۹ع)

ٿر جي ٻولي (هدايت پريم سان گڏ ۱۹۹۴ع)

مقالا (بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس لاءِ ترتيب ڏنل ۱۹۸۸ع)

نر تي تند نياز سين (مرتب ۱۹۸۸ع)

ڪٺمال (تنقيدي مضمون ۲۰۰۳ع)

سرائيڪي شاعري ايڪ مطالعه.

ميرا عشق ڀي تو.

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو سنڌي ادب جي تاريخ ۾ لازوال ڪم ڪيو آهي. ان ڏس ۾ سندس اهم ڪم مختلف شخصيتن بابت مطالعا لکڻ آهي. ان ڪم جي سلسلي ۾ پهريون قدم محمد صديق مسافر کنيو هو. هن ٻن جلدن ۾ ادبي تاريخ لکي، ان کانپوءِ ٻين عالمن اديبن جهڙوڪ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا وغيره پر ڊاڪٽر عبدالجبار نهايت تحقيق ۽ بارڪ بيني سان اهو ڪم ڪيو آهي.

سندس پهريون ڇاپو ۱۹۷۳ع ۾ شايع ٿيو ۽ اهو ڪتاب نصاب تي رکيو ويو آهي. ان ڪري جلد ناپيد ٿيو ۽ ٻيو ڇاپو ۱۹۸۳ع ۾ ساڳئي اداري زيب ادبي مرڪز پاران شايع ڪيو ويو.

ڊاڪٽر صاحب جي تحقيقي معياري کي ڏسندي سنڌي لينگويج اٿارٽي پاران فيصلو ڪيو ويو ته ڊاڪٽر جوڻيجي کان ئي ادبي تاريخ تفصيل سان لکڻ وارو ڪم ورتو وڃي.

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي متعلق قاسم ٻگهيو لکيو آهي ته هو سنڌ ٻولي ۽ ادب جو پروفيسر آهي. گهڻي مطالعي ۽ تاريخ لکڻ جي ڏانءُ جي حوالي سان هن جي هڪ الڳ سڃاڻپ آهي ۽ چوي ٿو ته جيتوڻيڪ هن جي لکيل ادبي تاريخ ۾ انگ اکر ۽ مواد اڳ ڇپيل تاريخن جيان آهن پر ان کي نئين ترتيب ۽ تحرير سان پڙهندڙن آڏو پيش ڪرڻ ۾ بي حد ڪامياب ويو آهي. جيڪا ڳالهه هن ادبي تاريخ کي منفرد بڻائي ٿي.

ڊاڪٽر جوڻيجو جي تنقيد ۽ تحقيق جي اهم اها ڳالهه آهي ته هن سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن ۽ قديم سنڌي شاعري جي ارتقا ۽ اوسر تي به گهڻو ڪم ڪيو آهي ۽ نثر ۾ ناول، سفرنامو، ڪهاڻيون، سوانح نگاري، ڊرامو ۽ ادبي لاڙن تي به تنقيدي مضمون ۽ مقالا لکيا آهن.

مطلب ته ڊاڪٽر صاحب افسانه نگار،ناول نگار ۽ شاعر جي حيثيت ۾ سڃاتو وڃي ٿو ۽ هو ۷۶ ورهين جي ڄمار ۾ اڃا تائين علم ادب جي لاٽ کي روشن رکيو اچي.


 

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

جنهن جا پيرا پُوڄيا، منهنجي جِيءَ جَڏي

انور فگار هڪڙو

۱۲ جولاءِ ۲۰۱۱ع اڱاري جو ڏينهن سنڌ جي علمي ۽ ادبي دنيا لاءِ نهايت ئي نحس ۽ ڏکيو ڏينهن ٿي اڀريو. ڇاڪاڻ ته ڀنڀراڪي مهل ئي سنڌ جو نامور عالم، اديب، شاعر، محقق ۽ استاد پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو پنهنجي گهڻگهرن کي وڇوڙو ڏيئي ويندو رهيو. هونءَ جن سڄڻن جا صبح جي سلامن جا ميسيج هڪ ٻئي پٺيان پيا ايندا رهندا هئا، تن جا سائينءَ جي جدائيءَ ۾ صدمي ۽ سڏڪن وارا سنيها پئي آيا، جن جيءَ ۾ جهوراڻو پئي وڌو. ٻه هزار يارهن جو سال ته سنڌ لاءِ ڏاڍو ڳرو ثابت ٿيو. اپريل ۲۰۱۱ع ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي جدائيءَ جو صدمو رسيو ته ۱۱ جون تي طارق عالم جهڙو ليکڪ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس مرقد مبارڪ جا نه گل ڪوماڻا ۽ نه مٽي ئي سڪي، ته شاعريءَ جي ميدان جو گهوٽ گهائجي ويو. ائيلي ڙي!! سموريءَ سنڌ ۾ ڪهرام مچي ويو. گهر ڀاتي، پاڙي وارا، ڳوٺائي، شهري، پوري سنڌ هن مرڪندڙ ۽ ٻهڪندڙ موتيي جهڙي ماڻهوءَ مان رت ٽمندي ڏسي  پار ڪڍي وار پٽي رهي هئي. او الا! حسن!! او حسن درس!! هي ڪهڙو يار آ، جنهن ڏانهن مُهڙ ڪئي اٿئي! اهڙي ئي جواني جنهن اڳ رت ڳڙندي راهه ورتي، تنهن کي ئي اڃا سنڌ نه وساريو. سنڌ احسان بدوي جا مرثيا چوندي رهي ته، وري ٻيو معصوم چهرو رتو رت ٿي پيو. اهو الطاف عباسي نه رڳو تنوير کي ويڳاڻو ڪري ويو، پر سنڌ کي ئي ويچارو ۽ نماڻو ڪري هليو ويو. وري هي نهٺو ۽ نماڻو  نوجوان ائين ئي جدا ٿي ويو.

سي جيءَ جيارا ماڻهو ها، سي سڀ کان پيارا ماڻهو،

جن ساهه ڏئي، ويساهه ڏنو، جي دل ۾ درد دکائي ويا.

وڏن ۽ ننڍن جو هي هڪ عجيب قافلو هو، جو ڪوچ ڪري ويو. ان قافلي ۾ هڪ اهڙو منفرد مرد هو، جنهن جي وڃڻ سان سنڌ جي ادب جي علمي دنيا کي وڏو نقصان رسيو آهي. ڇاڪاڻ ته هو ادب ۽ ادبيات جو اهڙو اڪيلو انسان ۽ عالم هو، جنهن لاڳيتا پنجٽيهه سال سنڌ جي نسلن کي ادب جو علم پڙهايو ۽ پورا پنجاهه سال تصنيف ۽ تاليف جو ڪم ڪري، هڪ ڪمي پوري ڪندو رهيو. هو اسان جي سماج ۾ ادبيات جو فقط هڪڙو ئي ماهر ليکيو ويندو هو، جيڪو پنهنجي موضوعات سان نه رڳو دلچسپي رکندو هو، پر هڪ محقق جي حيثيت سان ذميواري به محسوس ڪندو هو. سندس ڪم ۽ ذوق توڙي ذميواريءَ جو جائزو وٺجي ٿو ته معلوم ٿئي ٿو ته، هن جي وک وڌندڙ ئي رهي. هو پنهنجي موضوع ۽ مقصد سان سدائين سچو رهيو. سندس مزاج ننڍپڻ کان ئي سنجيدو ۽ ماٺيڻو رهيو. علم سان شوق ته موروثي هوس، پر ادبي ذوق پنهنجي طبيعت ۽ تعليمي ماحول جي ميل سان ابتدا ۽ ارتقا پذير ٿيو. سندس والد صاحب ڊاڪٽر سلطان احمد جوڻيجو ۽ ڏاڏو حيدر خان پنهنجي وقت ۽ تر جا باشعور ۽ نامور انسان هئا. ڊاڪٽر سلطان احمد جي لاءِ سن ۱۹۴۴ع ۾ شاهاڻي پبليڪيشن ڪراچيءَ پاران ڇپايل ڪي ڊي شاهاڻي جي ڪمپائيل ٿيل Who’s who in Sindh ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته:

Dr. Sultan Ahmed Khan Hyder Khan Junejo J.P. Landlord, Badin, Aged 24 years, is the leading person at Badin and is respected by Hindus and Muslims. He has learnt English at home and practicing free.  He has been helping poor people. He is ex-president Taluka District Local Board and hold gun licenses. He is a young man with a kindly heart and a generous disposition. (Who’s who in Sind.P-89)

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب جي طبيعت ۾ جا خود انتظامي هئي، سا سندس خانداني اثر جو سبب هئي. ان خود انتظامي ۽ ادب ۽ آرٽ جي وجداني ڪيفيت سبب پاڻ جيڪو به ڪم ڪرڻ گهرندو هو، ان کي ابتدا کان انتها تائين وڏي ڌيان ۽ گيان سان تڪميل تي رسائيندو هو. سندس علمي، ادبي ڪم جو وچور پيش ڪرڻ کان اڳ مختصر طور تي پروفائيل ڏانهن ديد ڌريون ٿا ته معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ پرائمري تعليم پير فتح شاهه جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪري، انگريزي اي. وي (A-v) اسڪول بدين ۾ پڙهڻ کان سواءِ ٽنڊي باگي، حيدرآباد ۽ نوابشاهه ۾ پڙهندي، ۱۹۵۶ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. انٽر پاس ڪرڻ کان پوءِ ۱۹۶۰ع ۾ بي. اي جو امتحان پاس ڪيائين. ايم. اي (سنڌي) جو امتحان ۱۹۶۲ع ۾ فرسٽ ڪلاس/ پهرين پوزيشن سان پاس ڪري، گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ ترت ئي آگسٽ ۱۹۶۲ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرر طور مقرر ٿيو. ۱۹۶۶ع ۾ چيني زبان ۾ پيڪنگ مان ڊپلوما ڪري آيو.ا هڙيءَ طرح ۱۹۷۳ع ۾ خانه فرهنگ حيدرآباد مان فارسيءَ ۾ ڊپلوما ڪري، ”سنڌي شاعريءَ تي فارسي شاعريءَ جو اثر“ جي موضوع تي پي.ايڇ. ڊي جو مقالو پيش ڪري، سن ۱۹۷۴ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان اعليٰ سند حاصل ڪئي. پنهنجي سروس دوران نهايت ئي ذوق ۽ ذميواري سان فرائض سر انجام ڏيندو رهيو. سندس ڪارڪردگي ۽ ڪردار جي پرک کان پوءِ مرحلي وار ترقي ٿيندي رهي. آخر ۱۹۹۵ع ۾ آرٽس فيڪلٽي جي ڊين جي عهدي تان رٽائر ٿي، پنهنجي علمي، ادبي ذوق سبب اڳ وانگر مختلف موضوعن تي  تصنيف ۽ تاليف جو ڪم ڪندو رهيو. سندس سموري زندگي پنجهتر سالن، ستن مهينن ۽ سورهن ڏينهن تي مشتمل هئي. ان حياتيءَ ۾ اوڻيهن سالن جي ڄمار ۾ سن ۱۹۵۴ع ۾ لکڻ شروع ڪيائين. پهرين تحرير افساني جي صورت ۾ ”مٿي جو سور“ جي عنوان هيٺ ”فردوس“ هالا جي مارچ ۱۹۵۴ع ۾ شايع ٿي ۽ ساڳئي سال ٻي لکڻي ”سنڌي ٻوليءَ جا مختلف اچار“ ’نئين زندگي‘ رسالي جي سيپٽمبر ۱۹۵۴ع ۾ ڇپي. اهڙيءَ طرح سڄي زندگي رسالن ۾  لکڻ کان سواءِ ڪيترا ئي ڪتاب به لکيائين. پهريون ڪتاب ”سوکڙي“ ۱۹۵۶ع ۾ ڇپيو، جو بيتن ۽ افسانن تي آڌاريل آهي.

هيٺ سندس شايع ٿيل ڪتابن جو ذڪر ڪجي ٿو:

۱. سوکڙي (۱۹۵۶۲. اباڻو گهر (۱۹۵۸ع)، ۳. دانشمندي (۱۹۵۸ع/ ترتيب)، ۴. ڪنز اللطيف (۱۹۶۱ع)، ۵. غزلن جو غنچو (۱۹۶۳ع/ پروفيسر علي نواز جتوئي سان گڏ)، ۶. سوري آ سينگار (۱۹۶۳ع)، ۷. سِنڌيون (۱۹۷۰ع)، ۸. پيغمبر اسلام (۱۹۷۱ع)، ۹. سنڌي ٻيو ڪتاب (۱۹۷۳ع)، ۱۰. مائو جي ملڪ ۾ (۱۹۷۳ع/ ترجمو)، ۱۱. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ (۱۹۷۳ع)، ۱۲. اڪيلي (۱۹۷۴ع)، ۱۳. لاڙ جي لغات (۱۹۷۵ع)، ۱۴. مرگهه ترشنا (۱۹۷۶ع)، ۱۵. لطيفيات (۱۹۷۷ع)، ۱۶. لطيف ڪوئز (۱۹۷۸ع)، ۱۷. سنڌي شاعريءَ تي فارسي شاعريءَ جو اثر (۱۹۸۰ع)، ۱۸. سچل نامو (۱۹۸۰ع)، ۱۹. نه ڪر هار سينگار سکي (۱۹۸۱ع)، ۲۰. ديپڪ ۽ ملهار (۱۹۸۴ع)، ۲۱. چونڊ ڪلام (۱۹۸۴ع)، ۲۲. سنڌي لوڪ گيت (۱۹۸۵ع اردو)، ۲۳. محمد سومار شيخ: شخصيت ۽ فن (۱۹۸۸ع)، ۲۴. مقالا (۱۹۸۸ع/ ترتيب)، ۲۵. نرتي تند نياز سين (۱۹۸۸ع/ ترتيب)، ۲۶. ڪلچرل هيريٽيج آف سنڌ (۱۹۸۸ع /ترتيب) بايو ڊيٽا آف رائيٽرس، ۲۷. سليس سنڌي (۱۹۸۹ع اردو)، ۲۸. ونڊ سر محل جو مسافر (۱۹۸۹ع)، ۲۹. لاڙ جو مطالعو (۱۹۹۱ع/ ترتيب)، ۳۰. سنڌ ڪوئز (۱۹۹۳ع)، ۳۱. ٿر جي ٻولي(۱۹۹۴ع)، ۳۲. مردنگ (۱۹۹۵۳۳. ڊاڪٽر بلوچ هڪ مطالعو (۱۹۹۸ع) ۳۴. شيخ اياز هڪ مطالعو (۱۹۹۹ع)، ۳۵. ڪشف الابيات (۱۹۹۵ع)، ۳۶. سرائيڪي شاعري، هڪ مطالعو (۱۹۹۹ع)، ۳۷. تنوير عباسي هڪ مطالعو (۲۰۰۰ع)، ۳۸. محمد سومار شيخ، هڪ مطالعو (۲۰۰۱ع)، ۳۹. سرائيڪي شاعري ايک مطالعه (۲۰۰۱ع اردو)، ۴۰. لاڙ صدين کان (۲۰۰۱ع/ ترتيب)، ۴۱. سنڌي ادب جو مطالعو (۲۰۰۱ع)، ۴۲. ميرا عشق ڀي تو (۲۰۰۲ع اردو)، ۴۳. درسي ٻيو ڪتاب (۲۰۰۲ع)، ۴۴. ڊاڪٽر سنديلو هڪ مطالعو (۲۰۰۲ع)، ۴۵. ڪٺمال (۲۰۰۲ع)، ۴۶. ڪافيان (۲۰۰۳ع اردو) ۴۷. بدين (۲۰۰۴ع/ ترتيب)، ۴۸. وتايو فقير (۲۰۰۴ع/ ترتيب ۽ ترجمو)، ۴۹. سنڌي ادب جي تاريخ (ٽن جلدن ۾ ۲۰۰۴ع، ۲۰۰۵ع ۽ ۲۰۰۶ع)، ۵۰. مجاز (۲۰۰۵ع)، ۵۱. شاهه عبداللطيف (۲۰۰۵ع) ۵۲. شاهه جي رسالي جو مطالعو (۲۰۰۵ع)، ۵۳. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ حيات و خدمات (۲۰۰۶ع اردو). ۵۴. سچل سرمست هڪ مطالعو (۲۰۰۶ع)، ۵۵. بابا بلهي شاهه (۲۰۰۷ع اردو)، ۵۶. صوفيانه موسيقي (۲۰۰۷ع اردو)، ۵۷. سنڌي زبان جي ماهيت (۲۰۰۷ع)، ۵۸. سچل سرمست شخصيت اور فن (۲۰۰۸ع اردو )، ۵۹. لاڙي ۽ ڪڇي (۲۰۰۸ع)، ۶۰. جلترنگ (۲۰۰۸ع)، ۶۱. زنبيل (۲۰۱۰ع)، ۶۲. شڪار (۲۰۱۱ع)، ۶۳. مَڌُو بالا (۲۰۱۱ع)

اڻ ڇپيل ڪتاب:

۶۴. قنديل (مقالن جو مجموعو)، ۶۵. رنگ رتول، ۶۶. عثمان فقير جو ڪلام، ۶۷. ڏيپلائي هڪ مطالعو، ۶۸. شاهه عبداللطيف: مدبر ۽ مهربان.

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب تصنيف ۽ تاليف کان علاوه سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر مختلف ڪانفرنسن ۾ تحقيقي مقالا پيش ڪندو رهيو. مختلف ادارن لاءِ سندس ڪيل خدمتون به هميشه يادگار آهن. سن ۱۹۹۳ع ۽ ۱۹۹۴ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمن رهيو ۽ ۲۰۰۷ع کان ۲۰۰۹ع تائين سنڌالاجي جو ميمبر پڻ رهيو. سندس رهنمائيءَ ۾ پنجن محققن پي ايڇ ڊي جا مقالا لکي سند حاصل ڪئي ۽ ٻن ايم فل جا مقالا پيش ڪري، ڊگري ورتي. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ ٽي سال لاڙ ميوزيم بدين جو اعزازي ڊائريڪٽر رهيو ۽ ڪجهه تحقيقي مقالا جيڪي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي لاءِ مختلف يونيورسٽين ۾ محققن لکيا، تن جو  ممتحن مقرر ڪيو ويو. کيس علمي، ادبي خدمتن تي هميشه دلي تسڪين محسوس ٿيندي هئي. سڄي زندگي ذميواري سان فرائض سر انجام ڏيندو رهيو. ايترين خدمتن ڪرڻ باوجود کيس ڪڏهن به ڪنهن انعام  اڪرام جي نه طلب رهي، نه ان جو ڪو اظهار ئي ڪيائين.

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب شاگرديءَ واري زماني کان ئي مطالعي جو شوق رکندو آيو. هو پنهنجي همعصرن ۾ پڙهڻ جي رفتار، موضوعن ۽ ٻولين جي لحاظ کان مشهور هو. سنڌي ته مادري زبان هئس، پر اردو، انگريزي،  فارسي، هندي ۽ چيني زبانن جي تحريرن جو به سڌو سنئون مطالعو ڪندڙ هو. انهن ٻولين ۾ هزارين شعر ياد هوندا هئس ۽ هزارين شاعر پڙهي ڇڏيا هئائين. ڪي خاص شعر ۽ تُڪون ته پسند جو سرمايو هو، جي گهڻو ڪري هر محفل ۾ ٻڌائيندو هو. ڪتابن جي پڙهڻ جو اهو عالم هو جو ڪتاب ڇپيو مَسَ ته سائين پڙهي پورو به ڪيو ۽ ان متعلق مختصر راءِ به رکي ڇڏيندو هو. منجهس جيڪي به گڻ اوگڻ هوندا، تن ڏي اشارو به ڪندو. ادبيات جي هر هڪ موضوع ڏانهن خصوصي توجهه هوس. نه رڳو ڪتاب يا مضمون مقالو پڙهي ڇڏبو، پر اهو هٿيڪو به ڪبو ۽ وقت ضرورت ان مان ڀرپور استفادو ڪري، پنهنجي ذوق ۽ ذميواريءَ جي ادائگي به ڪبي. موضوع سان مطابقت رکندڙ مواد مان ڪنهن ماخٰذ يا معلومات نه ملڻ يا دشواريءَ ڪارڻ ڪو عذر ڏئي، نظر انداز ڪرڻ کي تحقيق ۽ تجسس جو وڏو عيب ۽ بد ديانتي ڀائيندو هو. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي بدين جي لئبرريءَ ۾ ڪم ڪندو رهندو هو. ۽ ڪم دوران ڪنهن ڪتاب ڏسڻ يا واقعي توڙي معلومات متعلق پنهنجي لئبرريءَ ۾ ڪمي محسوس ڪندو ته هڪدم گاڏيءَ ۾ چڙهي نڪري پوندو ۽ سنڌالاجي يا ڪنهن دوست احباب وٽان گهربل معلومات حاصل ڪري، ائين واپس وڃي پهچندو جو ڪَلَ ئي ڪانه پوندي. ڪڏهن ڪڏهن منهنجي ڪمري تي اچي ڪنهن ڪاغذ تي فقط اطلاعاً لکي ويندو ته:

”ونڊ سر محل جو مسافر آيو آهي، پر ضروري ڪمن  سانگي موٽيو ٿو وڃي. (ع)“

ڊاڪٽر صاحب لک گڻو ۽ لک وڙو انسان هو. ڪهڙيون خوبيون ڳائجن ۽ ڪهڙيون خاصيتون ٻڌائجن! پنهنجي خود انتظامي جو مثال هو ۽ بيشڪ هڪ پڙهيل ڪڙهيل انسان جوا هڙو اهڃاڻ هو، جو اڄ جهڙوس ٻيو ڪو به ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي، جو ان سان ڀيٽ ڪجي. هميشه خوش پوش ۽ خوش اخلاق، ڪم گو ۽ صاف گو. چند ڏينهن اڳ ذيابيطس جي شڪايت ڪيائين ۽ صحت لاءِ احتياط اڳي کان وڌ پئي ڪيائين. جون- جولاءِ جي موڪلن سبب مان شڪارپور ويس ته روز يا ٻئي ٽئين ڏينهن فون ڪري، اتان جي گرمي ۽ گهٽ سبب مون کي صحت جو خيال رکڻ لاءِ هدايتون ڪندو رهيو. خبر ئي ڪانه پئي ته اوچتو سندس طبيعت خراب ٿي پئي ۽ کيس لياقت نيشنل هاسپيٽل ڪراچيءَ ۾ وڃي داخل ڪيو ويو. شايد اهو ۸ يا ۹ جولاءِ جو ڏهاڙو هو ۽ ۱۰ جولاءِ تي سندس نياڻي صحتمند ٿيڻ جي خبر فون تي ٻڌائي ۽ چيو ته ڪافي دوست ۽ احباب وٽن اچن ٿا ۽ حال احوال ٿئي پيو. اخبارن به سندس تصويرون ۽ انٽرويو پئي ڇاپيا ته دلجاءِ ٿي. اوچتو يارهين جولاءِ جي شام جو نوين وڳي دوست محمد انور علي منصور مڱريي فون ڪيو ته ڊاڪٽر صاحب جي ڪجهه دير کان طبيعت سخت خراب ٿي پيئي آهي، اهو ٻڌي ادي شهريار ڏي فون ڪيم. جنهن به اداسيءَ مان اهڙو ئي گفتگو ڪيو. بي چيني وڌي ويئي، بيقراري برقرار رهندي آئي. ڊاڪٽرن جي ڪوشش باوجود زندگي پنهنجا پل پڄائي چئين وڳي سنڌ جي ڏات جو ڏيئو هميشه لاءِ اجهائي، علمي ۽ ادبي دنيا جي روشنيءَ جا ڪي رنگ ٿڌا ڪري ڇڏيا. صبح ٿيندي ئي اها خبر سموريءَ سنڌ ۾ ميسيجن، ريڊيو ۽ ٽي وي ذريعي عام ٿي ويئي. سندن شاگردن، مداحن،  دوستن ۽ گهڻگهرن جي پهچڻ سبب جنازي نماز ۽ تدفين جو وقت شام جا پنج مقرر ڪيو ويو. مان ۽ محمد علي منصور، منصور جي ڪار ۾ شڪارپور کان هلياسين. اسان پنج وڄي ويهن منٽن تي بدين پهتاسون ته ماڻهن جو وڏو تعداد سندس لئبرري جي اڱڻ ۾ موجود هو، ڪيترا ماڻهو ٻاهر بيٺا رهيا. ادا اختر سان ملياسون مس ته گهران ميت آندي وئي ۽ شاهه قادري قبرستان ڏي آخري سفر شروع ٿيو. جنازي نماز کان پوءِ، آخري ديدار لاءِ ڪفن جون ڏوريون کوليون ويون... هڪ معصوم انسان جو معصوم چهرو هو، جو اطمينان جي ننڊ ۾ نظر آيو. پندرنهن منٽن کان پوءِ ڪفن جون ڏوريون ٻڌي، شاهه قادري قبرستان ۾ سندس والد ڊاڪٽر سلطان احمد ۽ ڏاڏي حيدر خان جي ڀرسان لاڙ جي هن لاکيڻي لال کي ٿڌي مٽيءَ جي هنج حوالي ڪيو ويو. سج لهي چڪو هو ۽ اڃا انڌيرو ڪونه پکڙيو هو ته تڏي تي موٽي اچي بخشش جي دعا گهري ويئي. اهو سڀ ڪجهه جيتوڻيڪ اکين آڏو ٿي چڪو آهي، پر دل اڃا مڃڻ لاءِ تيار ئي ناهي ته:

اَلا هي انسان، اُڏري ويو اوچتو!

ڪيڏو هو مهان، پنهنجي سهڻيءَ سنڌ ۾.


 

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

هڪ مثالي محقق ۽ شفيق استاد

گل محمد عمراڻي /حيدرآباد

سال ۱۹۶۸ع ۾ مون جڏهن B.A آنرس انگريزيءَ ۾ داخلا ورتي ته شرط لاڳو ڪيو ويو ته انگريزي ادب سان گڏ مشرقي زبانن  (اردو، فارسي، عربي ۽ سنڌي) مان هڪ عدد ٻولي Minor ٻه سال پڙهڻي پوندي. منهنجي دل ۾ فارسي ۽ عربيءَ مان هڪ زبان کڻڻ جي سوچ هئي ته پروفيسر عبدالجبار جوڻيجي جي مشوري کي مڃيندي، سنڌي شعبي ۾ وڃي پروفيسر علي نواز حاجن خان جتوئيءَ وٽ پهتس، جنهن داخلا فارم تي صحيح ڪئي. ڪجهه دير حيرانگيءَ سان پروفيسر صاحب طرف ۽ سندس دستخط کي ڏسندو رهيس، اوچتو پروفيسر صاحب انگريزيءَ ۾ ڳالهائيندي مون کي پيار سان چيو: “This will do” (اهو ڪافي آهي). ان وقت ۾ سنڌي شعبي جا استاد به انگريزي ڳالهائيندا هئا (علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جو اثر اڃان قائم و دائم هو) هاڻ ته انگريزيءَ جا پروفيسر ۽ ليڪچرار، انگريزيءَ بدران يوناني ۽ لاطيني زبان پيا ڳالهائين! ڊاڪٽر عبدالجبار اسان کي ڪلاسڪ شاعري (سُر سريراڳ ۽ مارئي) پنهنجي مخصوص ڌيمي لهجي ۾ پڙهائيندو هو ۽ جنهن کي سمجهڻ لاءِ به تمام گهڻي توجهه ڏيڻي پوندي هئي. پاڻ مون کي ڪلاس کان پوءِ ٻڌائيندو هو ته هو سنڌ جي ادبي تاريخ لکي رهيو آهي، جيڪا اڳئين ٻن تاريخن محمد صديق ميمڻ (اصل ليکڪ محمد صديق مسافر) ۽ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي وارين تاريخن کان گهڻي جديد، مختصر ۽ ڪارائتي هوندي. ڊاڪٽر عبدالجبار جي “سنڌي ادب جي مختصر تاريخ” ۱۹۷۳ع ۾ پهريون دفعو پڌري ٿي ۽ سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جي امتحانن ۾ هزارين شاگردن کي مستفيض ڪندي ان جا چار ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن. ۲۰۰۴ع ۾ سنڌي ادب جي تاريخ ۳ جلدن ۾ لکي پڌري ڪيائين، جيڪا هيستائين شايع ٿيل سڀني ادبي تاريخن تي ڀاري آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار جو ڀاءُ آفتاب جوڻيجو. پهريون شاگرد هو، جنهن انگريزي ادب ۾ فرسٽ ڪلاس، پهرين پوزيشن وٺي ۶۵-۱۹۶۶ع ۾ ڊاڪٽر سلطان (والد صاحب) جو نالو روشن ڪري، پوءِ جوانيءَ ۾ وفات ڪري ويو. ڊاڪٽر عبدالجبار ولد ڊاڪٽر سلطان احمد جوڻيجو ۲۶ نومبر ۱۹۳۵ع تي ڳوٺ پير فتح شاهه (هاڻوڪي تعلقي ۽ ضلعي بدين) ۾ ڄائو، ۱۹۹۵ع ۾ بحيثيت پروفيسر سنڌي ۽ ڊين فيڪلٽي آف آرٽس رٽائر ڪيائين. ۹۳-۱۹۹۴ع ۾ چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ به رهيو، سندس رهبري ۾ اٺن شاگرد پي ايڇ ڊي ڪئي آهي. ڊاڪٽر صاحب جي فارسي ۽ چيني زبان تي به چڱي خاصي دسترس هئي ۽ ڊپلوما به ڪيل هئس. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي حياتيءَ ۾ ننڍا وڏا لکيل ۽ ترتيب ڏنل ۵۰ ڪتاب پڌرا ڪيا. آخر وقت تائين هو پنهنجي ذاتي لائبريريءَ ۾ تحقيقي ڪم ۾ مصروف رهيو. لاڙ ميوزيم بدين جو اعزازي ڊائريڪٽر رهڻ جو به اعزاز کيس حاصل رهيو. ڊاڪٽر جبار صاحب جي ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان علمي ۽ ادبي وابستگي آخر تائين  رهي. ڪجهه وقت اڳ جڏهن ڪجهه “مهربانن” لوڪ ادب جي موضوع تي پنهنجي مابعد “جديديت” جو اظهار ڪندي ڊاڪٽر بلوچ جي شخصيت تي اجائي “غير سنجيدگي” وارو رويو رکيو، تڏهن ڊاڪٽر جبار هڪ مفصل مضمون لکي انهن سڀني نقطن جو عالمانه جواب “ڪاوش” جي ڪالم ۾ ڏنو. مابعد جديديت ۽ لوڪ ادب ٻه الڳ الڳ شعبا Discipline آهن، Post-structuralism  ۽ De-construction جا حامي خوامخواهه Folk Lore جي ميدان ۾ ڪاهي پيا. ڊاڪٽر عبدالجبار جي علمي ۽ منطقي دليلن جو جواب اهو آيو ته ڊاڪٽر بلوچ خلاف مهم ڪجهه هفتا بند ٿي وئي. ڇا آغا سليم جديد فڪر جو دانشور نه آهي، جو هو به ڊاڪٽر بلوچ کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو. غلام نبي مغل ۽ حميد سنڌي، رسول بخش پليجو به ڊاڪٽر جبار جيان ڊاڪٽر بلوچ جو دل سال احترام ڪندا آهن. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو مرحوم سان آخري ملاقات ۳ مهينا اڳ ڪراچي آرٽس ڪائونسل واري ادبي ميڙاڪي ۾ ٿي، جنهن ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي وفات تي هڪ عاليشان ريفرنس ڪراچي يونيورسٽي ۽ آرٽس ڪائونسل ڪرائي، امر جليل ۽ سراج الحق ميمڻ کان ڊاڪٽر صاحب جي حياتي ۽ ڪارنامن تي روشني وجهرائي. اتي شام واري اجلاس ۾ ڊاڪٽر الانا جي صدارت ۾ مقالن جي نشست ۾ ڊاڪٽر جبار پنهنجو پرمغز مقالو “ڊاڪٽر بلوچ ۽ علم موسيقي” پيش ڪيو. اِهو واحد مقالو هو، جيڪو وڏي ريسرچ سان لکيل هو، باقي ٻيا مقالا بشمول منهنجي مقالي، ڪنهن ڪو نه ٻڌا ۽ سمجهيا. ڊاڪٽر جبار جي علم موسيقيءَ جي ڄاڻ، هندستاني ڪلاسيڪل راڳڻين تي دسترس ۽ لوڪ ادب ۽ ڊاڪٽر بلوچ شناسي، لطيف شناسي کان ڪنهن به طرح گهٽ نه هئي. هڪ ادبي ميڙاڪي ۾ مون جڏهن اِهو چيو ته علامه اقبال کي ڳائي نه ٿو سگهجي، خاص طور تي غزل ۾! تڏهن برملا مون سان اختلاف ڪندي تنقيد جي راهه ورتائين. ڊاڪٽر جبار، جيئن ته هڪ سکر گهراڻي سان تعلق رکندو هو، ان ڪري گهٽ ۾ گهٽ سندس وفات تي ڪلچر ڊپارٽمينٽ تي  روايتي ملامت ڪونه ٿيندي. هن نه ڪڏهن سرڪاري علاج جي درخواست ڪئي ۽ نه هو پاڻ کي ان جو مستحق انسان سمجهندو هو. هن جهڙا باشعور، اورچ، جاکوڙي محقق ۽ شفيق استاد هاڻ سنڌ ۾ گهٽ پيدا ٿين ٿا. آخر تائين لوڪ ادب، لطيفيات ۽ ڪلاسيڪي موسيقيءَ تي ڪم ڪندو رهيو. “حق مغفرت ڪري، عجب آزاد مرد ٿا.”


 

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

سنڌي ادب جو خاموش خدمتگار

 مرتضيٰ سيال

سنڌي ادب جو هڪ ٻيو تارو به اسان کان وڇڙي ويو، هي سال سنڌي ادب لاءِ ڏاڍو نقصانڪار سال ثابت ٿيو آهي. اسان جا ڏاڍا سٺا ليکڪ هن سال وڇڙيا آهن. اڃا حسن درس، طارق عالم، منصور ملڪ ۽ شوڪت خواجائي جي وڇوڙي واري ڏک ۾ گهٽتائي نه آئي ته ۱۲ جولائي تي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو به هي جهان ڇڏي ويو. ڊاڪٽر عبدالجبار جو شمار اهڙن ليکڪن ۽ عالمن ۾ ٿئي ٿو جيڪي بنا ڪنهن لالچ جي ڪنڊ وٺي پنهنجي ڪم ۾ مصروف رهندا آهن. ڊاڪٽر صاحب سنڌ يونيورسٽي ۾ پروفيسر هئڻ سان گڏوگڏ ڪافي انتظامي عهدن تي به ڪم ڪيو پر هن جي لکڻ، پڙهڻ ۽ تحقيق سان وابستگي هميشه قائم رهي، ۷۰ کان وڌيڪ ڪتاب لکندڙ سنڌي ادب جو هي ناميارو عالم علم، ادب ۽ ٻوليءَ سان گڏوگڏ ڪلاسيڪل راڳ بابت به وڏي ڄاڻ رکندڙ هو، موسيقي بابت سندس ٻه ڪتاب “ديپڪ” ۽ “ملهار” موسيقي جي حوالي سان ڄاڻ جو خزانو آهن. سندس علمي ادبي ڪم سنڌي ٻولي توڙي ادب جو املهه خزانو آهي. ڊاڪٽر صاحب جا ٻه ناول ۽ ٻه شاعري جا ڪتاب به شايع ٿيا اُن کانسواءِ لڳ ڀڳ ٻه سئو مقالا پڻ شايع ٿيا.

بدين ضلعي جي ڳوٺ فتح علي شاهه ۾ ۱۹۳۵ ۾ اکيون کوليندڙ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين، سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽي  جو چيئرمين، ڊين آرٽس فيڪلٽي، لاڙ ميوزيم جو ڊائريڪٽر ۽ ٻين عهدن تي خدمتون سرانجام ڏئي چُڪو آهي. هو وڏن عهدن تي رهڻ جي باوجود پنهنجي سڀاءُ ۽ طبيعت ۾ فقير منش ماڻهو رهيو.

ڊاڪٽر صاحب جو نالو ننڍي هوندي کان ٻڌندو رهندو هوس، ادب دوست هئڻ جي ناتي ملاقات نه هئڻ جي باوجود سنڌ جي سڀني ليکڪن ۽ شاعرن سان هڪ رشتو ۽ ڳانڍاپو ننڍي هوندي کان رهيو آهي پر ۱۹۸۹ ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتم ته يونيورسٽي ۾ رهندڙ ليکڪن سان ملاقاتون به ٿيون، آءٌ جڏهن صحافت واري شعبي ۾ پڙهندو هوس تڏهن ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو سنڌي شعبي جو پروفيسر ۽ سربراهه هئو. ۱۹۹۲ ۾ جڏهن آءٌ سنڌ يونيورسٽي جو ملازم ٿيس ۽ سال اندر يونيورسٽي ۾ گهر مليو ته اهو يونيورسٽي جي ٽيچرس هاسٽل جي ويجهو هئو، اڪثر ٽيچرس هاسٽل وڃڻ ٿيندو هئو ته ڊاڪٽر صاحب سان هيلو هاءِ ٿيندي رهندي هئي، هو بنهه گهٽ ڳالهائڻ وارو، ذاتي زندگي ۾ بلڪل سادو پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ وارو سنڌ جو خاموش خدمتگار هو. وڏن عهدن توڙي وڏن ماڻهن ۾ کيس ڪڏهن به ڪا اٽريڪشن محسوس نه ٿي، هو مسڪين ۽ پيرن اگهاڙن ماڻهن سان ڪچهريون ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو هئو. هن جيترو لکيو ان کان وڌيڪ پڙهيو. هڪ ڀيري بدين جي ڊگري ڪاليج ۾ لطيف سائينءَ جو ڏينهن ملهايو پئي ويو جنهن جي صدارت ڊاڪٽر غلام علي الانا ڪئي، انهن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر الانا سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر هئو ۽ آءٌ پبلڪ رليشن آفيسر هئس، اڪثر ڪري يونيورسٽي توڙي يونيورسٽي کان ٻاهر وارن سڀني پروگرامن ۾ آءٌ وائيس چانسلر سان گڏ هوندو هوس. اسان جڏهن بدين پهتاسين ته تقريب شروع ٿيڻ ۾ اڃا ڪجهه وقت هئو الانا صاحب چيو ته ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي وٽ چانهه به پيئون ٿا ۽ سندس لئبريري به ڏسون ٿا. دارالسلطانيه جي نالي سان قائم ڪيل جوڻيجو صاحب جي لائبريري به ڏاڍي شاندار هُئي لائبريري ۾ اُن وقت به مختلف ٻولين ۽ موضوعن تي ڪافي ناياب ڪتاب موجود هُئا. هن وقت اُن لائبريري ۾ ڏهن هزارن کان وڌيڪ ڪتاب موجود آهن. ڊاڪٽر صاحب سنڌي ٻولي جو استاد، ليکڪ، محقق ۽ عالم هئڻ سان گڏوگڏ اردو، فارسي، سرائڪي، هندي، سنسڪرت ۽ چيني ٻولين جو ماهر به هُئو.

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو سنڌي ادب جو تارو هئڻ سان گڏ اهڙو عاليشان باب هئو جنهن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. سندس علمي ادبي خدمتن تي سنڌ کي فخر رهندو. پنهنجي حياتي جو سمورو وقت هن سنڌي ادب کي ارپيو. سنڌي ادب جي تاريخ تي به ڊاڪٽر صاحب جو ڪم يادگار ۽ ڀرپور آهي. سندس ڪتاب سنڌي ادب جي مختصر تاريخ ۽ سنڌي ادب جي تاريخ (ٽن جلدن ۾) نه رڳو سنڌي ادب جي شاگرد لاءِ پر اسان سڀني لاءِ ڄاڻ جو عاليشان خزانو آهن. سنڌي ادب جي تاريخ جي حوالي سان ڊاڪٽر صاحب جو ڪم بنيادي ۽ وڏو ڪم آهي. هاڻي جڏهن به ڪو سنڌي ادب جي ڪنهن به صنف يا شعبي ۾ تحقيق ڪرڻ چاهيندو ته ڊاڪٽر صاحب جي سهيڙيل تاريخ سندس وڏي رهنما ثابت ٿيندي.

سنڌي ادب ۾ ڪهاڻين، شاعري يا ٻين صنفن تي طبع آزمائي ڪرڻ وارا ته ڪافي ماڻهو آهن پر ادب ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان خالص علمي ۽ تحقيقي ڪم ڪرڻ وارا بنهه گهٽ ماڻهو آهن. ڪهاڻيون لکڻ، شاعري ڪرڻ يا ٻيو شيون لکڻ سٺي ڳالهه آهي پر ٻوليءَ جي حوالي سان علمي ۽ تحقيقي ڪم جي اهميت وڌيڪ آهي. اسان جي جن عالمن ٻوليءَ جي واڌ ويجهه توڙي سنڌي ادب جي حوالي سان تاريخي ۽ تحقيقي ڪم ڪيو آهي، اهي سچ پچ سنڌ جو وڏو سرمايو آهن. يقينن ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو به سنڌ جو اهڙو ئي اثاثو هئو، جنهن جي وڃڻ کانپوءِ سنڌي ادب ۾ پئدا ٿيل خال ڀرجڻ ڏکيو آهي.

ڊاڪٽر صاحب جي زندگي شاهه سائينءَ جي سِٽ “جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي” جيان هئي. هن وقت وڃائڻ بجاءِ سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ ڪم ڪيو. هن جي وڃڻ کانپوءِ اسان جو فرض آهي ته سندس اڌ ۾ ڇڏيل ڪم کي اڳتي وڌايون. سندس علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪم کي جاري رکڻ توڙي سندس اڻ ڇپيل شين کي ڇپائڻ لاءِ سندس نالي سان هڪ ادارو جوڙيو وڃي ته بهتر ٿيندو.

ڊاڪٽر صاحب کي ٽريبيوٽ ڏيڻ جو اُن کان بهتر ٻيو ڪو به طريقو ٿي نه ٿو سگهي ته سندس ڪم کي اڳتي وڌايو وڃي خاص ڪري سنڌي ادب جي تاريخ سهيڙڻ وارو ڪم جاري رهڻ گهرجي.


 

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

مهربان محقق

پروين موسيٰ ميمڻ

تاريخ ۲۶ نومبر ۱۹۳۵ع تي، ڳوٺ پير فتح محمد شاھه، ضلعي بدين ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ميدان ۾ ڪيل خدمتن کي هنن ٻن چئن صفحن ۾ مڃتا ڏيڻ ممڪن نه آهي. هن مهربان محقق جو سوانحي احوال سندس علميت جا ڪيترائي روشن گوشا ڏيکاري ٿو، جنهن جو مظهر سندس ڪيئي ڪارائتا ۽ ڪمائتا ڪتاب آهن، جيڪي هو وڏي جفاڪشي ۽ عرق ريزيءَ سان سنڌ جي ايندڙ نسل جي هٿن ۾ وڏا وڙ ڪري ڏيئي ويو آهي.ادبي دنيا جي هن معروف هستيءَ جا شاعري، افسانا نويسي، ناول، تاريخ، تنقيد، تحقيق، سوانح ۽ لطيفيات کانسواءِ ٻين موضوعن تي ڪيترائي ڪتاب آهن، جن جي ڳاڻيٽي جي برعڪس فقط چند ڪتابن جو به جيڪڏهن ڳوڙهو اڀياس ڪجي ته ڄاڻ پوندي ته هن جنهن به موضوع کِي هٿ لاٿو، انهيءَ سان پورو پورو انصاف ڪيو. چاهي اها سنڌ جي ادبي تاريخ هجي يا “لطيفيات”، “شيخ اياز جي شاعريءَ جو مطالعو” هجي يا “ڪٺمال”. سندس پوري حياتي قلم ۽ ڪتابن سان سلهاڙيل هئي. سندس ڪيل علمي ۽ ادبي پورهئي جي لاٽ ڪڏهن به نه اُجھامندي. جيسيتائين سنڌي ٻولي لکي ۽ پڙهي ويندي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جو نالو قائم ۽ دائم رهندو.ڊاڪٽر صاحب کي مطالعي سان بي انت پيار هو. جنهن جي ڄاڻ سندن قائم ڪيل ذاتي لائبريري “دارالسلطانيه لائبريري” مان پوي پيئي. سندن نظر ۾ ڪتابي علم فقط پڙهڻ نه پر پرکڻ، پروڙڻ ۽ هينئن سان هنڊائڻ آهي. شاھه ڀٽائيءَ سان عقيقدت ۽ محبت ۽ ان جي آفاقي ڪلام جي ڪيفيت کي سمجھڻ ۽ انهيءَ جي اونهائيءَ ۽ موسيقيت کي محسوس ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر جبار کي وڏو ڪمال حاصل هو. هن لطيفي ڪيف جي سرور کي پنهنجي اندر ۾ اوتيندي ڪيترائي مقالا، مضمون، تقريرون ۽ تحريرون پيش ڪيون. لطيف شناسيءَ جي حوالي سان سندس ڪم کي سنڌي ادب ۾ اهميت حاصل آهي. ڊاڪٽر صاحب شاھه سائينءَ جي حياتي،ڪلام، ان جي ترتيب، لغت، شاھه جي شاعريءَ جو فلسفو، موسيقي، مطلب ته گھڻن رخن تي لکيو. هن ڏس ۾ مڪمل ڪتاب لکياان کانسواءِسندن نگرانيءَ ۾ تيار ٿيل پي.ايڇ.ڊي ٿيسز خاص اهميت رکن ٿيون. جن ۾ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، ڊاڪٽر شڪنتلا سيواڻي ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفىٰ کهڙو جا تحقيقي مقالا آهن. کين چڱيءَ پر ڄاڻ هئي ته اڃان تائين لطيفي فن جا ڪهڙيون ڪنڊون پاسا رهيل آهن، جن تي روشني وجھڻ جي اشد ضرورت آهي.ڊاڪٽر عبدالجبار جي لکيل لطيفي فن ۾ اهم ڪتاب “ڪنز اللطيف”، “لطيفيات”، “ببليو گرافي شاھه تي لکيل ڪتابن جي”، “شاھه جي رسالي جومطالعو”، “ڪشف الاَبيات” آهن. ان کانسواءِ سندن مقالن جي اهم ڪتاب “ڪٺمال” ۾ صفحي ۱۴۱ کان ۲۸۴ تائين لطيفيات جي موضوع تي مضمون ۽ مقالا آهن. ڪنزاللطيف جي مختصر ڪتاب ۾ شاھه جي ڇاپي رسالن تي بحث ڪيل آهي ۽ خاص طور ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي رسالي کي مڃتا ڏنل آهي. ۱۹۴۷ع کان پوءِ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ڪم کي مڃتا ڏيڻ ۾ ڊاڪٽر جبار اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڻ وقت بوقت هن رسالي تي ٿيل ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ جي تنقيدن تي بحث ڪيو اٿن. لطيفيات ڪتاب ۱۹۷۷ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڇپايو، ۱۵۶ صفحن جي هن ڪتاب ۾ شاھه جي رسالي جي قلمي نسخن، رسالي جي مختلف ايڊيشنن، شاھه جي رسالي جي چونڊ ڪلام ۽ جدا جدا ڇپيل سُرن جي ڄاڻ آهي ته گڏ شاھه جي سوانح عمريءَ جي باري ۾ ڇپيل ڪتابن ۽ مختلف مخزنن، خاص نمبرن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل مقالن جي فهرست سان گڏسنڌي، اردو، فارسي، انگريزي ۽ جرمن ٻولين ۾ ڇپيل مواد جي معلومات موجود آهي.“ببليوگرافي شاھه تي لکيل ڪتابن جي” ڪتاب جنوري ۲۰۰۰ع ۾ پهريون دفعو سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو، جيڪو مٿئين ڪتاب جي وڌيل صورت ۽ ڪجھه نئين مواد تي مشتمل آهي.“شاھه جي رسالي جو مطالعو” ڪتاب مهراڻ اڪيڊمي شايع ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪيترائي اهم موضوع ذڪر ڪيل آهن. گھڻا موضوع اهڙا آهن، جن تي اڳ ڪڏهن به قلم نه کنيو ويو آهي، جيئن “شاھه عبدالطيف ڀٽائيءَ تي پي.ايڇ.ڊي ٿيسز”، “شاھه جي بيتن جي تلاش”، “حامي هادي هاشمي”، “پدمڻي”، “شاھه جي ڪونج”، “رسالي بابت ٻه اکر”، “لطيف شناسي پسمنظر ۽ تحقيق لاءِ ڪي اهم پهلو”، “سُر ڪاموڏ جي موسيقي”، “رامڪليءَ جي موسيقي”، “راڻو: هڪ ڳائڻي”، “شاھه جي بيتن جي تلاش” ۽ چند ٻيا آهن. هنن ايڪٽيهن مضمونن ۽ مقالن ۾ موضوعن سان انصاف ڪيل آهي. مضمون “تهڙو ڪينجھر ۾ ڪين ٻيو جھڙي سونهن سندياس” ۾ لکيو اٿن ته:“’ڪينجھر’نهايت ئي باوقار، پر معنيٰ ۽ رومان پرور آهي. نوري ۽ ڄام تماچيءَ جي رومانوي داستان سان منسلڪ هي لفظ ڪينجھر ڍنڍ جي حوالي ۽ مناسبت سان ئي عام ٿيو. هونئن نوري ڄام تماچيءَ جو قصو راڳ ڪاموڏ ۾ ڳايو ويو ۽ ڪينجھر هن روماني داستان جي سرزمين آهي. ڍنڍون ته ٻيون گھڻيون پر ڪينجھر جي اهميت عشقيه داستان جي وينيو (Venue) جي ڪري آهي. ڪينجھر جو موضوع نهايت ئي وسيع آهي. ڪينجھر هڪ ثقافتي ايڪو ۽ زندگيءَ جي شاهراھه جو هڪ پيچرو به آهي. شاھه عبدالطيف ڀٽائيءَ هن داستان کي لازوال بنائي ڇڏيو. هن سونهن، سچائي، نهٺائي ۽ سادگيءَ جو هڪ عملي داستان پنهنجن لفظن ۾ امر بنايو”. (۱)

“پدمڻي” مضمون ۾ سڄاڻ عورتن لاءِ مقرر ڪيل چار قسمن پدمڻي، چترني، سکڻي ۽ هسڻيمان سَسئيءَ کي پدمڻيءَ جو درجو ڏيندي چوي ٿو ته:“اکين سان اسان ته نه سهڻيءَ کي ڏٺو نه ليليٰ ۽ مومل کي، نه نوريءَ کي، نه سورٺ ۽ مارئيءَ کي شاھه صاحب جا واقفيت ڪرائي آهي، ان مان اهو اندازو لڳائي سگهبو ته شاھه جي سورمين ۾ مارئي، نوري، سورٺ، پدمڻيءَ جي پدتي هونديون. ليليٰ ۽ مومل جو درجو چترنيءَ وارو آهي. سهڻيءَ جو درجو به ڪجھه اهڙو آهي. اهو حُسنِ ظن رکي چئي سگهجي ٿو يا رسالي جي ڏنل رهبريءَ مان ڄاڻون، پر سسئي بيشڪ پدمڻيءَ جي درجي تي سرفراز آهي”.(۲) لطيف شناسيءَ جي حوالي سان ڊاڪٽر صاحب جو هڪ ٻيو اهم ڪارنامو “ڪشف الابيات” آهي، جنهن ۾ شاھه صاحب جي جدا جدا رسالن جي بيتن جي ڏسڻي ڏنل آهي. هيءُ هڪ ڪٺن ۽ نرالو تحقيقي ڪم شمار ٿئي ٿو.ڊاڪٽر عبدالجبار جون ادب جي ميدان ۾ ڪيل خدمتون نه وسارڻ جوڳيون آهن. سيد مظهر جميل سندن تحقيقي محنتن کي مڃتا ڏيندي لکيو آهي ته: “ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو هڪ اعليٰ پايي جو محقق آهي. سندس ڪتاب “سنڌي ادب جي تاريخ” (ٽي جلد) هڪ معياري تحقيقي ڪاوش شمار ٿئي ٿو نه فقط جداگانه موضوعن پر تفصيلي ادبي مطالعي جي صورت ۾ مفيد نتيجا باهم فراهم ڪرڻ جي صورت ۾ هيءَ تصنيف اعليٰ مقام تي فائز آهي”.(۳)

شوڪت حسين شورو لکي ٿو ته: “ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو سنڌي زبان جو هڪ وڏو اديب، عالم ۽ محقق آهي. سندس هڪ اهم خاصيت اها آهي ته هن ادب جي گھڻو ڪري سمورين صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس ادبي حيثيت گھڻ پاسائين آهي”.(۴) مطلب ته سنڌي ادب جي هن مهربان محقق جون علمي ۽ ادبي خدمتون ادب ۾ معتبر مقام رکن ٿيون، جيڪي ڪڏهن به رائيگان نه وينديون.

حوالا: جوڻيجو، عبدالجبار ڊاڪٽر، “شاھه جي رسالي جو مطالعو”،مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور، ۲۰۰۵ع، ص-۲۰۳.

ساڳيو حوالو، ص ۱۲۷.

سيد، مظهر جميل، “جديد سنڌي ادب”،اڪيڊمي بازيافت، ڪراچي،۲۰۰۷ع، ص-۱۰۷۰.

شورو، شوڪت حسين: جوڻيجو ڊاڪٽر، “ڪٺمال”،انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، ۲۰۰۲ع، ص-۲.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۶ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

 

No comments:

راءِ ڏيندا