ڊاڪٽر عبدالجبار
جوڻيجو
سنڌي ٻولي ۽ ادب
کي پاڻ ارپيندڙ شخصيت
پروفيسر عبدالله ملاح
سنڌ ۾ جيڏا وڏا جبل، رڻ ۽ دريا آهن، ماڻهو به ايڏا وڏا پيدا ٿيا آهن.
جن ماڻهن جي ڳالهين ۽ عملن جي بهارن سنڌ جي زندگيءَ جي باغن کي سانڍيو، نپايو ۽ سلامت
رکيو آهي. قومن جون تهذيبون، قومن جا وقار، قومن جون عزتون، قومن جون حياتون، تقدس
رڳو جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي ڦر لٽ کي جائز قرار ڏيندڙ سرڪارن ۽ درٻارن سان قائم
نه رهندا آهن، پر ڪي دليون هونديون آهن، ڪي
دماغ هوندا آهن، ڪي ضمير هوندا آهن، ڪي تاريخ جي حسن جهڙا لڄائتا بي مثال انسان هوندا
آهن، جن جي وجود جي لازوال منور تبسم سان قومن جي حياتي، تاريخي وقار ۽ سونهن سلامت
هوندي آهي.