; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر تنوير عباسي - مير نادر علي ابڙو

10 December, 2012

ڊاڪٽر تنوير عباسي - مير نادر علي ابڙو


ڊاڪٽر تنوير عباسي
ڪو ڪو ماڻهو موتي داڻو
مير نادر علي ابڙو
ڊاڪٽر تنوير عباسي سان منهنجو تعلق منهنجي ڄمڻ کان اڳ جو هئو، تنوير عباسي منهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو انتهائي پيارو ۽ پراڻو دوست هو، ۱۹۷۸ع ۾ جڏهن بابا سائين ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج خيرپور ميرس ٿيو ته ڊاڪٽر تنوير عباسي سڪ ۽ محبت منجهان تقريبن هر روز بابا سائين سان ڪچهري ڪرڻ ايندو هو. هو خيرپور ۾ اسان جو فيملي ڊاڪٽر به هو، ڄڻ گهر جو ڀاتي به هو. مون ننڍپڻ کان وٺي ڊاڪٽر صاحب کي هميشه کلندي ملندي ڏٺو جڏهن به ملوس پيو مسڪرائيندو هو.


مون کي چڱي طرح ياد آهي اهو ڏينهن جڏهن کيس تمام گهڻي خوشي ۾ ڏٺو هيم، اهو موقعو هو سندس پٽ سرمد جو آمريڪا وڃڻ جو اجازت نامو خيرپور پاڪستان پهچڻ. مون هن ۾ هڪ خاص ڳالهه ڏٺي، سا هئي سندس طبيعت ۾ حساسيت جيڪا هڪ شاعر ۾ هجڻ به کپي، ڊاڪٽر صاحب انتهائي محبت مان غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي تپاسيندو هو. ڪڏهن به مريض کان في وغيره جي لالچ نه ڪيائين هو فرشتو صفت انسان هو.
مان بي اي کان وٺي ڊبل ايم اي ۽ ايل ايل بي تائين لطيف يونيورسٽي مان پڙهيس جيڪڏهن ڪڏهن به مون کي ڪو يونيورسٽي مان سرٽيفڪيٽ کپندو هو ته هو فقط منهنجي لاڙڪاڻي مان فون ڪرڻ تي ڪڍرائي پوسٽ ذريعي موڪلي ڏيندو هو.
هن نفسانفسي واري دؤر ۾ تمام ٿورا انسان وڃي بچيا آهن، جيڪي پنهنجن دوستن سان نڀائين. مگر ڊاڪٽر تنوير ته اهو انسان هو جيڪو پنهنجي دوست جي وفات کان پوءِ به اسان سان نڀائيندو آيو. ڊاڪٽر صاحب کي مون ڪڏهن به ڪاوڙ ۾ ڪونه ڏٺو، ۱۹۸۰ع ۾ جڏهن بابا سائين ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ٺٽو ٿيو ته ڊاڪٽر صاحب ٺٽي ضلعي جا قديم آثار ڏسڻ لاءِ اسان وٽ پنهنجي گهر واري ۽ پنهنجي فرزند سرمد سان گڏ آيو. ڪچهري ۾ ڊاڪٽر صاحب چيس ته بابا گرم چانهه مٿان ٿڌو پاڻي نه پي پر سرمد ضد ڪري مٿان ٿڌو پاڻي پيئڻ لڳو. انهيءَ ڳالهه تي بابا سائين کي به ڪاوڙ لڳي ته پيءَ جي ڳالهه پٽ آخر ڇو ڪونه ٿو مڃي. پر ڊاڪٽر صاحب ٿڌائي مان انهيءَ ڳالهه کي هضم ڪري ويو ۽ مسڪرائيندو رهيو. ڊاڪٽر صاحب کي مون پنهنجي ڪار تي وٺي وڃي قديم آثار ڏيکاريا، گهمي جڏهن بس ڪيو سون ته ڊاڪٽر صاحب بار بار مهرباني مهرباني چئي رهيو هو.
بابا سائين جي وفات تي ڊاڪٽر صاحب منهنجي والد صاحب سان دوستي نڀائيندي سندس ياد ۾ هڪ مضمون لکي سنڌ جي تقريبن سڀني اخبارن ۾ شايع ڪرايو. هڪڙي دفعي منهنجو يونيورسٽي وڃڻ ٿيو ته اتي حميد سنڌي سان ڪافي اديب موجود هئا، جن ۾ ادل سومرو، اياز گل ۽ غلام رباني آگرو به موجود هئا. جيئن ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب مونکي ڏٺو ته وڏي محبت ۽ پاٻوهه منجهان مليو. سڀني سان منهنجو تعارف ڪرايائين، زوري منجهند رهائي پاڻ سان گڏ ماني پڻ کارايائين. سنڌي اخبارن ۾ جڏهن ڊاڪٽر تنوير عباسي جي اسلام آباد وڃڻ جون خبرون پڙهيم ته کيس خط لکيم ته ٻن ٽن ڏينهن کان مسلسل اوهان جي خيرپور ڇڏڻ جا بيان وغيره اچي رهيا آهن ته “خيرپور ميرس ڇڏي رهيا آهيون. مري ته ڪو نه رهيو آهيان” توهان جي زبان مان ته شايد آساني سان نڪري آيا هوندا پر توهان جي چاهيندڙن تي يقين ڪيو پهاڙ وانگر ڪريا هوندا. شاعر رڳو پنهنجي اولاد جي ملڪيت ڪونه هوندا آهن. اهي ته عوام جو اثاثو هوندا آهن، هاڻي خيرپور ميرس اٻاڻڪو محسوس ٿيندو ڇو جو هاڻ تنوير عباسي خيرپور ميرس جي پهچان ۽ خيرپور ميرس تنوير عباسي جي پهچان ڪونه هوندو.
منهنجي انهيءَ خط جي جواب ۾ پاڻ به خط لکيائين ته پيارا ايترو مايوس نه ٿيو آخر مون کي به اولاد جو سهارو گهرجي. جنهن لاءِ ۱۱ سال سڪيو آهيان. اوهان ۽ سنڌ سان ساڳيو لاڳاپو رهندو. سنڌ لاءِ ته ڪم هر هنڌ ڪري سگهجي ٿو ۽ ڪندو به رهندس.
سندس انهي خط پهچڻ کان پوءِ ڄڻ ڊاڪٽر صاحب جي مجبوري سمجهي اسان قبول ڪيو ته هو ڀلي پنهنجي اولاد سان اسلام آباد رهي. جيڪڏهن هو فقط اسلام آباد وڃي رهي ها ته، اهو ته کڻي سنڌي برداشت ڪري وڃن ها پر هي هميشه واري جدائي برداشت ڪرڻ ڏاڍي ڏکي ٿي پئي آهي. سندس تازي گلاب جيان هميشه کلندڙ ٽڙندڙ چهرو اکين آڏو ڦري رهيو آهي.
هو سنڌ جو شاعر ته هو ئي پر هو سنڌ جو مهان ۽ منفرد ڊاڪٽر به هو. جنهن مرڻ کان پوءِ به ڪنهن بيمار کي ڊاڪٽر ۽ مريضن وارو رشتو تاريخ ۾ امر ڪندي ساهه نڪرڻ کان پوءِ به اکيون دان طور ڏيندي نڀايو. سندس وصيت هئي، ته شاگرد ۽ ڊاڪٽر ڀلي منهنجي مرڻ کان پوءِ منهنجي جسم تي تجربا ڪن ته جيئن انهن تجربن جي آڌار تي مريضن جا مرض ۽ تڪليفون دور ٿين. اهي ڳالهيون ۽ عملي ڪم ڪنهن مسيحا کان گهٽ ڪونه آهن. منهنجا هي ڪجهه جملا ڊاڪٽر تنوير عباسي جي جبل جيڏي وڏي شخصيت آڏو ڪجهه به ناهن پر اڄ هو ايترو ياد اچي رهيو آهي جو لکڻ کان به رهي نه ٿو سگهان.

(خبرون، جاڳو، برسات، تعمير سنڌ، عبرت، مهراڻ، سنڌ، هلال پاڪستان، سوڀ، مقدمو، سچ، سڪار سنڌو، فيصلو، عوامي آواز)

No comments:

راءِ ڏيندا