الغوزي نواز الهبچايو کوسو
سندس وڇوڙي تي، جڏهن سُرن مان ساهه ڇڏائي
ويو
مير نادر علي ابڙو
سُر ۽ سنگيت جو ميلاپ به ڇا آهي. فن جي دنيا جا ماڻهو به
واقعي ۾ عجيب ٿيندا آهن. انهن جا غم ۽ خوشيون به نراليون هونديون آهن. اهي هميشه
پاڻ کان بي خبر ٿي، هن جهان ۾ ميلا مچائي، ماڻهو گڏائي، مُرڪون وکيري، هميشه لاءِ
امر ۽ تاريخ بڻجي ويندا آهن. جيئن سنڌي موسيقي جي ساز الغوزي ذريعي، ڏيهه توڙي پرڏيهه
۾ مڃتا ماڻيندڙ، الغوزي نواز الهبچايو کوسو، گهڻي وقت تائين بيماريءَ سان ويڙهاند ڪندي
ڪندي، هميشه لاءِ اڄ اسان کان وڇڙي ويو آهي.
الهبچائي الغوزي وسيلي سُريلي آواز ۾، ڏيهه توڙي پرڏيهه
۾، تمام گهڻي مڃتا ماڻي هئي. پاڻ زندگيءَ جي ۸۵ بهارن ۾، ڪيئي دنياوي رنگ ڏٺائين ۽
اوچتو گردن ٽوڙ بخار ۾ مبتلا ٿي، ٽنڊو محمد خان جي خانگي اسپتال ۾ ٽن ڏينهن تائين
زندگيءَ ۽ موت واري ڪشمڪش ۾ رهڻ بعد، هميشه لاءِ زندگي جي جنگ هارائي ويٺو. سندس
بيماريءَ دوران ڪنهن به سار نه لڌي. ثقافت کاتي کان ويندي سمورا چونڊيل نمائندا، رڳو
اعلان ئي ڪندا رهيا. جنهن ڪري هو پنهنجو علاج، ڪراچيءَ مان به نه ڪرائي سگهيو.
سندس لاڏاڻي بعد، موسيقيءَ جي دنيا ۽ خاص ڪري الغوزي جي
دنيا ۾، هڪ تمام وڏو خال پيدا ٿي پيو آهي. کيس صدارتي ايوارڊ کانسواءِ لطيف سرڪار،
قلندر لعل شهباز، سچل سرمست جي ميلي سميت، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيندڙ ادبي ۽ ثقافتي
پروگرام ۾ سوَ ۱۰۰ کان مٿي ايوارڊ ملي چڪا آهن. پاڻ، ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾، سنڌي
موسيقي جي ساز الغوزي جي سڃاڻپ رهيو ۽ کيس تمام وڏي پذيرائي ملي. سندس شاگردن جو جھجهو
انگ، اڄ به سنڌ جي مختلف علائقن ۾ موجود آهي. کيس اها به هڪ وڏي ڏات ۽ ذهانت هئي
جو پاڻ الغوزي وسيلي شاهه لطيف جي سمورن بيتن کي ڳاتائين. کيس، انهيءَ نرالي حيثيت
سبب، سنڌ جا ماڻهو صدين تائين شايد ئي وساري سگهن.
الهبچائي جي لاڏاڻي تي، جتي الغوزي جي دنيا اڄ ڪوما واري
حالت ۾ آهي ته اتي سندس لاڏاڻي سبب، فن جي دنيا کي تمام وڏو ۽ نه پُر ٿيڻ جيڏو،
نقصان پهتو آهي. اسان ماڻهو نه ڄاڻ ڪهڙي دنيا ۾ ٿا رهون. جيسين ڪو زندهه هوندو آهي
ته سندس جيون کي بچائڻ لاءِ ڪجهه به ناهيون ڪري سگهندا ۽ مرڻ بعد وڏا وڏا اعلان ۽
سهائتا جون ڳالهيون ڪيون وينديون آهن. جيئن اڄ، سنڌ جو ثقافت کاتو به وڏيون ڳالهيون
ٿو ڪري. جيڪر بيماري جي بستري تي، سنڌ جا گهڻگهرا ۽ ثقافت کاتي جا ڪامورا، سندس
حقيقي مدد ڪن ها ته شايد اڄ هو ائين اسان کان نه وڇڙي وڃي ها. سندس وڇوڙي تي، جتي
لطيف جا پارکو ۽ عاشق ڏکارا آهن، اتي سنڌ جي هر باشعور ماڻهو کي اوترو ئي ڏک پهتو
آهي، جيترو سندس گهر ڀاتين کي پهتو آهي.
سندس مرتئي تي ڪيترو ۽ ڪهڙو ڏک ڪجي؟ ڇو جو هيءَ دنيا
عارضي آهي ۽ هتي هر ماڻهو اچي ۽ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪري هليو ٿو وڃي. جيڪي ماڻهو،
پنهنجو حقيقي ڪردار ۽ عوام جا ڏک سور محسوس ڪندي، انهن لاءِ جاکوڙين ٿا، تن جو
نانءُ دنيا مان پردو ڪري وڃڻ باوجود به، گونجندو رهي ٿو. ٻيا ماڻهو، اهڙن انسانن
کي پنهنجي اندر ۾ جايون ڏئي، انهن تي ساهه نڇاور ڪندا ٿا رهن.
اسان جي اها بدقسمتي آهي جو ماڻهو جڏهن حياتي هجي ٿو ته کيس
اهو مان مرتبو ناهي ڏنو ويندو، جيڪو مرڻ بعد ڏنو ٿو وڃي ۽ هن جون ورسيون سالگراهون
ملهائي، ماڻهو کيس الائي ڪهڙا ڪهڙا لقب ٿا ڏئي ويهي رهن، جي اهي لقب انهن کي حياتي
۾ ملن ۽ انهن سان اهي شامون ملهائجن ته شايد هو اڃا به وڌيڪ زندگيءَ جي هن رنگينين
۾ جيئي سگهن. پر اسان وٽ ائين ناهي ۽ اها پراڻي روايت رهي آهي ته؛ جيئرن سان جهيڙا
۽ مئلن تي ميلا.
هاڻ اها روايت ختم ٿيڻ کپي. الهبچائي جي لاڏاڻي تي، هر ڪنهن
جا پنهنجا پنهنجا رايا آهن، پر آئون اهو ٿو سمجهان ته؛ اڄ الغوزي جي دنيا مڪمل طور
ويران ٿي چڪي آهي. شايد ئي وري ڪا ماءُ اهڙو الغوزي نواز ڄڻي، جيڪو جهر جهنگ، ڏيهه
پرڏيهه وڃي، سنڌ جي سڃاڻپ بڻجي، جيئن الهبچايو کوسو بڻيو.
ٽنڊو محمد خان : (رپوٽر محمد عمر بليدي) سنڌ جو ناميارو الغوزي نواز الهبچايو
کوسو ۱۲ سال
بيماري سان وڙهندي رات (۰۳) ٽي وڳي ٽنڊو محمد خان جي
ميمڻ اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، مرحوم گذريل ۵۰
سالن کان الغوزو وڄائيندو
هو ۽ دنيا جي ۲۰ کان
مٿي ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو هو جن ۾ فرانس، امريڪا، برطانيه، جاپان ، ڀارت،
بنگلاديش، فلپائن ۽ ٻيا ملڪ شامل آهن مرحوم جو آخري پروگرام فلپائن جي شهر منيلا ۾
ٿيو هو جنهن کانپوءِ هو واپس رهيو ته بيمار ٿي پيو ۽ بعد ۾ نه چڙهي سگهيو ۽ بستري ڀيڙوئي
رهيو، مرحوم کي ۲۰۰۴ ۾ شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي ميلي دوران نصير مرزا جي
بعد اسرار تي سندس وڏو پٽ ارباب کوسو کيس ڀٽ شاهه وٺي آهيو ۽ ميلي ۾ ٿيل ثقافتي شو
۾ کيس الغوزي تي راڻو ڳائڻ جي فرمائش ڪئي ويئي ۽ هن اسٽيج تي چڙهي الغوزي وڄائڻ جي
ڪوشش ڪئي پر بيماري سبب هو الغوزو نه وڄائي سگهيو ۽ پنهنجي بيوسي تي ڀري محفل ۾ روئي
ويٺو، مرحوم جي عمر ۷۹ سال هئي ۽ کيس ٽن پٽن جو اولاد آهي جن مان سندس وڏو
پٽ ارباب کوسو الغوزو وڄائيندو آهي جڏهن ته ٻيو پٽ دوست علي بينجو وڄائيندو آهي جڏهن
ته سندس ٽيو پٽ نظر محمد کير جو واپار ڪندو آهي، مرحوم ۱۹۶۰ کان الغوزي وڄائڻ جي شروعات
ڪئي ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ وڏي شهرت ماڻي ورتي، مرحوم جي اڱاري جي ڏينهن اوچتو طبيعت خراب
ٿي ويئي جنهن ڪري کيس ٽنڊو محمد خان جي ميمڻ اسپتال آندو ويو جتي کيس روم نمبر ۱۰۱ ۾ داخل ڪيو ويو هو ۽ کيس ساهه جو نلڪيون لڳائي هٿرادو ساهه کڻايو پئي
ويو، ان دوران سندس وڏي پٽ ارباب کوسو ثقافت کاتي جي آفيسر محمد علي مانجهي سميت سڀني
سرڪاري عملدارن سان فون تي رابطا ڪيا ته بابا کي ڪراچي کڻائي هلو پر کيس سکڻا دلاسا
ڏنا ويا ۽ هر فون تان کيس اهو ئي جواب پئي مليو ته گڏ آهيون کٽڪو نه ڪر، پر وٽس ڪير
به لنگهي نه آيو، اڄ صبح ايف ايم ۱۰۵
سان ڳالهائيندي پيءُ جي وڇوڙي
تي ڏکاري ارباب کوسي اوڇنگارون ڏيندي چيو ته هاڻي بابا هن دنيا ۾ نه رهيو آهي هاڻي
ثقافت ۽ وزيرن جي ڪا به ضرورت ڪانهي هاڻي صرف هو فوٽو ڪڍرائڻ ايندا، هنن جي اسان کي
هاڻي ڪا به ضرورت ناهي، اسان کي صرف آسرا ڏنا ويا ته رابطي ۾ آهيون پريشان نه ٿي پر
آيو ڪير به نه. مرحوم کي اڄ منجهند ۰۲
وڳي بلڙي شاهه ڪريم جي ننڊڙي
شهر ڏاڏون ڀرسان پنهنجي اباڻي ڳوٺ الهبچايو کوسو ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو پيو وڃي. ٻي
طرف سنڌي ادبي سنگت ۽ عوامي علمي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان پاران ٽن ڏينهنتائين سوڳ
ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي
No comments:
راءِ ڏيندا