ڪامريڊ سيد جمال الدين
بخاري
سدا حيات قبيلي جو فرد
مسلم شميم
ڪامريڊ سيد جمال
الدين بخاري جو جنم اڻويهين صديءَ جي پڇاڙي واري سال ۱۹۰۰ع ۾ ٿيو ۽ هو ويهين صدي جي اٺين ڏهاڪي ۾ هن
جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس زندگي غير معمولي هئي. زندگي جي سفر شروع ٿيڻ سان
ئي هو سحر انگيز شخصيت (Legend) بڻجي ويو. سندس سڄي حياتي جدوجهد ۾ گذري
خير ۽ شر جي جنگ ۾ ڪامريڊ بخاري جو ڪردار مثالي رهيو. هو مونکي هميشه محبت جو
پيڪر، خلوص جو مجسمو، انسانيت جي عظمت جو وڏو پرچارڪ ۽ آدرشي انسان نظر آيو.
پنهنجي ذات اندر وڏي ڪشش رکڻ (attraction) ڪري سندس شخصيت هر ڪنهن لاءِ ڌيان ڇڪائيندڙ
هئي.
ڪامريڊ جمال الدين
بخاريءَ جي حوالي سان هيءَ ڳالهه رسمي نه بلڪه حقيقت آهي ته هو پنهنجي ذات ۾ هڪ
انجمن، هڪ ادارو ۽ هڪ تحريڪ هو. ان سان گڏ هيئن چوڻ ۾ به ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته هو
هڪ گهڻ رخي ۽ ٻهڳڻي شخصيت جو مالڪ هو. سندن شخصيت جي جامعيت ۽ ڪارفرمائي هر رخ ۽
عمل کان عيان هئي. سندن شخصيت جو هر پاسو هڪجهڙو روشن ۽ تابناڪ هو. هو آزاديءَ جو
هڪ عظيم مجاهد، انقلابي رهنما، سياستدان ۽ سياستڪار هئڻ سان گڏوگڏ هڪ عظيم دانشور،
شعله بيان مقرر ۽ پنهنجي راءِ رکندڙ قلمڪار هو.
هن جي جدوجهد ۽
سياست عام نموني واري سياست ۽ جدوجهد ڪا نه هئي بلڪه ان جو تعلق صدين کان جاري ۽
ساري خير ۽ شر جي ويڙهاند سان هو. هن بديءَ جي قوتن خلاف هميشه خير جو جهنڊو اوچو
رکيو. ان لاءِ پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيو. هو ڏاڍ ۽ استحصال کان پاڪ معاشري جي
قيام جو داعي هو. هو معاشري ۾ نالي ماتر سڌاري جو نه پر انقلابي تبديلين جو
خواهشمند هو. هن انسان کي هزارين سالن کان هلندڙ ظلم ۽ اڻ برابريءَ جي زنجيرن کان
آزاد ڪرڻ ٿي چاهيو. هو هڪ اهڙي سماجي نظام لاءِ سرگرم عمل هو جنهن ۾ انسان جي هٿان
انسان جو استحصال نه ٿئي. هو اهڙي معاشري کي ڌرتيءَ جي جنت جي صورت ۾ ڏسڻ لاءِ آتو
هو، جتي غربت، افلاس، بيوسي، بيروزگاري ۽ سماجي ناانصافيون نه هجن.
هن پنهنجي زندگيءَ
جو هر پل پنهنجي اُن آدرش کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ جدوجهد ۾ گذاريو، انهيءَ راهه ۾ هو
انتهائي ڏکين آزمائشن مان گذريو. هن کي غير معمولي جسماني اذيتون ۽ جيلن جون
سختيون برداشت ڪرڻيون پيون پر هو ڪنهن به مرحلي تي پنهنجي ڪمٽمينٽ تان نه هٽيو. هن
ڪڏهن به همت نه هاري ۽ باطل جي قوت آڏو نه جهڪيو. هو سڄي عمر برطانوي سامراج سان
لڙندو رهيو ۽ آزاديءَ کان پوءِ سامراج جي جانشين استحصالي قوتن سان جهيڙو جاري
رکيائين.
هو بصيرت ۽ بصارت
جو صاحب دانشور ۽ نظريي دان هو. هن کي هڪ جينئس چوڻ ڪنهن به ريت وڌاءَ واري ڳالهه
نه هوندي. سندن ڏاهپ ۽ باخبر هئڻ واري صلاحيت کي سَنَد طور تسليم ڪيو ويندو هو.
اهڙين سمورين صفتن ۽ خوبين سندن غير معمولي شخصيت جي جوڙجڪ ۽ اوسر ۾ اهم ڪردار ادا
ڪيو هو.
ڪنهن شخص جي وجود
مان شخصيت جو جنم پنهنجو پاڻ ۾ هڪ غيرمعمولي ڳالهه آهي بلڪه عظمت جو روشن دليل
آهي. سيد جمال الدين بخاري منهنجي راءِ مطابق هڪ شخص جو نالو نه پر هڪ شخصيت جو
نالو آهي. هو سحر انگيز شخصيت جو مالڪ هو. اهو مرتبو کيس پنهنجي زندگيءَ جي اوائلي
سفر ۾ ئي حاصل ٿي ويو هو ۽ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ سندن شخصيت جا خدوخال روشن کان روشن
تر ٿيندا ويا. هو آدميت جي درجي کان اوچي يعني انسانيت جي منصب تي فائز هو.
مرحوم جمال الدين
بخاري اهڙين شخصيتن مان هو جن جي ياد ۽ تصور ناقابل فراموش آهي. منهنجو خيال آهي
ته هر ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ ڪجهه اهڙين شخصيتن جون يادون شامل هونديون آهن جن کي
لازوال چوڻ گهرجي ۽ جن جي قربت ۽ صحبت جا اثر هميشه قائم رهندا آهن ۽ جن سان واسطيداري
۽ تعلقات فخر ۽ ناز جو احساس ڏياريندا آهن. سيد جمال الدين بخاري منهنجي لاءِ انهن
اڪابرن مان هڪ هو جن جي ياد فخر جوڳو سرمايو ۽ جن جو تصور نور جي مينار وارو درجو
رکي ٿو. مرحوم بخاريءَ جي تصور سان منهنجو آدميت تي ناز ۽ انسانيت تي فخر سوايو ٿي
ويندو آهي.
هو معاشري لاءِ هڪ
قيمتي اثاثو هو. هو ويهين صديءَ جي کاٻي ڌر وارن دانشورن ۽ سياستڪارن جي اُن قبيلي
سان تعلق رکندو هو جن پنهنجو سڀ ڪجهه سماج جي بهتريءَ لاءِ تياڳي ڇڏيو هو. بخاري
صاحب پنهنجي موروثي اثاثن کان پاڻ کي شعوري طور محروم ڪري Have واري طبقي
منجهان نڪري Have not
واري طبقي ۾ شامل ٿي ويو هو. هن انتهائي ديانت ۽ سچائيءَ سان پاڻ کي مظلومن ۽
استحصال جي شڪار عوام سان پنهنجي عملي يڪجهتيءَ واري واٽ ورتي. ان ڏس ۾ کيس مهاتما
گوتم ٻڌ جي پيروڪارن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو ۽ انهيءَ فهرست ۾ سيد سجاد طهير جو نالو به
نمايان آهي، جن جو ذڪر بخاري صاحب وڏي پيار ۽ احترام سان ڪندو هو.
اڄ کان ڇٽيهه سال
اڳ اهڙو انسان اسان ۾ موجود هو جنهن تي انسانيت بجا طور فخر ڪري سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته
انسان دوستي سندن خمير ۾ شامل هئي. آدميت جو احترام هُن جو مسلڪ هو ۽ انسانن سان
محبت سندس ايمان هو. مرحوم جو هڪ پسنديده شعر سندن فڪري ۽ نظرياتي زندگيءَ جو پڌرو
ثبوت به آهي ته تفسير به:
"کافر
ہوں میں کافر، ہے میرا کفر محبت
کہ کفر مجھے حاصل ایمان نظر آیا."
هو هڪ عظيم انسان
هو ۽ منهنجي نظر ۾ هو لفظ ”عظيم“ جي سمورين تقاصائن تي پورو لهندو هو. ان عظيم
انسان جي تصور ذهن ۾ اچڻ سان هن لاءِ عقيدت ۽ محبت جا جذبا بيدار نه ٿيڻ ناممڪن نه
آهي. منهنجي انهيءَ ڳالهه جي تائيد اهي هزارين بلڪه لکين ماڻهو ڪندا جن کي مرحوم
ڪامريڊ بخاريءَ جي محبت ۽ قربت حاصل رهي آهي. توڙي جو اها قربت ۽ محبت ڪيتري به
مختصر ڇو نه هجي. مرحوم کي ڄاڻندڙ سڃاڻندڙ ۽ ساڻس عقيدت ۽ محبت ڪندڙ بنا ڪنهن
وڌاءُ جي اڄ به هزارن بلڪه لکن جي تعداد ۾ ننڍي کنڊ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود آهن، خاص
ڪري سنڌ جي وسندين واهڻن ۾ سيد جمال الدين بخاريءَ جو ذڪر اڄ به وڏي احترام سان
ڪيو ويندو آهي ۽ محبت ۽ ڀائيچاري جي پيڪر ۽ علامت طور هو ماڻهن جي دلين ۾ هميشه
زنده رهندو. لاڙڪاڻي جون گهٽيون ۽ رستا اُن درويش صفت انسان جي سڀاڳن قدمن جي
نشانن سان اڄ به منور آهن.
ماڻهن ۾ رهڻ، ماڻهن
جي ڏک سک کي پنهنجو ڏک سک سمجهڻ ۽ عوام کي انهن ڏکن ڏاکڙن ۽ ڏاڍ ۽ استحصال مان
ڇوٽڪارو ڏيارڻ واري جدوجهد ۾ رُڌل هجڻ، سموري عمر انهيءَ مشن خاطر چئلينجن منجهان
سرخرو ٿي پار پوڻ، ڄڻ ته هن عظيم انسان جي ڊگهي عهد آفرين زندگيءَ تي مختصر ترين
تبصرو چئي سگهجي ٿو. عوام دوستي سندن فڪر جو سرچشمو، سندن نظريي جو بنياد، سندن
سياست جي پيڙهه، سماجي سرگرمين جو محور ۽ جدوجهد سان ڀرپور سندن زندگيءَ جو آدرش
هو. سندن انسان دوستي سمورين واسطيدارين ۽ لڳ لاڳاپن کان بي نياز هئي. هن جي نظر ۾
انسان فقط انسان آهي، پوءِ کڻي اُن جو تعلق ڪهڙي به خطي سان هجي. ڪهڙي به نسل ۽
لساني گروهه سان هجي، اُن جو رنگ ۽ نسل ۽ اُن جا عقيدا کڻي ڪهڙا به هجن، اهي سڀ
ڳالهيون هن جي نظر ۾ غير اهم ۽ بي معنيٰ هيون. سندن ذهني سفر جي ڪنهن به موڙ ۽
مرحلي ۾ تعصب ۽ تنگ نظري ۽ ڪنهن به قسم جي عصبيت، فرقيواريت، ۽ ويڇن وڇوٽين جو
پاڇو به نظر ڪو نه ايندو هو.
ڪامريڊ بخاري هڪ
اهڙي صاف ۽ پاڪ چشمي وانگر هو، جتان ڪو به انسان سيراب ٿي سگهيو پئي ۽ جنهن جي
پاڻيءَ منجهان هرڪو پنهنجي اڃ اجهائي پئي سڙهيو. اهو ئي سبب آهي جو مرحوم جي
چاهيندڙن ۾ مختلف لساني ۽ نسلي گروهي سان تعلق رکندڙ به نظر ايندا ته مختلف عقيدا
۽ نظريا رکندڙ پڻ. هو سڀني سان بنا ڪنهن متڀيد جي محبت ڪندو هو ۽ سڀئي ساڻس پيار
ڪندا هئا. سندس شخصيت جي جوڙجڪ ۾ محبت ۽ صلح جوئي سڀ کان حاوي عنصر هئا. اِن حوالي
سان هن عظيم انسان ۾ انهن سمورن درويش صفت صوفين سڳورن واريون خصوصيتون موجود
هيون، جن جي دم قدم سان هن ڌرتيءَ تي محبت، ڀائيچاري ۽ صلح ۽ آشتيءَ جا گل ڦُٽا ۽
جن جي ڇانوَ ۾ نفرتن ۽ وڇوٽين جو ڪنڊيدار وڻ سدائين سوڪهڙي جو شڪار رهيو.
ڪامريڊ بخاريءَ جي ۸۴ سالن جي زندگيءَ تي مٿاڇري نظر وجهجي ٿي ته
هڪ طلسمي انساني پيڪر جو تصور اڀري اچي ٿو. اُن طلسمي انساني پيڪر جي زندگيءَ جا
مختلف رخ ۽ شعبا آهن پر هر رخ ۽ شعبو هڪ جهڙو اجرو ۽ روشن آهي. هو هڪ عظيم انسان
هئڻ کان علاوه هڪ عظيم سياستڪار، مدبر، عظيم مقرر، عظيم دانشور، عظيم صحافي، عظيم
آزادي پسند، آزاديءَ جي تحريڪ جو عظيم سپاهي ۽ هڪ عظيم سماجي ڪارڪن پڻ هو.
انساني معاشري کي
استحصال اڻ برابري، غربت ۽ اڻهوند، ڏاڍ ۽ ظلم ۽ هر قسم جي ناانصافين کان پاڪ ڪرڻ ۽
انسانن جي انسانن هٿان ڦرلٽ کان نجات ڏيارڻ واري مشن جي تڪميل واري جستجوءَ ۾ هُن
پنهنجي طويل زندگيءَ جو هڪ وڏو حصو ننڍي کنڊ جي مختلف جيلن ۾ گذاريو. اڪثر سخت
پورهئي سان سزا ڀوڳيائين ۽ شديد جسماني اذيتون برداشت ڪرڻيون پيس، پوءِ به هو هر
مرحلي مان سرخرو ۽ ڪامران ٿي نڪتو. افسوس اِن ڳالهه جو آهي ته مرحوم پنهنجي عهد
آفرين زندگي ۽ جدوجهد جي حوالي سان ڪا به جامع يادداشت اسان لاءِ ڪانه ڇڏي. هاڻي
اسان سڀني تي اهو فرض آهي ته سندس ٽڙيل پکڙيل تحريرن کي گڏ ڪريون ۽ سندن هڪ جامع
سوانح عمري ترتيب ڏيون ۽ ايندڙ نسلن کي سندس ڪارگذارين ۽ ڪارنامن کان روشناس
ڪرايون. ڪامريڊ بخاريءَ جهڙا انسان ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿيندا آهن. سندن ورثي کي زنده
رکڻ دراصل اعليٰ انساني قدرن جي پاسداري ۽ تسلسل کي قائم رکڻ برابر آهي.
ڪامريڊ بخاري ۱۴ مارچ ۱۹۰۰ تي پيدا ٿيو. جهڙوڪر هو ويهين صديءَ جي
شروع ۾ پيدا ٿيو. ويهين صدي پنهنجي تاريخي اهميت جي لحاظ کان هزارين سالن تي حاوي
آهي. ان عرصي دوران ڌرتيءَ جي هن گولي تي عظيم سياسي ۽ سماجي تبديليون رونما ٿيون،
جنهن ۾ انساني تهذيب ۽ تمدن جي ارتقا جا نقش خلائن ۾ ڏسي پسي سگهجن ٿا. انسان جي
پيرن جا نشان چنڊ واري سرزمين تي اڻ مِٽ نقش بڻجي چڪا آهن. ويهين صديءَ ۾ قومي
آزاديءَ جي تحريڪن لاءِ نوان امڪان پيدا ٿيا، بيٺڪيت وارو نظام ڀڃ ڊاهه جو شڪار
ٿيو ۽ پنجن ئي کنڊن جي اڪثر ملڪن تي آزاديءَ جا جهنڊا جهولي رهيا آهن.
ويهين صديءَ ۾ ٻن
مهاڀاري جنگين جتي تباهين ۽ هاڃيڪارين جي نئين تاريخ لکي، اتي انساني تهذيب ۽ تمدن
جي بقا ۽ تحفظ لاءِ عالمي امن جي سگهاري تحريڪ کي جنم ڏنو. انهي صديءَ جي ابتدا ۾
يورپ جي ڏتڙيل ملڪ روس ۾ بالشويڪ انقلاب برپا ٿيو جنهن انساني تاريخ جي سفر کي
نوان موڙ ڏنا. آڪٽوبر انقلاب جي ننڍي کنڊ ۾ خاص طور آجيان ڪئي وئي، جنهن جي
ترجماني شاعر مشرق علامه اقبال جي هِن شعر مان ٿئي ٿي:
آفتاب تازہ پیدا بطن گیتی سے ہوا
آسمان! ٹوٹے ہوئے تاروں کا ماتم کب تک
آڪٽوبر واري انقلاب
ننڍي کنڊ جي حريت پسند ۽ تحريڪ آزاديءَ جي متوالن کي ڀرپور اتساهه بخشيو. اهڙن
حريت پسندن ۾ مولانا حسرت موهانيءَ جو نالو سر فهرست آهي جنهن پنهنجي وطن جي
آزاديءَ جي تحريڪ کي حقيقي آزادي واري تحريڪ بنائڻ لاءِ آڪٽوبر انقلاب جي آدرش کي
اهميت ڏني. نوجوان ڪامريڊ بخاري مولانا حسرت موهانيءَ جي پيرويءَ ۾ آڪٽوبر انقلاب
کي عالمي استحصال ۽ سرمائيداراڻي ظلم ۽ ڏاڍ جي خاتمي جو اعلان ڄاتو ۽ سرزمين تي
وڃي انقلاب وارين حالتن جو ذاتي مشاهدو ڪرڻ جي ارادي سان، ڪجهه نوجوانن جو قافلو
وٺي ڪابل ۽ مزار شريف جي رستي، سمرقند ۽ بخارا کان ٿيندو ماسڪو پهتو. ان پيادل
قافلي جو پرجوش مسافر ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري هو. انهيءَ سفر ۾ هڪ سال کان
ڪجهه وڌيڪ عرصو لڳو ۽ اهو قافلو ۱۹۲۱ع جي پڄاڻي تي واپس آيو.
سترهن سالن جي عمر
۾ هن سياست جي ميدان ۾ قدم رکيو ته ان وقت ڏکڻ ايشيائي سياسي ميدان مولانا محمد
علي جوهر جي ولولي انگيز قيادت ۽ مولانا حسرت موهانيءَ جي بي خوف سياست جي سوجهري
سان جرڪي رهيو هو ۽ نوجوان جمال الدين بخاريءَ لاءِ ٻئي عظيم رهنما مشعلِ راهه
بڻيا. ڪامريڊ بخاريءَ جي سياسي زندگيءَ تي انهن ڏاهن جي ڇاپ هميشه نمايان رهي ۽ هن
به سياست کي ڪڏهن به پيشي ۽ گذُر جو ذريعو نه بڻايو بلڪه هڪ مشن ۽ انساني معاشري
کي بدصورتين کان پاڪ ڪرڻ جو مقدس فرض ڄاتو.
اٽڪل ستن ڏهاڪن تي
پکڙيل جدوجهد سان ڀرپور سندس زندگي هڪ اهڙي داستانِ حيات جو درجو رکي ٿي جنهن جو
مطالعو ڄڻ همعصر تاريخ جو مطالعو ڪرڻ آهي. هو هڪ اهڙي متحرڪ شخصيت هو، جنهن ڪري
جولان گاهه سڄي دنيا هئي. هن ۱۹۲۴ع ۾ هڪ عام سيلر جي حيثيت سان دنيا جي مختلف حصن جو دورو
ڪيو ۽ پنهنجي مشاهدن ذريعي پنهنجي بصيرت ۾ گهرائي پيدا ڪئي. اهو ئي سبب آهي ته
سندس داستانِ حيات ۾ جتي اسان کي ننڍي کنڊ جي آزاديءَ واري تحريڪ جا سمورا لاها
چاڙها نظر اچن ٿا، اُتي عالمي واقعن، حالتن ۽ تحريڪن جا اولڙا به پسجن ٿا.
ڪامريڊ بخاريءَ سان
منهنجي نيازمندي اٽڪل ويهن سالن تائين رهي هوندي. لاڙڪاڻي ۾ اِن عرصي دوران ساڻس
سوين ميل ملاقاتون رهيون، جن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ کيس ٻڌڻ جو شرف حاص رهيو. اها سعادت
اسان کي بخاري منزل ۾ حاصل رهي ۽ بخاري منزل کان علاوه انصاف پريس، جتان هو پنهنجي
زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن تائين سنڌي ۾ هفتيوار ”انصاف“ ۽ انگريزيءَ ۾ هفتيوار ”نيو
ايرا“ ڪڍندو هو، جيڪا سندس آفيس کان وڌيڪ ملاقات گاهه ۽ بيٺڪ هئي. جتي هو ڪنهن نه
ڪنهن سان ڪچهريءَ ۾ مصروف رهندو ۽ ماڻهن کي همعصر تاريخ ۽ واقعن جي مختلف پاسن
بابت ڄاڻ ڏيندو رهندو هو. هو هن دور جو ڄڻ ڳالهائيندڙ ڪتاب هو، جنهن جي هر ورق
اٿلائڻ سان علم ۽ شعور جا در کلندا ويندا هئا. سندس عام گفتگو ۽ ڳالهه ٻولهه ۾ هن
جو جوش جذبو دراصل سندن جذبي جي شدت ۽ پنهنجي آدرش جي سچائيءَ تي هن جي اٽل ايمان
جي ساک ڏيندو هو. ميڙاڪن ۽ جلسن کي خطاب ڪرڻ هن جي وڻندڙ ڪرت هئي. هو ماڻهن سان
ڳالهائڻ لاءِ هر وقت پوري طرح تيار رهندو هو. پليٽ فارم ڪهڙو به هجي، هو پنهنجي
خيالن ۽ نظرين جو بنا روڪ اظهار ڪندو هو.
"کوئی
بزم ہو کوئی انجمن، یہ شعار اپنا قدیم ہے
جہاں روشنی کی کمی ہوئی وہاں اک چراغ جلادیا."
ڪامريڊ بخاري
ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا جي بانين ۽ اهم اڳواڻن مان هڪ هو. ان کان علاوه به هو،
سوين سياسي، سماجي، مزدور، هاري، ثقافتي ۽ تهذيبي ادارن ۽ تنظيمن جو باني ۽ روح
روان هو. هو انهن ماڻهن منجهان هو، جن کي بجا طور هڪ ادارو ۽ تحريڪ چيو ويندو آهي.
خاص ڪري هو ننڍي کنڊ جي مزدور تحريڪ جي بانين ۽ ان جي علمبردارن منجهان هو. ننڍي
کنڊ جي ڪنڊڪڙڇ سندس سرگرمين جي گواه آهي خاص ڪري سنڌ جي سرزمين سان غير معمولي
وابستگي ۽ والهانه لڳاءُ سندس داستان حيات جو روشن ترين باب آهي. هو ۱۹۲۱ع جي پڄاڻي تي ڪراچي آيو ۽ مولانا دين محمد
وفائيءَ جي مشهور اخبار ”الوحيد“ سان ڇهن سالن تائين لاڳاپيل رهيو. ٿوري عرصي لاءِ
ان جو ايڊيٽر به ٿي رهيو.
۱۹۲۵ع ۾ هفتيوار ”چنگاري“ پڻ ڪراچيءَ مان سندن ادارت ۾ جاري ٿي ۽ تڏهن کان هو
سنڌ سان اهڙي طرح لاڳاپيل رهيو جو سنڌ جي ڪا اهڙي تحريڪ نه هئي جنهن ۾ ڪامريڊ
بخاري ان جي مهندارن ۾ شامل نه رهيو هجي. پوءِ اها هاري تحريڪ هجي يا سنڌ جي بمبئي
کان عليحدگي جي تحريڪ، سموري عمر سنڌ سندس زندگي ۽ سنڌ جي سرزمين سندس خوابن جي
ڌرتي بڻيل رهي. ڪراچي بدريءَ کان پوءِ هو مستقل طور لاڙڪاڻي ۾ اچي رهيو ۽ 3۵ سالن تائين هتي رهڻ کان پوءِ هن ڌرتيءَ جو
حصو بڻجي ويو.
"آسودہ
خاک میں شامل ہوا ہے کون
آپ میں اپنے شہر خموشاں نہیں."
ڪامريڊ بخاري اهڙين
هستين مان هڪ آهي جن کي لاڙڪاڻي جي مردم خيز مٽيءَ جي سڃاڻپ چئي سگهجي ٿو. لاڙڪاڻو
تاريخ ساز هستين جي جنم ڀومي آهي. قومي آزادي واري تحريڪ جي اڳواڻن ۾ سرشاهنواز
ڀٽو، خانبهادر کهڙو ۽ قاضي فضل الله جا نالا شامل آهن. عوامي تحريڪن جي سرواڻن ۾
ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، ڪامريڊ مولوي نظير جتوئي، ڪامريڊ عبدالقادر، ڪامريڊ سيد
جمال الدين بخاري، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻيءَ جا نالا هميشه سرفهرست رهندا. هونئن
ته ويهين صديءَ جي ابتدا کان ئي لاڙڪاڻي کي سنڌ جي سياسي ۽ ثقافتي زندگيءَ ۾
نمايان مقام حاصل هو پر اڳوڻي صدر ۽ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار
علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي حوالي سان لاڙڪاڻي کي بين الاقوامي شهرت ۽ اهميت
حاصل ٿي وئي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو مرحوم ڪامريڊ بخاري سان وڏي محبت ۽ عقيدت
رکندو هو. مونکي چڱي طرح ياد آهي ته ۷۰ واري ڏهاڪي جي شروعاتي سالن ۾ جڏهن ڪامريڊ بخاري ٽي
بيءَ جي مرض ۾ مبتلا ٿي پيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کيس خصوصي اهتمام سان علاج
لاءِ ڪوئٽا اماڻيو هو، جتي هو اٽڪل ٽن سالن تائين علاج هيٺ رهيو ۽ مڪمل صحتيابيءَ
کان پوءِ لاڙڪاڻي واپس آيو ۽ لاڙڪاڻي واسين سندس صحت جو جشن ملهايو. سندس هر دلعزيزي
۽ عام ماڻهن سان ويجهڙائي قابل رشڪ هئي. هو هر عمر جي ماڻهن ۾ هڪجهڙو مقبول ۽
محبوب هو. خاص ڪري ٻارن سان سندن بي پناهه لڳاءُ ۽ شفقت، ناقابل فراموش هئا. هو
ٻارن سان ايئن رلي ملي ويندو هو جو ٻار ڪا به وڇوٽي ۽ اوپرائپ محسوس نه ڪندا هئا.
تنهن ڪري سندن صحتيابي ۽ جشنِ صحت جي خوشيءَ کي بنا ڪنهن عمر جي فرق، جي هر عمر جي
لاڙڪاڻي واسين عيد وانگر ملهايو.
اڄ اسان جو معاشرو
وحشت، تشدد ۽ بربريت جي ور چڙهيل آهي ۽ نفرتون ۽ دوريون وڌنديون پيون وڃن. سياست
تجارت ۽ صحافت صنعت بڻجي وئي آهي. قومي سياست ۾ اهڙن عنصرن ۽ عملن جي رواج ٿي پيو
آهي جن جو ڪجهه ڏهاڪا اڳ تصور به نه پيو ڪري سگهجي. اڄ سمورا ادارا شڪست ۽ ناڪامي
جو شڪار آهن. جمهوري روايتن ۽ قدرن جو پڌري پٽ انڪار ڪيو پيو وڃي. وطن دوستي ۽
قومي مفادن تي ٻڌل سياست آڳاٽي دور جو قصو بڻجي چڪي آهي. معاشرو هڪ جهنگ ۾ تبديل
ٿي چڪو آهي جتي هر ماڻهو خوف ۽ عدم تحفظ جي احساس ۾ ورتل آهي. اهڙي صورتحال ۾ سيد
جمال الدين بخاري جهڙي سياسي اڪابر جي ياد هڪ اطمينان جي دريافت بلڪه پناهه محسوس
ٿئي ٿي.
سيد جمال الدين
بخاريءَ جي وفات کي ٽن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي. انهيءَ عرصي دوران
جيڪڏهن هيئن چئجي ته عالمي صورتحال ۾ بنيادي قسم جون ڪميتي ۽ ڪيفيتي (Qualitative and Quantitative changes) تبديليون اچي چڪيون آهن ته اها ڳالهه غلط
نه ٿيندي، عالمي سطح تي سوويت يونين جي وِکرڻ کان پوءِ جتي هڪ پاسي سرد جنگ جو
مڪمل خاتمو ٿي ويو. اُتي هيءَ (Bi-polar) دنيا (uni-polar) ٿي وئي آهي
۽ هاڻي انساني معاشرو بلڪل ئي نين حالتن ۽ حقيقتن کي منهن ڏئي رهيو آهي.
جيڪڏهن بخاري صاحب
زنده هجي ها ته مونکي پڪ آهي ته کيس تمام گهڻي ذهني ۽ روحاني اذيت پهچي ها پر ان
جي باوجود هو پنهنجي ڪمٽمينٽ تي ساڳي طرح قائم رهي ها ۽ ڪڏهن به مايوسيءَ جو اظهار
نه ڪري ها. سوويت يونين سان کيس والهانه ۽ جذباتي لڳاءُ هو پر مونکي سندن بار بار
ڪيل ڳالهيون چڱي طرح ياد آهن. هن جو خيال هو ته انقلاب ڪنهن جي ميراث ناهي ۽ تاريخ
جو سفر هميشه اڳڀرائيءَ جو سفر هوندو آهي. انساني شعور هر ايندڙ ڏينهن سان اڳتي
وڌي رهيو آهي. انساني شعور جي اڳڀرائي اصل ۾ شر جي مقابلي ۾ خير جي قوتن جي
ڪامرانين جو سفر آهي، روشنيءَ جو سفر آهي.
ڪامريڊ سيد جمال
الدين بخاري جي حياتيءَ جي ڪٿا لکڻ لاءِ هڪ وڏو ڪتاب گهرجي. جنهن ۾ هندوستان جي
آزادي جي تحريڪ جي مختلف دور ۽ مرحلن جو تفصيلي بيان ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته ڪامريڊ
بخاري ويهين صدي جي ٻئي ڏهاڪي جي پڄاڻي کان اڳ ۾ ئي آزادي جي هلچل ۾ شامل ٿيو ۽ هڪ
غير معمولي جوش ۽ جذبي، فڪر ۽ ساڃاهه سان ان تاريخي سفر جو مسافر بڻجي ويو. ان ڪري
سندس حياتي بابت ڪتاب گڏيل هندوستان جي آزادي جي تاريخ جو هڪ جامع ڪتاب جي حيثيت رکي
ٿو. ڪامريڊ بخاري ڪميونسٽ تحريڪ سان ان وقت پنهنجا ناتا جوڙيا جڏهن هندوستان ۾
ڪميونسٽ پارٽي قائم ٿيڻ کانپوءِ ننڍي ٻار وانگر بانبڙا ڀري پئي.
پاڪستان ٺهڻ
کانپوءِ ڪامريڊ بخاري جي زندگيءَ جي سفر ۾ گهڻا لاها چاڙها آيا پر هو ڪڏهن به غير
متحرڪ نه رهيو ڇاڪاڻ ته خاموش ويهي رهڻ سندس زندگيءَ جي اصولن جي خلاف هو. فڪر ۽
دانش جي واڌاري لاءِ جاکوڙڻ سان گڏوگڏ سندس صحافتي زندگي هڪ کليل ڪتاب جيان هئي.
سندس اندر ۽ ٻاهر ۾ ڪڏهن به فرق يا ٻٽو معيار ڏسڻ ۾ نه آيو. هو جتي به رهيو، جنهن
به تنظيم سان واڳيل رهيو. پنهنجي اصول مطابق ۽ پنهنجي عظيم مقصدن جي حاصلات لاءِ
جاکوڙيندو رهيو ۽ ان لاءِ پنهنجو سڀ ڪجهه ارپي ڇڏيو.
سيد جمال الدين
بخاري پنهنجي عملي زندگي جي شروعات کان ئي ننڍي کنڊ ۾ هلايل مختلف تحريڪن ۾
سرگرميءَ سان ڪردار ادا ڪيو. انهن تحريڪن ۾ خلافت تحريڪ کي وڏي اهميت حاصل آهي.
سال ۱۹۱۹ع کان ۱۹۲۴ع جو دور ننڍي کنڊ جي تاريخ جو انتهائي نازڪ ۽ اهم دور ليکيو وڃي ٿو جنهن ۾
خلافت تحريڪ کي وڏو اهم مقام حاصل آهي.
ڪامريڊ بخاريءَ جو ذڪر
ڪندي هيءَ ڳالهه بي محل نه هوندي ته ۲۶ ڊسمبر ۱۹۲۵ع تي ڪانپور ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا جو بنياد رکيو
ويو، اها ڳالهه به ذهن نشين رهي ته ڪانپور ۾ ڪوٺايل انهي ڪانفرنس ۾ ڪميونسٽ پارٽي
آف انڊيا جي رسمي جوڙجڪ ڪئي وئي. ان جي تنظيمي ڪميٽيءَ جو چيئرمين مولانا حسرت
موهاني ۽ نائب چيئرمين مولانا آزاد سبحاني هو.
جيئن پهريان چيو
ويو ته ڪميونسٽ پارٽيءَ جي بانين ۾ ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري شامل هو ۽ کين
پارٽيءَ جي اهم اڳواڻن ۾ ڳڻيو ويندو هو. هو ڪميونسٽ تحريڪ سان پارٽي جي تنظيمي
جوڙجڪ کان پهريان ئي لاڳاپيل هو ۽ ۱۹۱۷ع واري آڪٽوبر انقلاب کان ترت پوءِ ڪامريڊ بخاريءَ مختلف
ملڪن مان ٿيندو ماسڪو پهتو هو. اهو تاريخي سفر پنهنجي لحاظ کان هڪ اهم موضوع آهي ۽
ان جي حياتي جي ڪٿا ڪميونسٽ تحريڪ بابت هڪ ڪتاب جي حيثيت رکي ٿي.
بهرحال هن ماسڪو ۾
وڃي آڪٽوبر انقلاب جي شروعات جو مشاهدو ڪيو ۽ انقلاب کي اڳتي وڌندي ڏٺو. تڏهن کان
هُن انقلاب واري آدرش کي سيني ۾ سانڍي رکيو هو. هو جتي ۽ جنهن به فورم تي نظر آيو،
سندس خصوصي سڃاڻپ هڪ ڪميونسٽ اڳواڻ واري رهي. هو ڪميونسٽ نظريي ۽ فلسفي جي جيئري
جاڳندي تصوير هو.
مظلوم انسانيت کي
ڏاڍ ۽ جبر جي پنجوڙن کان آزاد ۽ آجو ڪرائڻ سندس مشن هو. اهو مشن سندس زندگيءَ جي
سڀ کان وڏي محرڪ قوت هئي. هو عوام جي هر طبقي ۾ پنهنجي انهي مشن جي حوالي سان ڄاتو
سڃاتو ويندو هو ۽ سندس احترام به ان حوالي سان ڪيو ويندو هو.
۱۹۲۰ع جي ڏهاڪي جي شروعاتي سالن ۾ هو سنڌ آيو ۽ ان کان پوءِ سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ
هر تحريڪ ۾ سڀ کان اڳتي موجود رهيو. هن جي حياتي جي ڪتاب جو هي به هڪ اهم موضوع
آهي. انهيءَ حوالي سان هو سنڌ جي عوام جي دلين ۾ هميشه زندهه رهندو.
ڪامريڊ بخاري
’ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا‘ جي قيادت جي ان غلطي کي انتهائي جوشيلي ۽ پراعتماد انداز
۾ ورجائيندو هو ۽ چوندو هو ته فيبروري-مارچ ۱۹۴۸ع ۾ ڪلڪتي ۾ ٿيل ڪانگريس ۾ پاڪستان لاءِ
ڪميونسٽ پارٽي قائم ڪرڻ وارو فيصلو انتهائي غلط هو. ان ڪري جو پاڪستان ۾ ڪميونسٽ
پارٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو پاڪستان جي ڪنهن شهر ۾ پاڪستان سان تعلق رکندڙ پارٽي جي
ميمبرن جي ڪانگريس ۾ ڪرڻ کپندو هو ڇاڪاڻ ته ان وقت پاڪستان ۾ ڪميونسٽ پارٽي جا
سوين ورڪر ۽ اڳواڻ موجود هئا. ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جو جنم. پاڪستان جي سرزمين
تي ٿيڻ کپندو هو. هڪ اثرائتي ۽ ڪامياب حڪمت عملي هيٺ هن ڌرتي جي فرزندن لاءِ
ڪميونسٽ پارٽي سان سندن وابستگي ۽ ان ۾ سرگرميءَ سان شريڪ ٿيڻ انتهائي ضرروي هو.
جيڪا ڳالهه نه ٿي سگهي. ان ڪري ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي جوڙجڪ ۽ اڳتي هلي ان
جي ناڪامي ڪنهن کان به لڪل نه آهي. منهنجي راءِ موجب ڪامريڊ بخاري جو تجزيو ۽
تنقيد بلڪل صحيح هئي.
ڪـامـريـڊ سيـد
جـمـال الـديـن بـخـاري جـي گـهــڻ پــاسـيــري (Multi-dimensional) شخصيت بابت
تفصيلي ذڪر هن مضمون ۾ ڪري چڪو آهيان. ڪامريڊ پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات هڪ
آدرش وادي يعني مارڪس جي آدرشي نظريي جو پوئلڳ ٿيڻ سان ڪئي ۽ عملي زندگي ۾ مرڻ
گهڙي تائين انهن آدرشي اصولن تي ڪاربند رهيو. پر هو اکيون ٻوٽي مارڪس ازم جو قائل
نه هو. سندس خيال هو ته اجتهاد واري اصول تي عمل ڪندي هر دور جي بدلجندڙ حالتن ۽
چيلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ مارڪسي نظريي جي نئين تشريح ضروري آهي. ڪامريڊ بخاري جو
اهو به چوڻ هو ته لينن کانپوءِ ڪنهن به اڳواڻ مارڪس ازم جي صحيح معنيٰ ۾ تشريح نه
ڪئي.
ڪامريڊ بخاري گهڻن
تحريڪن، ادارن ۽ تنظيمن سان واڳيل رهيو. ان حوالي سان ڪجهه فڪري ۽ عملي تضاد جي
نشاندهي ته شايد ڪري سگهجي ٿي، پر سندس خلاف موقع پرستي يا ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ جو
الزام لڳائڻ ڪنهن به صورت ۾ ممڪن نه آهي جيئن مان اڳ ۾ ئي ذڪر ڪري چڪو آهيان ته
ڪامريڊ جمال الدين بخاري پنهنجي هن تاريخي سفر ۾ مرڻ گهڙي تائين ڪميونسٽ آدرش (Communist Ideology)
جو پيروڪار رهيو.
ڪامريڊ بخاري شديد
نمونيا سبب ۱۷ ڊسمبر ۱۹۸۴ع تي پنهنجي گهر بخاري منزل لاڙڪاڻو ۾ منجهند جو سوا ٻي وڳي ڌاري هن فاني
جهان مان لاڏاڻو ڪيو. کيس سندس گهر ويجهو سيد قائم شاهه بخاري جي درگاهه جي ڀر ۾
واقع قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ڪامريڊ بخاريءَ جي وارثن ۾ هڪ ڌيءَ ۽ اٺ
پُٽ شامل آهن ۽ سڀئي ذهين ۽ سمجهدار آهن، جيئن فارسيءَ جي چوڻي آهي: ”امير خانه
تمام آفتاب است“، پر منهنجي نظر ۾ سندس نظرين جي حقيقي وارث ڪامريڊ شانتا بخاري
هئي، جيڪا پڻ ۲۵ جولاءِ ۲۰۱۴ع تي لاڏاڻو ڪري وئي. هوءَ نه رڳو ڪامريڊ بخاري جي جيون ساٿي بلڪه سندن سڄي
سياسي، سماجي ۽ ثقافتي زندگيءَ جي ساٿي هئي ۽ زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين بخاري
صاحب جي مشن جو جهنڊو سندس هٿن ۾ رهيو.
آئون ڪامريڊ
بخاريءَ جي ورسيءَ جي موقعي تي کيس خراج تحسين پيش ڪرڻ بدران سندس جنم ڏينهن ۱۴ مارچ تي سالگره تقريب منعقد ڪرڻ جي حق ۾
آهيان، ڇاڪاڻ ته هن جهڙا انسان جيڪي معاشري ۽ انسانيت جي بهتريءَ لاءِ زندگي
گذاريندا آهن، سي زنده جاويد هوندا آهن. ڪامريڊ بخاريءَ جو تعلق به اُن قبيلي سان
هو جيڪو جيئرن جاڳندن ماڻهن جو قبيلو آهي، سندن آدرش لازوال ۽ ابدي آهي، تنهن ڪري
هو به امر آهي.
(استاد خالد
چانڊيو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۲ فيبروري ۲۰۲۲ع تي کنيل)
سيد جمال الدين بخاري
عبدالغفور ڀرڳڙي
سيد جمال الدين حسن بخاري ولد
سيد زين العابدين بخاري، احمد آباد هندستان ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم کان پوءِ مسلم
يونيورسٽي عليڳڙھ ۾ ٿي هئي. ان زماني ۾ خلافت جي تحريڪ جو زور هو، هندستان جي مسلمانن
جي رهبري مولانا محمد علي جوهر جي هٿ ۾ هئي. مولانا محمد علي جوهر ۽ سندس وڏو ڀاءُ
شوڪت علي خلافتِ تحريڪ جا سڀ کان اهم اڳواڻ هئا ۽ انهن پنهنجو تن، من ۽ ڌن خلافت
جي تحريڪ لاءِ ڄڻ وقف ڪري ڇڏيو هو. عليڳڙھ مسلم يونيورسٽيءَ جي ڪيترن ئي شاگردن،
مولانا جي حڪم جي تابعداري ڪندي، پنهنجي تعليم اڌ ۾ ڇڏي، يونيورسٽي کي الوداع چيو
هو. انهن ۾ سنڌ ۽ لاڙڪاڻي جو مشهور سياسي ليڊر قاضي فضل الله ۽ جمال الدين بخاري
به شامل هئا. جڏهن علي برادران ڪراچي آيا هئا ته جمال الدين به انهن سان گڏجي ڪراچي
آيو. بخاري صاحب جو تحريڪ سان تعلق تڏهن ختم ٿيو، جڏهن مهاتما گانڌي فيبروري ۱۹۲۳ع ۾ سياگره بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان کانپوءِ جمال الدين بخاري جي سياسي سوچ
۽ لاڙو سوشلزم ۽ ڪميونزم طرف مائل ٿي ويا. ڪميونسٽ خيالن جي ڪري ڪامريڊ بخاري کي سياست
۾ ڪافي قربانيون ڏيڻيون پيون. ان سلسلي ۾ هو ڪيئي ورهيه جيل ۾ به رهيو. ان دوران
هن هڪ هندو ورڪر سان شادي ڪئي، جنهن اسلام قبول ڪيو ۽ سندس نالو شانتي مان مٽائي
زيب النساءَ رکيو ويو. جڏهن قاضي فضل الله ۱۹۴۹ع ۾ سنڌ جو هوم منسٽر هو، ان وقت بخاري ڪراچي جيل ۾ پنهنجي زندگيءَ جا ڏينهن
گھاري رهيو هو. قاضي فضل الله پراڻي دوستيءَ جي خاطر بخاري کي جيل مان آزاد ڪرايو.
قاضي صاحب پاڪستان جي وزير داخلا خواجا شهاب الدين سان ڳالهايو ۽ بخاري لاءِ يقين ڏياريائين
ته آئنده گورنمينٽ جي خلاف ڪنهن به تحريڪ ۾ حصو نه وٺندو. هن تي باغيانه سرگرمين
جي تهمت هئي. قاضي فضل الله سندس اٿڻ ويهڻ لاءِ ضامن پيو هو، انهيءَ يقين دهاني تي
بخاري صاحب کي آزاد ڪيو ويو. آزاد ٿيڻ بعد بخاري صاحب ۱۹۴۹ع ۾ لاڙڪاڻي آيو.
شاگردي جي زماني کان مون کي
پنهنجي ملڪي معاملن ۽ مسئلن ۾ دلچسپي رهي هئي. جيتوڻيڪ ذاتي طرح منهنجي اڃا ڪا
سياسي حيثيت ڪا نه هئي. مون کي به صحافت جو شوق ٿيو ۽ چاهيم ته مان به ڪا اخبار ڪڍان
۽ ايڊيٽر ٿيان. شوق ته پنهنجي جاءِ تي پر ان لاءِ ساز و سامان، وسيلا وساڻا، ڪٿان
اچن؟ لاڙڪاڻي ۾ مون جڏهن نئين نئين وڪالت شروع ڪئي، تڏهن محسوس ڪيم ته ملڪي حالات
بگڙي رهيا آهن، جنهن جي جيڪڏهن وقت سر روڪٿام نه ٿي ته اهي اڃا وڌيڪ بگڙندا. مون
هفتيوار اخبار ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو، پر سوچيم ته اها اخبار ٻين هفتيوار اخبارن کان مختلف
ڪڍندس. قصيده خواني، جيڪا اهڙين اخبارن جو شمار رهي هئي، تنهن بجاءِ وطن جي حقيقي
حالات بابت ڄاڻ ڏيندس ۽ لکندس. ائين به ڪونه پئي سمجھيم ته هڪ مقامي هفتيوار اخبار
ڪڍڻ سان ملڪ جا حالات سڌري ويندا، پر منهنجي ڪوشش به ان ننڍڙي پکي جيان هئي، جنهن
پنهنجي چهنب ۾ پاڻي ڀري آتش نمرود مٿان ڪيرائي، ان آڙاھ کي اجھائڻ ۾ پنهنجي فرض جي
ادائگي پنهنجي وس ۽ وت آهر ڪئي هئي. ۱۹۴۸ع ۾
اها سوچ منهنجي دماغ ۾ ويٺي، مون پاڻ به ڪوشش ڪئي ۽ قاضي فضل الله صاحب به ان معاملي
۾ منهنجي مدد ڪئي. آخرڪار پريس کوليم ۽ ان جو نالو ”انصاف پريس“ رکيم ۽ اخبار جو
نالو به انصاف رکيم، اخبار هفتيوار هئي. ان اخبار کي قومي ۽ علائقائي معاملات تي
تبصرن ۽ اظهارِ خيال جو ذريعو بڻائڻ سان صحافت جي ابتدا ڪيم. منهنجو سياسي تعلق قاضي
فضل الله سان هيو، تنهن ڪري مون انصاف اخبار جي پاليسي عوام ۽ پاڪستان جي حالات
مطابق رکي هئي ۽ ڪيترن موقعن تي حڪومت ۽ ان جي آفيسرن تي نڪته چيني به ڪندو هئس.
بخاري اڳيئي جيل جي سزائن جو شڪار هو ۽ پنهنجي دوست طرفان يقين دهاني تي جيل مان ٻاهر
ڪڍيو ويو هو، سو مون کي هميشه صلاحون ڏيندو هو ته اخبار جي پاليسي کي مناسب ۽ وچٿرو
رکان. هن جي صلاحن ۾ سندس تجربي جو به هٿ هو. مون ان بعد پريس ۽ اخبار بخاري صاحب
جي حوالي ڪيا، جيڪي پوءِ هو هلائيندو رهيو. بخاري صاحب ڪنهن زماني ۾ آتش فشان جي
لاوي جيان هو، پر هاڻي هن هڪ امن پسند شهري ٿي رهڻ شروع ڪيو. آخرڪار گھر گرهسي جون
ذميواريون مهربانن جو ضامن پوڻ به هڪ قسم جون ناگريز مجبوريون آهن.
سال ۱۹۶۲ع ۾ پاڪستان نيشنل اسيمبلي جون چونڊون ٿيون، لاڙڪاڻي مان مسٽر ذوالفقار علي
ڀٽو ۽ مسٽر عبدالفتاح اميدوار بيٺا. مسٽر محمد ايوب کهڙو هميشه لاڙڪاڻي مان بيهندو
هو، پر هن ڀيري مارشل لا جي ايبڊو EBDO واري قانون تحت مٿس سياست ۾ بهري وٺڻ جي منع هئي. مان پڙهندڙن کي
هڪ اهم سياسي حقيقت کان آگاھ ڪرڻ ٿو چاهيان ته مسٽر کهڙو ۽ مسٽر قاضي فضل الله ٻئي
ايبڊو جي بندش هيٺ هئا، اليڪشن ۾ بيهي نه پئي سگھيا، تنهنڪري انهن سوچيو ته ذوالفقار
علي ڀٽي جي مقابلي ڪرڻ لاءِ خان صاحب غلام رسول خان ڪيهر کي بيهارجي ته هو مضبوط
اميدوار ٿيندو ۽ ڀٽو شڪست کائيندو. انهن پاڻ ۾ اهڙو ٺاھ ڪيو. ساڳئي وقت اندروني ڪوشش
اها به ٿي رهي هئي ته سياسي سوديبازي ڪري ذوالفقار علي ڀٽو سان ٺاھ ڪجي. صبح جو
وقت هو، مان قاضي فضل الله وٽ ويٺو هئس ته اتي مرحوم جمال الدين بخاري به آيو، قاضي
صاحب بخاري کي چيو ته خان صاحب ڪيهر اڄ صبح جو جهاز ذريعي ڪراچي کان لاهور روانو ٿي
رهيو آهي، جتي هو گورنر ڪالاباغ وٽ پلاننگ ڪميشن تان پنهنجي استعيفا پيش ڪندو، ڇو
ته استعيفا منظور ٿيڻ کان پوءِ ئي هو اليڪشن ۾ بيهي سگھندو. قاضي صاحب بخاريءَ کي
چيو ته تون ڀڄي وڃي ڀٽي صاحب کي چئيس ته هو صدر ايوب خان کي چوي ته ڪيهر صاحب جي
استعيفا منظور نه ڪئي وڃي. ”بخاري صاحب هڪدم پنهنجو لکڻ کڻي ”المرتضيٰ“ ڏانهن
روانو ٿيو ۽ ڀٽي صاحب کي وڃي اهو پيغام پهچايائين. نتيجو اهو نڪتو ته خان صاحب ڪيهر
جي استعيفا منظور ڪا نه ٿي ۽ هو اليڪشن ۾ بيهي نه سگھيو. ٻارهن تيرهن سالن کان هاڻي
ميدان ۾ ڀٽي صاحب جو مدِمقابل وڃي عبدالفتاح ميمڻ صاحب بچيو. ڀٽي صاحب چيس ته جي هو
سندس حق ۾ هٿ کڻي ته کيس سفير مقرر ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو. مسٽر ميمڻ جي دوستن به کيس
سمجھايو ته ڀٽو صاحب وڏي اثر وارو آهي ۽ صدر ايوب سندس سفارش ٽاري نه سگهندو، تنهنڪري
تون هٿ کڻ، ائين مسٽر عبدالفتاح هٿ کنيو ۽ ڀٽو صاحب بنا مقابلي ڪامياب ٿيو. ۱۹۶۳ع جي شروع ۾ ئي وزير خارجه ٿيو ۽ واعدي وفائي ڪندي ميمڻ صاحب کي ٽن سالن
لاءِ سعودي عرب ۾ پاڪستان جو سفير مقرر ڪرايائين.
سياسي وابستگين کان قطع نظر، اسان
جي ذاتي دوستي هميشه قائم رهي سياسي لحاظ کان سندس واسطو شروع ۾ قاضي فضل الله سان
رهيو ۽ بعد ۾ نوجوان نروار ذوالفقار علي ڀٽو ۽ پيپلز پارٽي سان رهيو.
بخاري صاحب ڪو پيسي وارو شخص ڪونه
هو ۽ نه ئي هن وري پنهنجي سياسي وابستگيءَ کي پنهنجي لاءِ ڪنهن مالي نفعي حاصل ڪرڻ
لاءِ ڪم آندو. هو لاڙڪاڻي آيو ته غريبي حال ۾ آيو ۽ سندس بيگم زيب النساءَ پنهنجي
رفيق حيات جو هر حال ۾ مڪمل ساٿ ڏنو، کين اَٺَ پٽ ۽ هڪ ڌيءُ پيدا ٿيا، جن جي سندس
والدين ڏاڍي سهڻي تربيت ڪئي.
سيد جمال الدين بخاري ۱۹۵۲ ۾ لاڙڪاڻي ميونسپالٽي جو ميمبر چونڊيو ويو هو، هو هڪ سٺو دوست، باهمت
انسان ۽ پبلڪ جو خير خواهه هو، ميمبر جي حيثيت ۾ هو هميشه مونکي مفيد مشورا ڏيندو
رهندو هو. ۱۹۵۵ ۾ جڏهن مخالف ڌر ميونپسل بجيٽ ڪڍرائڻ
جي ڪوشش ڪئي ته هن انهن جو ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪندي بجيٽ جي حق ۾ ووٽ ڏنو. هن کي
جيل جي ڌمڪين جي ڪا پرواهه ڪانه هئي، چوندو هو مون گهڻا ئي جيل ڏٺا آهن، تنهنڪري
مونکي ڪو به جيل جي ڌمڪي نه ڏئي، هيسائڻ جي ڪوشش نه ڪري. ۵۵-۱۹۵۴ ۾ جڏهن ون يونٽ قائم ڪيو ويو ۽
سموري سنڌ ۾ وڏو ڏهڪاءُ پيدا ڪيو ويو ته ان دور ۾ به بخاري صاحب کي گرفتار ڪري جيل
۾ وڌو ويو، مٿس تهمت هئي ته هو ون يونٽ جي مخالفت ڪري رهيو هو ۽ پنهنجي پريس مان ون
يونٽ خلاف اشتهار ڇاپيا هئائين. سيد جمال الدين هن جهان فاني مان ۱۷
ڊسمبر ۱۹۸۴ تي لاڏاڻو
ڪري ويو. مرحوم وڏين خوبين جو مالڪ هو الله تعاليٰ کيس جنت ۾ جاءِ ڏئي.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۷
ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
ڪامريڊ جمال الدين بخاري
جي ورسي
مسلم شميم
ڪامريڊ سيد جمال
الدين بخاري جو جنم اڻوينهين صديءَ جي پڇاڙي واري سال ۱۹۰۰ع ۾ ٿيو ۽ هو ويهين صدي جي اٺين ڏهاڪي ۾ هن
جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس زندگي غير معمولي هئي. زندگي جي سفر شروع ٿيڻ سان
ئي هو سحر انگيز شخصيت (ليجنڊ Legend) بڻجي ويو. سندس سڄي حياتي جدوجهد ۾ گذري
خير ۽ شر جي جنگ ۾ ڪامريڊ بخاري جو ڪردار مثالي رهيو. هو مونکي هميشه محبت جو پيڪر،
خلوص جو مجسمو، انسانيت جي عظمت جو وڏو پرچارڪ ۽ آدرشي انسان نظر آيو. پنهنجي ذات
اندر وڏي ڪشش (attraction) ڪري سندس شخصيت هر ڪنهن لاءِ ڌيان ڇڪائيندڙ
هئي.
ڪامريڊ جمال الدين
بخاريءَ جي حوالي سان هيءَ ڳالهه رسمي نه بلڪه حقيقت آهي ته هو پنهنجي ذات ۾ هڪ
انجمن، هڪ ادارو ۽ هڪ تحريڪ هو. ان سان گڏ هيئن چوڻ ۾ به ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته هو
هڪ گهڻ رخي ۽ ٻهڳڻي شخصيت جو مالڪ هو. سندن شخصيت جي جامعيت ۽ ڪارفرمائي هر رخ ۽
عمل کان عيان هئي. سندن شخصيت جو هر پاسو هڪجهڙو روشن ۽ تابناڪ هو. هو آزاديءَ جو
هڪ عظيم مجاهد، انقلابي رهنما، سياستدان ۽ سياستڪار هئڻ سان گڏوگڏ هڪ عظيم دانشور،
شعله بيان مقرر ۽ پنهنجي راءِ رکندڙ قلمڪار هو.
هن جي جدوجهد ۽
سياست عام نموني واري سياست ۽ جدوجهد ڪا نه هئي بلڪه ان جو تعلق صدين کان جاري ۽
ساري خير ۽ شر جي ويڙهاند سان هو. هن بديءَ جي قوتن خلاف هميشه خير جو جهنڊو اوچو
رکيو. ان لاءِ پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيو. هو ڏاڍ ۽ استحصال کان پاڪ معاشري جي
قيام جو داعي هو. هو معاشري ۾ نالي ماتر سڌاري جو نه پر انقلابي تبديلين جو
خواهشمند هو. هن انسان کي هزارين سالن کان هلندڙ ظلم ۽ اڻ برابريءَ جي زنجيرن کان
آزاد ڪرڻ ٿي چاهيو. هو هڪ اهڙي سماجي نظام لاءِ سرگرم عمل هو جنهن ۾ انسان جي هٿان
انسان جو استحصال نه ٿئي. هو اهڙي معاشري کي ڌرتيءَ جي جنت جي صورت ۾ ڏسڻ لاءِ آتو
هو، جتي غربت، افلاس، بيوسي، بيروزگاري ۽ سماجي ناانصافيون نه هجن.
هن پنهنجي زندگيءَ
جو هر پل پنهنجي اُن آدرش کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ جدوجهد ۾ گذاريو، انهيءَ راهه ۾ هو
انتهائي ڏکين آزمائشن مان گذريو. هن کي غير معمولي جسماني اذيتون ۽ جيلن جون
سختيون برداشت ڪرڻيون پيون پر هو ڪنهن به مرحلي تي پنهنجي ڪمٽمينٽ تان نه هٽيو. هن
ڪڏهن به همت نه هاري ۽ باطل جي قوت آڏو نه جهڪيو. هو سڄي عمر برطانوي سامراج سان لڙندو
رهيو ۽ آزاديءَ کان پوءِ سامراج جي جانشين استحصالي قوتن سان جهيڙو جاري رکيائين.
ڪامريڊ بخاريءَ جي ۸۴ سالن جي زندگيءَ تي مٿاڇري نظر وجهجي ٿي ته
هڪ طلسمي انساني پيڪر جو تصور اڀري اچي ٿو. اُن طلسمي انساني پيڪر جي زندگيءَ جا
مختلف رخ ۽ شعبا آهن پر هر رخ ۽ شعبو هڪ جهڙو اجرو ۽ روشن آهي. هو هڪ عظيم انسان
هئڻ کان علاوه هڪ عظيم سياستڪار، مدبر، عظيم مقرر، عظيم دانشور، عظيم صحافي، عظيم
آزادي پسند، آزاديءَ جي تحريڪ جو عظيم سپاهي ۽ هڪ عظيم سماجي ڪارڪن پڻ هو.
آڪٽوبر واري انقلاب
ننڍي کنڊ جي حريت پسند ۽ تحريڪ آزاديءَ جي متوالن کي ڀرپور اتساهه بخشيو. اهڙن
حريت پسندن ۾ مولانا حسرت موهانيءَ جو نالو سرفهرست آهي جنهن پنهنجي وطن جي
آزاديءَ جي تحريڪ کي حقيقي آزادي واري تحريڪ بنائڻ لاءِ آڪٽوبر انقلاب جي آدرش کي
اهميت ڏني. نوجوان ڪامريڊ بخاري مولانا حسرت موهانيءَ جي پيرويءَ ۾ آڪٽوبر انقلاب
کي عالمي استحصال ۽ سرمائيداراڻي ظلم ۽ ڏاڍ جي خاتمي جو اعلان ڄاتو ۽ سرزمين تي وڃي
انقلاب وارين حالتن جو ذاتي مشاهدو ڪرڻ جي ارادي سان، ڪجهه نوجوانن جو قافلو وٺي ڪابل
۽ مزار شريف جي رستي، سمرقند ۽ بخارا کان ٿيندو ماسڪو پهتو. ان پيادل قافلي جو
پرجوش مسافر ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري هو. انهيءَ سفر ۾ هڪ سال کان ڪجهه وڌيڪ
عرصو لڳو ۽ اهو قافلو ۱۹۲۱ع جي پڄاڻي تي واپس آيو.
سترهن سالن جي عمر
۾ هن سياست جي ميدان ۾ قدم رکيو ته ان وقت ڏکڻ ايشيائي سياسي ميدان مولانا محمد
علي جوهر جي ولولي انگيز قيادت ۽ مولانا حسرت موهانيءَ جي بي خوف سياست جي سوجهري
سان جرڪي رهيو هو ۽ نوجوان جمال الدين بخاريءَ لاءِ ٻئي عظيم رهنما مشعلِ راهه بڻيا.
ڪامريڊ بخاريءَ جي سياسي زندگيءَ تي انهن ڏاهن جي ڇاپ هميشه نمايان رهي ۽ هن به
سياست کي ڪڏهن به پيشي ۽ گذُر جو ذريعو نه بڻايو بلڪه هڪ مشن ۽ انساني معاشري کي
بدصورتين کان پاڪ ڪرڻ جو مقدس فرض ڄاتو.
ڪامريڊ بخاري ڪميونسٽ
پارٽي آف انڊيا جي بانين ۽ اهم اڳواڻن مان هڪ هو. ان کان علاوه به هو، سوين سياسي،
سماجي، مزدور، هاري، ثقافتي ۽ تهذيبي ادارن ۽ تنظيمن جو باني ۽ روح روان هو. هو
انهن ماڻهن منجهان هو، جن کي بجا طور هڪ ادارو ۽ تحريڪ چيو ويندو آهي. خاص ڪري هو
ننڍي کنڊ جي مزدور تحريڪ جي بانين ۽ ان جي علمبردار منجهان هو. ننڍي کنڊ جي ڪنڊ ڪڙڇ
سندس سرگرمين جي گواه آهي خاص ڪري سنڌ جي سرزمين سان غير معمولي وابستگي ۽ والهانه
لڳاءُ سندس داستان حيات جو روشن ترين باب آهي. هو ۱۹۲۱ع جي پڄاڻي تي ڪراچي آيو ۽ مولانا دين محمد وفائيءَ
جي مشهور اخبار ”الوحيد“ سان ڇهن سالن تائين لاڳاپيل رهيو. ٿوري عرصي لاءِ ان جو
ايڊيٽر به ٿي رهيو.
ڪامريڊ سيد جمال
الدين بخاري ويهين صدي جي ٻئي ڏهاڪي جي پڄاڻي کان اڳ ۾ ئي آزادي جي هلچل ۾ شامل ٿيو
۽ هڪ غير معمولي جوش ۽ جذبي، فڪر ۽ ساڃاهه سان ان تاريخي سفر جو مسافر بڻجي ويو. ڪامريڊ
بخاري ڪميونسٽ تحريڪ سان ان وقت پنهنجا ناتا جوڙيا جڏهن هندوستان ۾ ڪميونسٽ پارٽي
قائم ٿيڻ کانپوءِ ننڍي ٻار وانگر بانبڙا ڀري پئي.
جيئن پهريان چيو
ويو ته ڪميونسٽ پارٽيءَ جي بانين ۾ ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري شامل هو ۽ کين پارٽيءَ
جي اهم اڳواڻن ۾ ڳڻيو ويندو هو. هو ڪميونسٽ تحريڪ سان پارٽي جي تنظيمي جوڙجڪ کان
پهريان ئي لاڳاپيل هو ۽ ۱۹۱۷ع واري آڪٽوبر انقلاب کان ترت پوءِ ڪامريڊ بخاريءَ مختلف ملڪن مان ٿيندو
ماسڪو پهتو هو. اهو تاريخي سفر پنهنجي لحاظ کان هڪ اهم موضوع آهي ۽ ان جي حياتي جي
ڪٿا ڪميونسٽ تحريڪ بابت هڪ ڪتاب جي حيثيت رکي ٿي.
۱۹۲۰ع جي ڏهاڪي جي شروعاتي سالن ۾ هو سنڌ آيو ۽ ان کان پوءِ سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ
هر تحريڪ ۾ سڀ کان اڳتي موجود رهيو. هن جي حياتي جي ڪتاب جو هي به هڪ اهم موضوع
آهي. انهيءَ حوالي سان هو سنڌ جي عوام جي دلين ۾ هميشه زندهه رهندو.
ڪامريڊ بخاري ’ڪميونسٽ
پارٽي آف انڊيا‘ جي قيادت جي ان غلطي کي انتهائي جوشيلي ۽ پراعتماد انداز ۾
ورجائيندو هو ۽ چوندو هو ته فيبروري-مارچ ۱۹۴۸ع ۾ ڪلڪتي ۾ ٿيل ڪانگريس ۾ پاڪستان لاءِ ڪميونسٽ پارٽي
قائم ڪرڻ وارو فيصلو انتهائي غلط هو. ان ڪري جو پاڪستان ۾ ڪميونسٽ پارٽي قائم ڪرڻ
جو فيصلو پاڪستان جي ڪنهن شهر ۾ پاڪستان سان تعلق رکندڙ پارٽي جي ميمبرن جي ڪانگريس
۾ ڪرڻ کپندو هو ڇاڪاڻ ته ان وقت پاڪستان ۾ ڪميونسٽ پارٽي جا سوين ورڪر ۽ اڳواڻ
موجود هئا. ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جو جنم. پاڪستان جي سرزمين تي ٿيڻ کپندو هو.
هڪ اثرائتي ۽ ڪامياب حڪمت عملي هيٺ هن ڌرتي جي فرزندن لاءِ ڪميونسٽ پارٽي سان سندن
وابستگي ۽ ان ۾ سرگرميءَ سان شريڪ ٿيڻ انتهائي ضرروي هو. جيڪا ڳالهه نه ٿي سگهي.
ان ڪري ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي جوڙجڪ ۽ اڳتي هلي ان جي ناڪامي ڪنهن کان به لڪل
نه آهي. منهنجي راءِ موجب ڪامريڊ بخاري جو تجزيو ۽ تنقيد بلڪل صحيح هئي.
ڪـامـريـڊ سيـد
جـمـال الـديـن بـخـاري جـي گـهــڻ پــاسـيــري (Multi-dimensional) شخصيت بابت
تفصيلي ذڪر هن مضمون ۾ ڪري چڪو آهيان. ڪامريڊ پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات هڪ
آدرش وادي يعني مارڪس جي آدرشي نظريي جو پوئلڳ ٿيڻ سان ڪئي ۽ عملي زندگي ۾ مرڻ گهڙي
تائين انهن آدرشي اصولن تي ڪاربند رهيو. پر هو اکيون ٻوٽي مارڪس ازم جو قائل نه
هو. سندس خيال هو ته اجتهاد واري اصول تي عمل ڪندي هر دور جي بدلجندڙ حالتن ۽
چيلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ مارڪسي نظريي جي نئين تشريح ضروري آهي. ڪامريڊ بخاري جو
اهو به چوڻ هو ته لينن کانپوءِ ڪنهن به اڳواڻ مارڪس ازم جي صحيح معنيٰ ۾ تشريح نه ڪئي.
جيئن مان اڳ ۾ ئي ذڪر
ڪري چڪو آهيان ته ڪامريڊ جمال الدين بخاري پنهنجي هن تاريخي سفر ۾ مرڻ گهڙي تائين ڪميونسٽ
آدرش (Communist Ideology)
جو پيروڪار رهيو.
ڪامريڊ بخاري شديد
نمونيا سبب ۱۷ ڊسمبر ۱۹۸۴ع تي پنهنجي گهر بخاري منزل لاڙڪاڻو ۾ منجهند جو سوا ٻي
وڳي ڌاري هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيو. کيس سندس گهر ويجهو سيد قائم شاهه بخاري جي
درگاهه جي ڀر ۾ واقع قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ڪامريڊ بخاريءَ جي وارثن ۾
هڪ ڌيءَ ۽ اٺ پُٽ شامل آهن ۽ سڀئي ذهين ۽ سمجهدار آهن، جيئن فارسيءَ جي چوڻي آهي:
”امير خانه تمام آفتاب است“، پر منهنجي نظر ۾ سندس نظرين جي حقيقي وارث ڪامريڊ
شانتا بخاري هئي، جيڪا پڻ ۲۵ جولاءِ ۲۰۱۴ تي لاڏاڻو ڪري وئي. هوءَ نه رڳو ڪامريڊ بخاري جي جيون
ساٿي بلڪه سندن سڄي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي زندگيءَ جي ساٿي هئي ۽ زندگيءَ جي آخري
گهڙين تائين بخاري صاحب جي مشن جو جهنڊو سندس هٿن ۾ رهيو.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۷ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
ڪامريڊ جمال الدين بخاري
سندس سياسي سفر ۽ ڪميونسٽ تحريڪ
سھيل سانگي
يوڪرين تي روس جي حملي عالمي سياست کي نئون
موڙ ڏنو آهي. ان حملي کي دنيا ۾ سٺي نظر سان نه پيو ڏٺو وڃي، پر ان اها ڳالھ سامهون
آندي آهي ته ۱۹۸۰ع واري ڏهاڪي جي پڇاڙڪن ڏينھن ۾ جڏهن ڪميونسٽ سوويت يونين ٽٽڻ لڳو ته ان کانپوءِ
عالمي سياست ۽ معيشت هڪ قطبي محور تي هلي وئي ۽ اهو محور هو آمريڪا، جيڪو دنيا جي
سرمائيدار ملڪن توڙي سرمائيداراڻي ڪمپنين جو لٺ سردار هو. سرمائيداري تضادن سان ڀريل
نظام آهي، ان ڪري سوويت يونين ٽٽڻ جي ڏهاڪو کن سالن اندر عالمي سياست توڙي معيشت ۾
نئين ڇڪتاڻ شروع ٿي. اها گهڻ طبقي محورن ڏي وڃڻ لڳي. مختلف خطن ۾ نوان محور جڙڻ لڳا
پر ان کان اڳي جڏهن ٻي عالمي جنگ ڇڙي، هڪ ٻئي جي وڏن دشمنن سرمائيداري نظام ۽ ڪميونسٽ
نظام کي ان نقطي تي گڏ بيهاريو ته فاشزم انسان ذات ۽ دنيا لاءِ هاڃيڪار آهي ان ڪري
ٻنهي نظامن جي سرواڻي ڪندڙ ڌرين سوويت يونين ۽ آمريڪا توڙي يورپ گڏجي “جيئو ۽ جيئڻ
ڏيو” جو ٺاھ ڪندي جنگ ختم ڪئي ۽ ٺاھ ڪري گڏيل قومن جو ادارو جوڙيو. اها ٻي ڳالھ
آهي ته سرمائيدار ملڪن جي هڪٻئي سان روايتي جنگ ته ختم ٿي پر هڪ نئين جنگ جنهن کي
تاريخ ۾ سرد جنگ سڏيو وڃي ٿو، جنم ورتو.
ان سرد جنگ دوران قومي آزادي جون تحريڪون به
اٿيون ۽ ڪيئي ڊزن قومن سامراج جي بيٺڪي نظام کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري آزادي ماڻي. ان
دور ۾ ڪڏهن پراڪسي جنگيون به ٿينديون رهيون پر ان کان چار ڏهاڪاکن اڳي، جڏهن دنيا
جي سرمائيدار ملڪن پرائي مال جي حصي پتي تي پاڻ ۾ جهيڙو ڪيو ۽ پهرين عالمي جنگ لڳي،
ان جنگ جي پڄاڻي تي دنيا ۾ هڪ نئون نظام سوشلزم نظريو آيو ۽ ڪارل مارڪس جي ڪميونزم
واري نظرئي کي عملي جامو پارائيندي لينن روس ۾ سوشلزم رائج ڪيو ۽ سوويت يونين وجود
۾ آيو. اهڙو نظام جيڪو دنيا جي غريبن، پورهيتن، مظلومن جو خواب هو يا وري وڏن وڏن
فيلسوفن جو تصور هو. دنيا گذريل هڪ صدي دوران جيتري سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ترقي ڪئي
اوتري سماجي سائنسز ۾ به تبديلي آئي آهي. اها ٻي ڳالھ آهي ته سماجي علمن ۾ ترقي اڃا
تائين عام ماڻهو جي سمجھ ۽ پهچ تائين نه اچي سگهي آهي، جيتري سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾
ترقي ٿي آهي.
دنيا ۾ ايندڙ سماجي توڙي سائنسي علمن جي ترقي
۽ تبديلي جو مشاهدو ڪرڻ ۽ ان تجربي مان گذرڻ ڪن ڪن ماڻهن جي حصي ۾ ايندو آهي. اڄ
اسين هڪ اهڙي ئي شخصيت جو بيان ڪرڻ ڏي وڃون پيا، جنهن جي دور ۾ دنيا ۾ پهريون سوشلسٽ
ملڪ سوويت يونين ٺهيو. تڏهن چوطرف سوشلزم جو چوٻول ۽ چرپر هئي، اهو هو ڪامريڊ جمال
الدين بخاري. مون جڏهن ڪامريڊ بخاري جي زندگي بابت حال احوال پڙهيو ۽ ٻڌو، ته مون
کي لڳو ته هن جي طبيعت به ڪنهن ٿري ماڻهو وانگر آهي، جيڪو ٻڌل ڳالھ تي ويساھ ڪرڻ کان
اڳ ان کي پنهنجي اکين يا وري هٿ لائي ڏسڻ چاهيندو آهي. هن به جڏهن ٻڌو ته روس ۾
سوشلسٽ انقلاب آيو آهي ته هو ان کي ڏسڻ لاءِ پنڌ پيو. افغانستان کان ٿيندو وچ ايشيا
جي رياستن تائين شايد اڃا به اڳتي وچ سوويت يونين تائين پهتو. اتي پهچي هن پنهنجي
اکين سان گهڻو ڪجھ ڏٺو. حالتن کي جانچيائين، ماڻهن سان ڳالهايائين، وڏي ڳالھ ته ان
سفر جو ڳچ حصو هن واپارين توڙي ٻي سنگت سان گڏجي پيرين پنڌ ڪيو.
جمال الدين بخاري رڳو تصوير جو هڪ رخ ڪونه ڏٺو.
هن سامونڊي جهاز ۾ نوڪري ڪري دنيا جا سرمائيداري ملڪ ۽ انهن جا مکيه شهر به ڏٺا. پڪ
لڳي ٿي ته هن ٻنهي نظامن جي ڀيٽ به ڪئي آهي ۽ ان جي چڱائين ۽ اوڻاين کي جانچيو ۽
پرکيو. ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته هو ڪو ڪتابي ڪامريڊ هو. بلڪ ٻين جو ڪم ۽ عمل کي
پرکڻ بعد هن ننڍي کنڊ ۾ سوشلسٽ انقلاب آڻڻ ۽ منظم طريقي جي واٽ ورتي. حالانڪه ان
کان اڳ وارن ڏينهن ۾ به سندس پورهيتن جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪرڻ جا واقعا ملن ٿا. پر هڪ
ملڪ گير نيٽ ورڪ ۽ تنظيم جو حصو بڻجڻ سياسي طور ڪيترو اثرائتو هوندو آهي، اهو هن پوءِ
اختيار ڪيو.
۱۹۰۰ع ۾ جنم وٺندڙ جمال الدين بخاري علي ڳڙھ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهيو. مولانا محمد
علي جوهر جهڙن آزادي پسندن ۽ مولانا حسرت موهاني جهڙن “سرخ مولوين” جي اثر هيٺ
رهيو. انگريز سامراج جي بيٺڪي قبضي هيٺ آيل ننڍي کنڊ ۾ ۱۹۲۰ع واري ڏهاڪي کان ۱۹۴۰ع تائين ٿيندڙ مزدورن ۽ هارين جي تحريڪن سان
سلهاڙيل رهيو. ساڳئي وقت ان دور ۾ٿيندڙ ڪميونسٽن جي ڪانفرنسن ۾ ڀرپور طريقي سان شرڪت
ڪندو رهيو، تان جو وڃي باقاعده ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا جي تنظيمي ڍانچي جو اهم حصو
بڻيو. ان سموري جدوجهد دوران ڪڏهن ريل ۾ ته ڪڏهن جيل ۾ وقت گذريو. روپوشي، جيل، سختيون،
پنڌ ته هونئن ئي سڄي دنيا جي ڪميونسٽن جي واٽ ۽ سڃاڻپ رهي آهي. ڪامريڊ بخاري
پنهنجي زندگي ۾ ۱۸ جيل ڏٺا ۽ ۲۱ سال قيد گذاريو.
۱۹۱۷ع ۾ سوويت يونين ۾ انقلاب بعد ننڍي کنڊ ۾ ڪميونسٽن خلاف سختيون ۽ ڪارروايون
شروع ٿيون. ۱۹۲۱ع ۾ پشاور سازش ڪيس، ۱۹۲۴ع ۾ ڪانپور سازش ڪيس، ۱۹۲۹ع ۾ ميرٺ سازش ڪيس ٺهيا. انگريز سرڪار ڪوشش ڪري
انهن ڪيسن ۾ مثالي سزائون ۽ سختيون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. اهي پابنديون قيد ۽ سختيون هڪ
پاسي هيون ته وري پارٽي جي مرڪزي تنظيم سازي، مزدور، هاري، شاگرد، ادب توڙي
نظرياتي محاذن تي ڪم جاري رکڻ ۽ بدلجندڙ حالتن ۾ پاليسيون ۽ حڪمت عمليون ٺاهڻ
اوترو ئي اهم هو. آزادي کان اڳ ڪميونسٽن ۾ مختلف لاڙا هلندڙ هئا، هڪ اهو ته پهرين
انگريزن کان آزادي وٺجي، ان بعد انقلاب کي اڳتي وڌائجي. اهو نعرو ڪميونسٽن کي گانڌي
۽ نهرو جي اڳواڻي ۾ هلندڙ انڊين نيشنل ڪانگريس جي گهڻو ويجهو وٺي ويو.
نتيجي ۾ هڪ پورو دور رهيو آهي، جڏهن پارٽي
متحده محاذ واري پاليسي تي هلندي رهي، جنهن ۾ ڪانگريس اندر رهي ڪم ڪرڻ شامل هو. ٻيو
لاڙو سڀاش چندربوس جو هو. جنهن انگريزن مان جان ڇڏائڻ لاءِ هٿياربند ويڙھ ۽ برطانيا
جي ڪنهن مخالف ملڪ جي مدد وٺڻ شامل هو. پر سڀاش چندر بوس جي هن خيال کي ڪميونسٽن اندر
پذيرائي نه ملي سگهي. خود اهو سوال به اهم رهيو ته سڌي طرح سان ڪميونسٽ پارٽي جي
نالي سان ڪم ڪجي؟ وري ان کي لڪائي مزدور ڪسان پارٽي ٺاهجي؟ پنج سالن جي لڳ ڀڳ اهڙو
دور به رهيو جنهن ۾ مزدور ڪسان پارٽي جي نالي سان ڪميونسٽ ڪم ڪندار هيا. هتي اها ڳالھ
اهم آهي ته اهي پارٽيون باقاعدي ۽ سڌي طرح ڪنهن مرڪزي قيادت جي ماتحت نه هيون. بلڪ
پنهنجي پنهنجي علائقي يا صوبي ۾ هيون. گڏيل طور تي سال ۾ هڪ اڌ دفعو آل انڊيا ڪانفرنس
ڪري پاليسيون ۽ حڪمت عمليون جوڙي وٺنديون هيون.
ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا کي ٻه مرحلا ڏاڍا ڏکيا
به آيا. پهريون مرحلو ۱۹۳۹ع ۾ ٻي عالمي جنگ جو ڇڙڻ هو. جنهن کي سڄي دنيا جي ڪميونسٽن وانگر ننڍي کنڊ
جي ڪميونسٽن به سامراجي ملڪن جي پاڻ ۾ لڙائي سڏيو پر جڏهن ۱۹۴۱ع ۾ هٽلر جي فوجن سوويت يونين تي حملو ڪيو
ته ڪميونسٽن انهي جنگ کي “عوامي جنگ” سڏيو ۽ سوويت يونين هٽلر جي مخالف يورپي
اتحادين سان شامل ٿيو. پارٽي کي اها لائين عوام ۾ مقبول بنائڻ ۾ ڏکيائي ٿي. ٻي ڏکيائي
پاڪستان جو سوال هو. ۱۹۴۰ع ڌاري پارٽي اهو موقف اختيار ڪيو ته انڊيا گهڻ قومي ملڪ آهي، جنهن ۾ ڪيئي
قومون رهن ٿيون. پر مسلم ليگ لاهور واري اجلاس ۾ مسلم اڪثريتي زون جي لاءِ مڪمل
آزادي جو مطالبو ڪيو، جيڪو آزاد رياستن تي ٻڌل هجي. اتي پارٽي جي جنرل سيڪريٽري اڌيڪاري
مسلم قوميتن جي ڳالھ ڪئي ته “جيڪڏهن اسين ترقي پسند جوهر جي نظر سان ڏسون ته در
حقيقت پنجاب، پٺاڻ، سنڌ، بلوچستان ۽ بنگال وارن صوبن جي مسلم قوميتن جي علائقن جي
خوداراديت ۽ عليحدگي جو مطالبو آهي” هي هيون اهي حالتون ۽ سياسي حڪمت عملي ۽ پاليسيون
جنهن جو ڪامريڊ جمال الدين بخاري نه رڳو مشاهدو ڪيو بلڪ ان سڄي تجربي مان گذريو ۽
ان جو حصو به بڻيو. ۱۹۴۹ع ڌاري سندس پارٽي کان دوري جو عمل شروع ٿيو، اها دوري آخر تائين رهي. پارٽي
کان دوري جي باوجود هن پنهنجي پر جدوجهد جاري رکي ۽ هو ڪراچي مان لڏي لاڙڪاڻي ۾ اچي
آباد ٿيو ۽ اتي رهي ڪري پنهنجي علم، دانش ۽ عمل ذريعي نوجواني ۾ شروع ڪيل سياسي
سفر جاري رکيو.
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۴ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
ڪامريڊ جمال الدين بخاري
ھڪ تاريخي عھد جو مھندار
حميد سومرو
اردوءَ جي نامياري ليکڪا زاھدہ حنا، مسلم
شميم جي ڪتاب “لاڙڪانا ڪي چار درويش” ۾ لکي ٿي ته، “ھڪ زماني ۾ جڏھن ھندوستان جي
آزادي جي لڙائي مختلف سياسي جماعتن، گروھن، اديبن، دانشورن طرفان وڙھي پئي ويئي،
ان ۾ ڪميونزم جو جهنڊو کڻي شامل ٿيڻ ائين ھو، جيئن موت کي دعوت ڏيڻ”. اھي لفظ چئن
درويشن مان ھڪ ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ لاءِ لکيل آھن، جيڪو ۱۹۲۵ع ۾ ڪانپور ۾ قائم ٿيندڙ ڪميونسٽ پارٽي آف
انڊيا جي تاسيسي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ انقلاب جي راھ تي نڪري پيو ھو. سنڌيڪا پاران
۲۰۲۳ع ۾ “ڪامريڊ جمال الدين بخاري، شخصيت ۽ سياسي جدوجھد” نالي ڪتاب ڇپائي پڌرو
ڪيو ويو آھي، جنھن کي پڙھندي ويساھ نٿو اچي ته سنڌ ڪو اھڙو عھد به ڏٺو ھو، جنھن ۾
جمال الدين بخاريءَ جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ جي سياست ۾ ھيجان برپا ھو. ڪامريڊ جمال
الدين بخاريءَ جي سوانح عمريءَ تي لکيل ھن ڪتاب ۾ مسلم شميم جي ڪتاب “لاڙڪانا ڪي
چار درويش” ۾ لکيل، ايڊٽ ۽ اپڊيٽ ٿيل پروفائيل سميت ۳۷ مضمون شامل آھن. ڪتاب ۾ ڪامريڊ جي پُٽ مڪرم
سلطان، ڊاڪٽر رياض شيخ، صحافي محمود شام، صحافي محمود الحسن شرف صديقي، ڪميونسٽ اڳواڻ
اعزاز نذير، سياستدان عبدالغفور ڀرڳڙي، وڪيل سياستدان عبدالرزاق سومرو، ڪامريڊ مير
محمد ٽالپر، صحافي، دانشور سھيل سانگي، ڊاڪٽر ڪريم دين احمد، سعيد رضا سعيد، ميمڻ
عبدالمجيد سنڌي، منظور ڪوھيار، اشتياق اظھر، عبدالحليم شيخ، ڪريم بخش خالد، ترقي
پسند اديب مظھر جميل، سليم علوي، صحافي فقير محمد لاشاري، ڊاڪٽر عسڪري حسين، رياض
صديقي، ذوالفقار قادري، بشير احمد شاد، عبدالستار ڀٽي، خان محمد پنھور، تاج مري ۽
لياقت راڄپر سميت ڪامريڊ بخاريءَ جي ساٿين سوڀو گيانچنداڻي، قاضي فيض محمد، علي
احمد بروھي، گوبند مالھي، ڪيرت ٻاٻاڻي، اي ڪي ھنگل جا ڪارائتا ۽ معلوماتي مضمون
شامل آھن. محمود الحسن شرف صديقي “ڳالھيون آھن ڳچ” ۽ “حق شناس” ۾، مڪرم سلطان
پنھنجي يادگيرين ۾ مارچ ۱۹۰۰ع ۾ احمد آباد ۾ جنم وٺندڙ ڪامريڊ، جنھن کي سامراج دشمني سُتيءَ ۾ پيل ھئي،
جي پوري سياسي، صحافتي، ادبي، سماجي، ذاتي زندگي، بغاوت، ڪيسن مٿان ڪيس، ارڙھن
جيلن ۾ ۲۱ سال قيد، مجلس احرار، خاڪسار، خلافت تحريڪ سان تعلق، محمد علي جوھر، جمال
الدين افغاني، ڪمال اتاترڪ ۽ مولانا حسرت موھاني کان متاثر ٿيڻ، آڪٽوبر انقلاب جو
اثر ۽ انکي ڏسڻ لاءِ افغانستان کان روس جو ٻن سالن جو جان کي جوکي ۾ وجهندڙ سفر،
معاشي تنگدستي، علي ڳڙھ جو سفر ۽ اتان جا ساٿي، ڪانپور ۾ ۱۹۲۵ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي تاسيسي اجلاس ۾ سرگرم
شرڪت، الوحيد اخبار ۾ ڪم ڪرڻ، ٽريڊ يونين سياست ۾ حصو وٺڻ، مزدور ڪسان پارٽي، ڀارت
ڪسان سڀا، سنڌ ھاري ڪميٽيءَ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ، ڪميونسٽ پارٽي جي ڪلڪته ڪانفرنس
۾ سنڌ جي نمائندگي، سنڌ جي بمبئي کان آزاديءَ جي جدوجھد ۾ اھم ڪردار، گوبند
مالھيءَ جي ھٿ ھيٺ سنڌي ادبي سنگت قائم ڪرائڻ، ۱۹۴۲ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي سنڌ جي سيڪريٽري ٿيڻ
دوران سنڌ ۾ پارٽيءَ جي تنظيم سازي ۽ جدوجھد، ڪراچيءَ ۾ ۱۹۴۶ع ۾ جهازين جي بغاوت، ڪامريڊ شانتا سان
شادي، ڪراچي پارٽي آفيس ۾ ڪميُون قائم ڪرڻ، پارٽي جي ڪميونل بنيادن تي پاڪستان ٺھڻ
جي حمايت، ڪراچي پارٽي جي سيڪريٽري قاضي مجتبيٰ کي مسلم ليگ ۾ شامل ڪرڻ، ۱۹۴۸ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي بي ٽي رانڊيو لائين
سان اختلاف ۽ پارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽيءَ جي تشڪيل، انڊيا ۾ ٿيندڙ ڪانگريس ۾ پاڪستان
جي مرڪزي ڪميٽي جي نامزدگي تي اختلاف ۽ ان کان الڳ ٿيڻ باوجود ھاري ڪميٽي اينٽي ون
يونٽ تحريڪ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ، قاضي فضل اللہ، ذوالفقار علي ڀٽو، مسلم ليگ جي
سياست جو حصو بنجڻ سميت سندس بيماري، لاچاري ۽ وفات جو ڊگهو داستان آھي.
ڪامريڊ بخاريءَ جو پٽ مڪرم سلطان پنھجي
مضمون ۾ لکي ٿو ته ڪامريڊ بخاري جا جي ايم سيد سان به ويجها لاڳاپا سنڌ جي بمبئي
کان عليحدگيءَ جي جدوجھد دوران ٿيا. سيد پارٽي آفيس ۾ ايندو ھو ۽ ساڻس گڏجي بمبئي
پارٽي آفيس ۾ به ويو، جڏھن ته ڪامريڊ شانتا سان شاديءَ جي پھرين دعوت به جي ايم
سيد جي گهر ٿي ھئي. سوڀو گيانچنداڻي لکي ٿو ته، “مونکي پارٽيءَ ۾ جمال الدين
بخاريءَ شامل ڪيو ۽ ڪوئيٽ انڊيا تحريڪ مان الڳ ٿيڻ لاءِ چيو، جنھن کان مون انڪار ڪيو”.
سوڀو لکي ٿو ته، “اھا ڳالھ اڄڪلھ جي پيڙھيءَ کي عجيب لڳندي ته ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا
پاڪستان کي مسلم گهڻائيءَ وارن علائقن جي حق خود اختياري سان تشبيھ ڏني ھئي ۽ گانڌي
۽ جناح جي ملڻ ۽ ٺاھ ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون ھيون”. علي احمد بروھي لکي ٿو ته،
“جهازين جي بغاوت سان يڪجھتيءَ ۾ ڪراچيءَ ۾ پارٽيءَ جلسو ڪيو، جنھن ۾ مُنو لک ماڻھو
موجود ھئا. ۱۹۴۶ع ۾ ۱۹ فيبروري کان ۲۵ فيبروري تائين جھازين جي بغاوت، جنھن ۾ برطانوي فوجين، خلاصين کي ڪوارٽرن
۾ واڙي بندرگاھ ۽ جھازن تي قبضا ڪيا ويا ھئا، جي سھڪار ۾ جڏھن ڪراچيءَ ۾ احتجاج جو
سڏ ڏنو ته ان وقت پارٽيءَ جو سيڪريٽري جمال الدين بخاري ۽ سندس نائب سوڀو گيانچنداڻي
گرفتار ٿي چڪا ھئا. گوبند مالھي مطابق: انھيءَ احتجاج دوران بندر روڊ جي ٻنھي پاسي
ماڻھن جو سمنڊ ھو، جيڪي “انقلاب زندہ باد” ۽ “اسان ھندوستاني ھڪ آھيون” جا فلڪ
شگاف نعرا ھڻي رھيا ھئا. سنڌ جو وزير اعظم غلام حسين ھدايت اللہ مونکي ٻاڏائيندي
چيو ته، “ادا، مھرباني ڪر، ھي مظاھرو بند ڪراءِ!” ۽ سنڌ جي وزير محمود ھارون گاڏيءَ
مان مُنڍي ٻاھر ڪڍي چيو ته، “ڪامريڊ، عيدگاھ ميدان مان جهنڊا لھراءِ، ماڻھو ڇڙ وڇڙ
ٿيندا ۽ ملٽري موٽي ويندي”. احتجاج تڏھن ختم ٿيو، جڏھن گوبند مالھي ڳاڙھو جهنڊو ھٿ
۾ کڻي ڪانگريس، مسلم ليگي ليڊرن سان کليل گاڏيءَ ۾ چڙھي احتجاج ختم ڪرايو. پارٽيءَ
جو ھڪ ٻيو اھم اڳواڻ ڪيرت ٻاٻاڻي لکي ٿو ته، “انگريز سرڪار ٻي مھاڀاري لڙائيءَ
کانپوءِ پنھنجي واعدي تان ڦري ويئي ۽ ڀارت کي آزادي ڏيڻ کان انڪار ڪيائين پر ۱۹۴۶ع واري سامونڊي بغاوت انگريزن جا ڍڍر ڍرا ڪري
ڇڏيا”. پارٽيءَ جو سرگرم ڪارڪن ۽ ڀارت جو مشھور اداڪار اي ڪي ھنگل لکي ٿو ته، “ھڪ ڏينھن
ڪراچي جيل جي سپرنٽينڊنٽ ٻڌايو ته، سوڀو گيانچنداڻي، عينشي، پوھو مل، گلاب ۽ مونکي
ھندوستان منتقل ڪيو پيو وڃي. اسان ائين ڪرڻ کان جواب ڏنو ۽ وڌيڪ ڇھ مھينا جيل ۾
رھياسين”. سھيل سانگي ان وقت جي سياست جو ڇيد ڪندي لکي ٿو ته، “۱۹۴۰ع ڌاري پارٽيءَ اھو موقف اختيار ڪيو ته انڊيا
گهڻ قومي ملڪ آھي، جنھن ۾ ڪيئي قومون رھن ٿيون پر مسلم ليگ مسلم اڪثريتي زون جو
مطالبو ڪيو، جيڪو آزاد رياستن تي ٻڌل ھجي. اتي پارٽيءَ جي جنرل سيڪريٽري اڌيڪاري
مسلم قوميتن جي ڳالھ ڪئي ته، جيڪڏھن اسين ترقي پسند جوھر سان ڏسون تہ درحقيقت
پنجاب، پٺاڻ، سنڌ، بلوچستان ۽ بنگال وارن صوبن جو مطالبو مسلم قوميتن جي علائقن جي
خود اراديت ۽ عليحدگيءَ جو مطالبو آھي”. ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ تي لکيل ھي ڪتاب
۸۴ سالن جي تاريخ آھي، جنھن ۾ ڪجھ مامرن تي ڳالھ ٻولھ ڪرڻ جي ضرورت آھي.
مارڪسي دانشور لال خان پنھنجي ڪتاب Partition – Can it be undone?
۾ لکي ٿو ته ڪومينٽرن ۱۹۲۰ع اجلاس دوران لينن ۽ ڀارت جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي روح روان ايم اين راءِ ۾
بحث ڇڙي پيو. ڪامريڊ لينن قومي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ قومي بورجوازي سان سھڪار جي
تجويز رکي، جڏھن ته ايم اين راءِ ڪميونسٽن جي پھل، اڳواڻي قومي آزادي لاءِ ضروري
سمجھي. ايم اين راءِ جي لائين ڪميونسٽ پارٽيءَ جي قيام واري ۱۹۲۵ع واري ڪانپور ڪانفرنس ۾ به بحث ھيٺ آئي. ۱۹۳۵ع جي پھرين ڪانگريس ۾ پارٽيءَ جو سيڪريٽري
پي سي جوشي ٿيو. ڪانگريس ۾ پارٽيءَ جي اڳوڻي سيڪريٽري ڊاڪٽر گنگاڌر اڌيڪاري “گيڌرنگ
اسٽارم” ٿيسز جي روشنيءَ ۾ پاڪستان ٺھڻ جي حمايت ڪئي. انھيءَ ٿيسز جي ڪري ئي پارٽي
“ڪوئيٽ انڊيا” تحريڪ جي مخالفت ڪئي. ٻين عالمي جنگ ۾ سوويت يونين ۽ برطانيا ھٽلر
مخالف اتحاد ۾ شامل ھئا. اڌيڪاري ٿيسز کي ان پس منظر ۾ به ڏسڻ گهرجي. ۱۹۴۸ع واري ڪانگريس ۾ پارٽي اڌيڪاري ٿيسز کي رد ڪندي
بي ٽي رانڊيو، انقلاب ۽ بورجوازي جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ ڪلڪته ٿيسز ڏني. آنڌرا
پرديش ۾ تلنگانه، بنگال ۾ تياڀاگا ھاري بغاوتون بالشويڪ انقلاب جي طرز تي ڪميونن ۾
تبديل ٿيون. ۱۹۵۱ع ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ تي مار پئي، ڪيئي ڪميونسٽ گرفتار ٿيا، سجاد ظھير کي
چار سال کانپوءِ جيل مان ڪڍي ملڪ بدر ڪيو ويو. ۱۹۵۴ع ۾ اوڀر پاڪستان ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي پھل
سان قائم جگتو فرنٽ چونڊ کٽي ۽ ساڳي سال ڪميونسٽ پارٽيءَ تي بندش پئي ۽ اولھ پاڪستان
۾ ون يونٽ قائم ٿيو. ۱۹۴۸ع کان پوءِ جي سياست ۾ سرگرم ڪميونسٽ مداخلت بي ٽي رانڊيو لائين جو نتيجو
آھي پر ايندڙ ڪانگريس ۾ ھڪ ڀيرو وري اسٽالن جي چوڻ تي قومي بورجوازي جماعت ڪانگريس
تي ھٿ ھلڪو رکجي ٿو ۽ دنيا جي مضبوط ۽ وڏي ڪميونسٽ پارٽي ٻن حصن ۾ ورھائجي وڃي ٿي.
جمال الدين بخاري ۱۹۳۵ع کان اڌيڪاري ٿيسز سان بيٺل رھيو، پوءِ جي سياست انھيءَ جو شاخسانو آھي. ۱۹۴۸ع جي فيبروري، مارچ ۾ ڪانگريس جي روشني ۾ ڪميونسٽ
پارٽي آف انڊيا سجاد ظھير کي پاڪستان جي پارٽيءَ جو سيڪريٽري نامزد ڪندي اٺ رڪني
مرڪزي ڪميٽي ٺاھي، جنھن ۾ جمال الدين بخاري به شامل ھو پر کيس آڪٽوبر ۱۹۴۸ع ۾ پارٽيءَ سان غداري، پورٽ يونين جي اڳواڻ
شرف علي جي گرفتاري دوران بزدلي، ڊسيپلين جي ڀڃڪڙيءَ ۾ سمورن تنظيمي عھدن تان ھٽائي
سندس ميمبرشپ ختم ڪئي ويئي ته ھن الزامن کي رد ڪيو ۽ اعتراض واريو ته مرڪزي ڪميٽي
پاڪستان جا ڪميونسٽ ڪارڪنن پاڻ گڏجي ٺاھين ھا. سنڌ ۾ اھڙي ڪوشش ۱۹۳۷ع ۾ امين کوسي ۽ قادر بخش نظاماڻي ڪئي ھئي
ته کين پارٽي مان خارج ڪيو ويو ھو ۽ ان وقت ڪامريڊ جمال الدين پارٽي فيصلي سان گڏ
ھو. سنڌ ۾ ۱۹۴۲ع کان ۱۹۴۸ع تائين پارٽيءَ ۾ ڪامريڊ جمال الدين بخاري، سوڀو گيانچنداڻي، گوبند مالھي،
ڪيرت ٻاٻاڻي، مشھور مقبول ٽريڊ يونين ليڊر نارائڻداس بيچر، پوھو مل، ھاسا رام،
قاضي مجتبيٰ، حشو ڪيولراماڻي، علي احمد بروھي سرگرم ھئا. ڄاڻايل ڪتاب ۾ ڪنھن ويل
حسن ناصر جي بازگشت به ٻڌڻ ۾ اچي ٿي، جيڪو به مسلسل روپوشيءَ کانپوءِ ھڪ ڏينھن پڪڙجي
مارجي ٿو ۽ سندس لاش ماءُ جي سڃاڻڻ جهڙو به نٿو رھي.
ڪامريڊ بخاريءَ کي ھٽائڻ کانپوءِ سوڀو
گيانچنداڻي سنڌ جي پارٽيءَ جو سيڪريٽري ٿيو. سوڀي کان سواءِ ٻيا سڀ ھندو ڪامريڊ
وقت جي جبر آڏو آھستي آھستي ڀارت ھليا ويا. علي احمد بروھي جو نالو پوءِ ٻُڌڻ ۾ نٿو
اچي. قاضي مجتبيٰ کي مسلم ليگ راس اچي ويئي. سوڀي گيانچنداڻي ۱۹۵۰ع ۾ آزاد ٿيو. عزيز سلام بخاري روپوشيءَ
کانپوءِ ۱۹۵۰ع تائين جيل ۾ رھيو، نتيجي ۾ سنڌ اندر ڪميونسٽ پارٽي اھڙي گم ٿي، جو ويساھ
ئي نٿو اچي ته اھڙي انقلابي صورتحال به ڪا ھئي، جو سنڌ جي وڏي وزير ۽ محمود ھارون
جهڙو سگهو وزير گوبند مالھيءَ کي احتجاج ختم ڪرڻ لاءِ منٿون ڪندي نظر پئي آيا. ڪامريڊ
جمال الدين بخاري ھڪ دفعو ٿڙيو ته پوءِ کيس ڪٿي به چين نہ مليو. ۱۹۴۹ع کان ۱۹۸۴ع تائين واري زندگيءَ کي علي احمد بروھي
لاچاري، بيوسي ۽ گهاڻي ۾ وھائڻ واري زندگي چوندي ان لاءِ لکي ٿو: “جياپي جون گهڙيون
گهارڻ، پنھنجي اھل عيال جي پرورش ڪرڻ، پاڻ کي مشغول رکڻ لاءِ ھر پليٽفارم تي بار ڍوئيندو
رھيو، جنھن مسواڙي سياست سان سندس ذھن ۽ ضمير جو ڪو واسطو ڪونه ھو. مولانا ابوالڪلام
آزاد ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ جي سياسي اوج واري عھد ۾ قلعه احمد نگر ۾ قيد ھو. ۱۱ آگسٽ ۱۹۴۲ع “غبارِ خاطر” ۾ جيل يادگيرين ۾ هو لکي ٿو،
“ھتي ڪجھ ماڻڻ جو مزو اھو وٺي سگهي ٿو، جيڪو ڪجھ وڃائڻ ڄاڻندو ھجي. جنھن ڪجھ وڃايو
ئي نه ھجي انکي ماڻڻ جي مزي جي ڪھڙي خبر؟”. ھڪ تاريخي عھد جي سياست جي مھندار ڪامريڊ
جمال الدين بخاري سياسي ورثو ڇڏي جيڪو ماڻي ويو، ھن ملڪ ۾ اھو مان مرتبو ڪنھن خوش
نصيب جي پلئه ئي پيو ھوندو.
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۲ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا