شهيد ڊي
آءِ جي عبدالعزيز بلو
معروف
ايماندار پوليس آفيسر
مير نادر علي ابڙو
اڄ
مان پهريون دفعو ڪنهن پوليس آفيسر جي ياد ۾ تعريفي مضمون لکي رهيو آهيان. پوليس ته
آهي ئي پوليس، انهي جي مان تعريف ڪرڻ گناهه مثل ٿو سمجهان پر وڏڙن جو چوڻ ته؛ پنج
ئي آڱريون برابر ڪونه ٿين. پوليس جي کاتي ۾ واقعي ڪجهه پوليس آفيسر جن ۾ اي ڊي
خواجا، غلام قادر ٿيٻو، بشير احمد ميمڻ، ثناءَالله عباسي، ڊاڪٽر ولي الله دل،
سلطان خواجا ۽ فتح علي خواجا اهڙا پوليس آفيسر آهن، جن جي تعريف ڪرڻ هنن جو حق به
ٿئي ٿو. اهڙن ئي ايماندار پوليس آفيسرن منجهان، هڪ پوليس آفيسر عبدالعزيز بلو به
هيو. منهنجا سندس گهراڻي سان ويجها تعلقات رهيا. شهيد بلو منهنجي وڏي ڀيڻيوي جو
ويجهو دوست رهيو. سندس ننڍو ڀاءُ علم الدين وري چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾
منهنجي ٻئي ڀيڻيوي ۽ ڀيڻ سان گڏ پڙهيو. جڏهن مان سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن شهدادڪوٽ
هوس، ته سندن ٽيون ڀاءُ حافظ عبدالهادي منهنجو ايس پي اينٽي ڪرپشن لاڙڪاڻو رهيو.
ڪوٽ بلو تعلقي پنو عاقل جي قابل احترام استاد عمرالدين بلو جي گهر ۾ اک کوليندڙ
شهيد عزيز بلو، پنهنجي ڀائرن ۾ سڀ کان وڏو ڀاءُ هو. هن پرائمري تعليم ڳوٺ ڪوٽ بلا ۾
حاصل ڪئي ۽ ميٽرڪ ڊي سي هاءِ اسڪول پنو عاقل مان ۽ انٽر ۽ بي اي لاءِ کيس سکر جي
ياترا ڪرڻي پئي. شهيد عبدالعزيز بلو جو واسطو جيئن ته تعليمي گهراڻي سان هيو. سندس
والد پرائمري ماستر هو. سندس والد پنهنجي هن پٽ جي اهڙي ته تربيت ڪئي جو اڳتي هلي
بلو قبيلو هن سپوت ۽ گهراڻي تي فخر منجهان ڳاٽ اونچو ڪرڻ لڳو.
هن پنهنجي ڪيريئر جو
آغاز آبپاشي کاتي ۾ ڪلارڪ طور ڀرتي ٿي ڪيو. تعليمي گهراڻي سان واسطو هئڻ سبب هن
قلم ۽ ڪاغذ کي ڪونه ڇڏيو ۽ ۱۹۷۰ع ۾ ليڪچرار طور پنهنجي والد وارو پيغمبري پيشو اختيار
ڪيو. پر محنت وري به پنهنجي هٿان ڪونه ڇڏي ۽ مسلسل محنت جي نتيجي ۾ ئي شهيد
عبدالعزيز بلو ۱۹۷۷ ۾ سي
ايس ايس پاس ڪري اي ايس پي ٿيو ۽ ترقيون ماڻيندو آخرڪار ڊي آءِ جي جي عهدي تي
رسيو.
هي طبيعتن گهٽ ڳالهائڻو، غريبن جو هڏ ڏوکي ۽ مددگار، ايماندار نيڪ نمازي ۽
انصاف ڪندڙ پوليس آفيسر طور عوام ۾ مشهور رهيو. سندس ياري باشي ۽ دوستي جو دائرو
تمام گهڻو وسيع هو، جنهن ۾ پنهنجي پنهنجي وقت جا وزيراعظم، صدر، گورنر، وزير
اعليٰ، اسپيڪر، سياستدان ۽ عالم دين وغيره شامل آهن. جيئن ته شهيد عزيز بلو بنيادي
طرح غريب خاندان سان واسطو رکندڙ هو. تنهن ڪري ئي مون هن ۾ غريب ماڻهن کي بي حد
عزت ۽ مان ڏيندي ڏٺو. مون کي چڱي طرح ياد آهي ڪراچيءَ ۾ سندس ننڍي ڀاءُ جي شادي،
جنهن ۾ مون کي به دعوت هئڻ سبب شريڪ ٿيڻ جو موقعو مليو، اتي غلام مصطفيٰ جتوئي،
الاهي بخش سومرو ۽ ٻيا کوڙ سارا سياستدان ۽ معزز ماڻهو شريڪ هئا. پر شهيد بلو
جيتري انهن وڏن سياستدانن کي عزت ڏئي رهيو هو، اوتري ئي اسان جهڙن مسڪين آيل
مهمانن کي به پئي ڏنائين. وري ٻيهر سندس گهراڻي جي شادي جي دعوت ۾ مون کي سکر شرڪت
لاءِ وڃڻو پيو، جتي به مون اها ڳالهه چڱي طرح ٻيهر به پئي محسوس ڪئي، ته شهيد عزيز
بلو غريبن سان دل جي گهراين سان پئي مليو ۽ اهڙو ڪوبه فرق محسوس نه پئي ٿيو ته هن
شخص وٽ غريب ۽ امير لاءِ ڪو فرق آهي.
تازو ئي شهيد عزيز بلو کي وزيراعظم پاڪستان
مير ظفرالله جمالي جنهن سان شهيد عزيز بلو جا ذاتي دوستاڻه واسطا پڻ هئا، تنهن
سندس ايماندارانه روين ۽ عوامي خدمتن جي حوالي سان هن کي پنهنجي صوبي بلوچستان جي
سبي ۽ نصيرآباد ريجن جو ڊي آءِ جي طور رکرايو ته جيئن شهيد عزيز بلو جا سنڌ جي
عوام جي خدمت ڪري مشهوري ماڻي سا بلوچستان جي ماڻهن جي به ڪري سگهي. هن ۾ ڊي آءِ
جي جي عهدي تي پهچڻ کان پوءِ به ڪنهن به قسم جي وڏائي يا مغروريت، جا اڪثر پوليس
آفيسرن ۾ ٿيندي آهي سا ڪو نه آئي. سندس ماتحت عملي لاءِ پنهنجي اولاد جيان ڇپر ۽
ڇانو رهيو. اهو ئي سبب آهي جو سندس شهادت کان ڪجهه گهڙيون اڳ، رات جو ايس ايڇ او
ڀاڳ ناڙي جي زخمي ٿيڻ جو اطلاع مليس، جنهن تي هو سندس طبيعت پڇڻ لاءِ گهران نڪتو
ته نوتال وٽ هٿياربندن ڦر لٽ دوران خوف منجهان پوليس موبائيل ڏسي هٿيارن جا منهن
کولي ڇڏيا ۽ عبدالعزيز بلو موقعي تي جام شهادت پيتو.
هن مهل شهيد عزيز بلو اسان جي
وچ ۾ ته ڪونه رهيو آهي پر هو سنڌ توڙي بلوچستان جي عوام جي دلين ۾ سندس ڪيل خدمتن
جي حوالي سان هميشه زندهه رهندو. شهيد عزيز بلو واقعي به پوليس جي کاتي جو مان،
شان ۽ عظيم سرمايو هو. هو پوليس جي نوجوان آفيسرن لاءِ پڻ مشعل راهه آهي.
(هلال پاڪستان، سنڌ،
مهراڻ، سنڌو، تعمير سنڌ، سچ، هلچل)
No comments:
راءِ ڏيندا