; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي - مير نادر علي ابڙو

10 December, 2012

ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي - مير نادر علي ابڙو

ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي
ٿر ۽ عمرڪوٽ جو مسيحائي ڪردار
مير نادر علي ابڙو
آئون سنڌ جي ڪهڙي به ڪنڊ ڪڙڇ شهر ۾ هجان پر هر وقت اُنهيءَ شهر ۾ پلجندڙ تاريخ ساز انسانن جي ڳولا ۾ هوندو آهيان ۽ انهن ساڻ پنهنجي روح جا لاڳاپا جوڙي ڪچهرين کي اوليت ڏيندو رهيو آهيان. انهن انسانن مان هميشه مون ڪجهه پرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهي انسان اسان جي سنڌ جو لازوال خزانو آهن. جن کي ڳولهي لهڻ انهن جي سهائتا ڪرڻ اسان تي فرض ٿو ٿئي، جڏهن آئون بطور سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن جي شهدادڪوٽ کان بدلي ٿي عمرڪوٽ پهتس ته اتي مون کي اهڙو ئي ٿر ڄائو مسيحائي انسان نظر آيو، جنهن جو نالو عمرڪوٽ سميت سموري ٿر ۾ تمام وڏي احترام  سان ورتو ٿو وڃي. اهو پاڻ ۾ هزارين داستان سانڍي ويٺو آهي. پر ڪڏهن ڪنهن پير ۽ مير جي حاضري ناهي ڀريندو. اهو ميسحائي انسان ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي جن آهن، جن جو تعلق سنڌ جي امر ڪردار ماروي جي ديس عمرڪوٽ سان آهي، پاڻ لازوال بي مثال خصوصيتن جا مالڪ آهن. عمرڪوٽ کان ويندي ٿر تائين سندن جو وڏو نانءُ آهي. خاص طور تي هتي جي ريتن رسمن ڪلچر جي حوالي سان تما م  وڏي ناليج اٿس. وڏي ڪوشش بعد ساڻس ملاقات ٿي، پاڻ انتهائي حسرت ڀريل نگاهن سان منهنجو آڌر ڀاءُ ڪيو هئائين. اهو ان لاءِ نه ته ڪو آئون اينٽي ڪرپشن جو سرڪل آفيسر هئس پر ان لاءِ جو آئون ڪامريڊ تاج محمد ابڙي مرحوم جو فرزند هئس. ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي کان پهرين قرب ڀري ڪچهري کان پوءِ نه ڄاڻ ايئن محسوس ٿيو ته هي اهو ئي انسان آهي جنهن جي منهنجي روح کي سالن کان تلاش هئي. دل چاهيو هو ته هن جي احترام ۾ ايترو ڪجهه ڪري وڃان ۽ ماڻهن کي اهو احساس ڏياريان ته پنهنجي وڏن جو احترام ڪيو ۽ انهن کي سڃاڻو. ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي سان پهرين ملاقات بعد هن سان منهنجو گهريلو ناتو جڙي ويو. هن مون کي عزت ڏيندي پنهنجي پٽ جي حيثيت ڏني، جيڪا مون لاءِ انتهائي فخر جهڙي ڳالهه آهي. عمرڪوٽ جڏهن به وڃڻ ٿئي ٿو، تڏهن پهريائين حاضري ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي جن جي ڀربي آهي. تنهن بعد ٻئي سنگت.


ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي عمرڪوٽ جي هر گهر کي پنهنجو سمجهندو آهي ۽ شهر جي هر ماڻهوءَ کي ايئن سڃاڻي جهڙو هو هن جي گهر جو فرد هجي پراڻا شهري سندن کي جيءَ ۾ جايون ڏين ٿا، پاڻ عمرڪوٽ ٽائون ڪميٽي جا چيئرمين به رهيا ۽ انهيءَ زماني جا ڪيل سندن ڪم اڄ به عمرڪوٽ جي عوام جي دلين تي ڇانيل آهن. پاڻ عمرڪوٽ ۾ ٽائون ڪميٽي جا چيئرمين رهڻ دوران سنڌ جي امر ڪردار روحل فقير جي نانءُ پويان جرنل بس اسٽينڊ تعمير ڪرايو ۽ گڏوگڏ شهرين جي تفريح جي ضرورتن کي مدِ نظر رکندي پبلڪ پارڪ عمرڪوٽ به تعمير ڪرايائين ۽ ان دؤر  ۾ پاڻ عمر ڪوٽ شهر ۾ روڊن جو ڄار وڇايو ۽ هر ڪم ۾ اڳ ڀرا نظر آيا. اهو ئي نه پر ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي جن ٿر جي ثقافت کي ٻاهرين ملڪن ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ عمرڪوٽ جي تاريخي قلعي ۾ هڪ ملڪي سطح جو ميلو به لڳايو، جنهن ۾ ٿر جي هنر کان ويندي هر ڪا تاريخي شيءِ ڏسڻ جهڙي هئي ۽ هن ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي سفيرن ۽ سياحن شرڪت ڪئي هئي، انهيءَ کان علاوه پاڻ کي سماجي خدمتن  عيوض لاتعداد ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن، پر هي ماڻهو ڪڏهن به ٿڪو ناهي هر وقت چست چوبن ۽ ڪم جي لاءِ تيار آهي. سمهندي مهل به هن جو ذهن جاڳندو آهي. هي هر وقت پنهنجي علائقي جي غريب ٿري ماروئڙن لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ خاطر سوچي ٿو. سندس گهر ۾ ٿري هنر جا لاتعداد نمونا ۽ ثقافتي رنگ پيل آهن. جيڪي هن کان آرڪيالاجي کاتي عمرڪوٽ وارن به عمرڪوٽ جي قلعي واري ميوزيم ۾ رکڻ لاءِ گهريا هئا پر پاڻ اهو  چئي جواب ڏنو هو ته اوهان وٽ انهن شين جي حفاظت ناهي.
پاڻ انسانيت سان تمام وڏي همدردي رکي ٿو ۽ بغير ڊگري هجڻ جي به سنڌ جي چند وڏن ڊاڪٽرن ۾ سندن شمار ڪيو ٿو وڃي. اڄ به جڏهن ڪو مريض لاعلاج ٿيندو آهي ته آخري گهڙين ۾ اهو ئي انسان انهيءَ جي جيون دان جو وسيلو بڻبو آهي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي هيل تائين هي انسان موت جي مُنهن مان ڪڍي چڪو آهي. سندن جي اسپتال مان جيڪا ڪمائي ٿئي ٿي اهو پاڻ رکڻ بجاءِ ٽي بي اسپتال عمرڪوٽ کي ڏيندو آهي، جنهن ۾ عمرڪوٽ ۽ ٿر جي ٽي بي ۾ ورتل مريضن جو مفت ۾ علاج ڪيو ٿو وڃي ۽ پاڻ ٽائيم جا انتهائي پابند آهن. ادبي پروگرام هجي يا سماجي پر ٽائيم تي پهچڻ هن جي ڪمزوري آهي. جڏهن سندن گهر واري لاڏاڻو ڪري وئي، تڏهن به پاڻ مريضن کي ڏسڻ ۾ مشغول هئا ۽ جڏهن مون کيس چيو هو ته ڊاڪٽر صاحب هلي تڏي تي ويهو. تڏهن پاڻ ورندي ۾ چيائين ته “مرڻ واري مري وئي پر آئون ڪجهه جيئرن لاءِ ڪرڻ ٿو چاهيان.”
پاڻ واقعي به بي مثال لاجواب امراڻي جا وڏي دل رکندڙ امر انسان آهن. جي عمرڪوٽ مان سياسي حوالي سان سيد مظفر حسين شاهه ۽ سماجي حوالي سان ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي جو نالو ڪڍيو وڃي ته باقي ڪجهه نه رهندو، بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جڏهن سيشن جج اڳوڻي ٿر پارڪر ضلعي جا هئا ته مون کي اڪثر ڪچهرين ۾ چوندا هئا ته سنڌ جي اصل ثقافت جا رنگ ٿر ۾ سمايل آهن، جيڪا ڳالهه اڄ سمجهي چڪو آهيان. ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي تي سندن جيون ۾ ڪجهه لکڻ جي تمنا هئي، سا اڄ پوري ٿي آهي ۽ آئون دعاگو آهيان ته شل الله پاڪ ٿر جي هن لاڏلي مهان ماڻهو ۽ ميسحائي انسان کي اڃا به وڏو جيون عطا فرمائي ۽ ايئن ئي هن جي دم سان ٿر ۽ امراڻي جون رونقون تاحيات قائم دائم ۽ زنده رهن.

(عوامي آواز، عبرت، سڪار، هلال پاڪستان، خبرون، سنڌو ڊائجسٽ، هلچل، سوڀ)


ڊاڪٽر هرچند راءِ
عوامي خدمتگار
مير نادر علي ابڙو
هن ڌرتي تي اهڙن مهان انسانن جنم ورتو جن جو اعتراف ڪندي وفاقي حڪومت اهو تحرير ڪيو آهي ته ڊاڪٽر هرچند راءُ لکاڻي سنڌ جي علائقي ٿر جي نامور سماجي شخصيت آهي. انهن صحت ۽ ثقافت جي شعبي ۾ تمام گهڻو جاکوڙيو آهي. سنڌ جي مختلف علائقن ۾ بطور ميڊيڪل آفيسر بڻجي مفت ميڊيڪل ڪئمپون لڳايون. ريٽائرمينٽ بعد به اهو ڪم جاري رکيو. تنهن کانپوءِ ناياب ثقافتي شيون، گڏ ڪرڻ انهن کي محفوظ بڻائڻ، نمائشون لڳائڻ سان گڏ پراڻي دور جون ناياب شيون. انهي زماني جا زيور، هٿ جي هنر ۽ ٻيا کوڙ سارا ثقافتي رنگ وٽن سهيڙيل آهن. پاڻ پنهنجي پاڻ تحت انهن شين جي نمائش جا اسٽال به مختلف شهرن ۾ لڳائيندو رهيو آهي ۽ هاڻ انهن ناياب شين تي تحقيق ڪري پيو جيڪي هينئر زوال پذير آهن. سماجي ميدان ۾ خدمتن جي نمايان مقام رکڻ تي انهي جي اعتراف ۾ مڃتا طور صدر اسلامي جمهوريه پاڪستان ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي کي تمغه امتياز جو اعزاز ڏنو.
هي اهي لفظ آهن جيڪي سندن جي شخصيت لاءِ وفاقي گورنمينٽ تحرير ڪيا. جيڪي حقيقي طور تي تمام وڏي اهميت جا حامل آهن. سندن نالو ٿر ۾ تمام وڏي احترام سان ورتو وڃي ٿو. پاڻ پنهنجي پاڻ ۾ هزارين داستانون سانڍي ويٺو آهي. سندن تعلقه سنڌ جي امر ڪردار مارئي جي ديس امرڪوٽ سان آهي. سندن جي شخصيت ۾ بي پناهه صلاحيتون شامل آهن. سندن نالو خاص طور تي ٿر ۾ وڏي احترام کان ورتو ٿو وڃي. وٽس هتي جي ريتن رسمن ڪلچر جي حوالي سان وڏي ڄاڻ اٿس. سندن پهرين ڪچهري ۾ مون اهو محسوس ڪيو ته منهنجي روح کي سالن کان هن انسان جي تلاش هئي. دل ڪجهه پل لاءِ اهو چاهيو ته هن جي احترام ۾ ايترو ڪجهه ڪري وڃان جو ماڻهو مثال ڏين. ساڻس پهرين ملاقات بعد منهنجو ساڻس گهريلو ناتو جڙي ويو ۽ مون جهڙي انسان کي انهن پٽ جي حيثيت ڏني جيڪا مون لاءِ باعث فخر آهي. اڄ به جڏهن سندن وٽ وڃڻ ٿئي ٿو ته اهو ئي قرب اڳي وارو ملي ٿو. سندن اها وڏي خصوصيت آهي ته عمرڪوٽ جو هر شهري سندس پنهنجي گهر جي ڀاتين وانگر سڃاڻي ۽ کيس جيءَ ۾ جايون ڏين ٿا.
ڊاڪٽر هرچند راءِ لاکاڻي، عمرڪوٽ ٽائون ڪميٽي جو چيئرمين به رهيو. سندن هن دور ۾ ڪيل ڪم جا اڄ به ماڻهو مثال ڏين ٿا. پاڻ هن دور ۾ روحل فقير جي نالي پويان جنرل بس اسٽاپ تعمير ڪرايو. شهرين جي تفريح کي منظر رکندي پبلڪ پارڪ عمرڪوٽ ۾ تعمير ڪرايائين ۽ شهر ۾ روڊن تي ڄار وڇايائين. هو هر ڪم ۾ اڳڀرو نظر ٿر جي ثقافت کي ٻين ملڪن ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ عمرڪوٽ جي تاريخي قلعي ۾ ملڪي سطح جو ميلو به مچايو جنهن ۾ ٿر کان ويندي راجسٿاني ڪلچر جا سمورا رنگ پسڻ جهڙا هئا. هن ميلي ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي سياحن شرڪت ڪئي هئي. ڊاڪٽر صاحب کي سماجي خدمتن عيوض لاتعداد ايوارڊ ۽ سرٽيفيڪيٽ هيل تائين ملي چڪا آهن پر هي ڪڏهن به ٿڪو ناهي. هر وقت چست چوبند ۽ ڪم جي لاءِ تيار آهي. سمهندي مهل به سندن ذهن جاڳ ۾ هوندو آهي. هر وقت پنهنجي پٺتي پيل علائقي جي غريب ماروئڙن کي خوش ڪرڻ خاطر سوچي ٿو. سندن گهر ۾ ٿري هنر جا لاتعداد نمونا ۽ ثقافتي رنگ چٽيل آهن. جيڪي هن عمرڪوٽ جي آرڪيالاجي کاتي وارن عمرڪوٽ جي قلعي ۾ موجود ميوزيم ۾ رکڻ لاءِ گهريا پر پاڻ اهو ئي چئي جواب ڏنو ته اوهان وٽ انهن شين جي حفاظت ناهي. سندن وٽ انسانيت جي تمام وڏي قدر آهي هو سنڌ جي چند وڏن ڊاڪٽرن ۾ شمار ڪيو ٿو وڃي. اڄ به  ڪو مريض جڏهن لاعلاج ٿيندو آهي ته آخري گهڙين ۾ اهو ئي انسان انهي جي جيوندان جو وسيلو بڻبو آهي ۽ هيل تائين ڪيترن ئي ماڻهن کي هي موت جي منهن مان ڪڍي چڪو آهي. سندن اسپتال مان جيڪا ڪمائي ٿئي ٿي اها پاڻ رکڻ بجاءِ عمرڪوٽ جي ٽي بي اسپتال کي ڏيندو آهي. جنهن ۾ ٿر ۽ عمرڪوٽ ۾ ٽي بي ۾ ورتل مريضن جو مفت علاج ڪيو ٿو وڃي. پاڻ وقت جو انتهائي پابند ڏسجڻ ۾ آيو آهي. وقت تي پهچڻ سندن سڀ کان وڏي ڪمزروي آهي. پاڻ هر پل جستجو واري جيون مان گذرندو نظر اچي ٿو. جيڪر عمرڪوٽ مان سماجي حوالي سان ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي جو نالو ڪڍجي ته باقي ڪجهه به نه رهندو. بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جڏهن سيشن جج ٿرپارڪر هو ته مون کي اهو چوندو هو ته سنڌ جي ثقافت جا اصل رنگ ٿر جي علائقي ۾ ڏسجڻ ۾ ملن ٿا.  ڊاڪٽر هرچند راءِ سان ملي مون کي اهي لفظ سچ سمجهه ۾ آيا.


ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاني
ناميارو سماج سڌارڪ
ڀڳوانداس کتري عمرڪوٽ
عالمي سطح تي سماجي خدمتن عيوض مڃتا ايوارڊ ماڻيندڙ ناميارو سماج سڌارڪ ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاني (۹۸) ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري ويو. (۲۲) ڏينهن تائين حياتي سان جنگ جوٽيندڙ ڊاڪٽر هرچند راءِ جو، ۱۴ مارچ ۲۰۱۳ع تي شام ساڍي ڇهين وڳي، ساهه جو سڳو ٽٽي پيو. ڊاڪٽر هرچند راءِ جي ديهانت جو ٻڌي، سوين شهري سندس گهر پهچي ويا، جڏهن ته سڄو شهر سوڳ ۾ بند رکيو وي آهي. ڊاڪٽر هرچند راءِ جي ۱۲ فيبروري تي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي، جنهن بعد نيم بيهوشي واري حالت ۾ بستري داخل  ٿيو.
سال ۱۹۱۵ع ۾ پرائمري استاد گرڌاري لال جي گهر ۾ جنم وٺندڙ هرچند راءِ لکاني ۱۹۴۰ع ۾ بمبئي مان (ايل سي پي اين ايس) ڊاڪٽري جي ڊگري حاصل ڪئي. سال ۱۹۴۲ع ۾ عمرڪوٽ شهر اندر، پنهنجي خانگي اسپتال قائم ڪئي ۽ ۱۹۴۴ع ۾ سرڪاري نوڪري مليس.
ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاني ۱۹۴۴ع کان ۱۹۵۹ع تائين عمرڪوٽ، سانگهڙ، سامارو، سڪرنڊ ۽ ٽنڊو محمد خان سرڪاري اسپتالن ۾ سب ميڊيڪل آفيسر طور فرائض سرانجام ڏنا.
سال ۱۹۵۹ع ڌاري سرڪاري نوڪري ڇڏي، عوام جي خدمت شروع ڪئي. اڌ صدي کان وڌيڪ غريب ۽ بي سهارا ماڻهن جي خدمت ڪرڻ عيوض ڪيترا ئي ايوارڊ مليا. ڊاڪٽر هرچند راءِ نامياري سماج سڌارڪ سان گڏ ايشيا جو ماهر ڊاڪٽر پڻ هو. اڳوڻي صدر جنرل پرويز مشرف ۲۰۰۷ع ۾، سماجي خدمتن عيوض، تمغه امتياز سان نوازيو.
ڊاڪٽر هرچند راءِ عمرڪوٽ ٽائون ڪميٽي جو پنج سال چيئرمين پڻ رهيو ۽ سندس دور ۾ عمرڪوٽ شهر اندر رڪارڊ ترقياتي ڪم ٿيا. ڊاڪٽر هرچند راءِ ۱۹۸۵ع جي غير جماعتي بينادن تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ اقليتن جي سيٽن تان چونڊ وڙهي. ڊاڪٽر هرچند راءِ وٽ ملڪ جي ڏورانهن علائقن مان مريض علاج لاءِ ايندا هئا. ڊاڪٽر هرچند راءِ پاران مريضن کان ملندڙ فيس، عمرڪوٽ ۾ فلاحي اداري پاران هلندڙ ٽي بي سينٽر کي ڏني ويندي هئي.
سرڳواسي ڊاڪٽر هرچند راءِ پنهنجي زندگي ۾ ڪنهن ننڍي توڙي وڏي کي ويهي هٿ نه ڏنو. ڊاڪٽر هرچند راءِ سوڳوارن ۾ (۳) پٽ شهديو، مهاديو ڀارت ۾ رهائش پذير آهن. جڏهن ته سندس هڪ نوجوان پٽ جئه ديو ديهانت ڪري ويو ۽ هڪ ننڍو پٽ مهندر ديو عمرڪوٽ ۾ رهي ٿو، کيس پنج نياڻيون پڻ آهن.



ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي
حقيقي عوام دوست ڪردار
حاجي گل حسن آريسر
اڄ هتي هڪ اهڙي حقيقي انسانيت جي خدمت ڪندڙ، سچ جي علمبردار ۽ سماج سڌارڪ سرڳواسي ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي جو ذڪر ڪريان ٿو، جيڪو سياست ۽ سماج ۾ تبديلين لاءِ جدوجهد ڪندڙ ۽ سماج جي بهتري لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ انسان هو. ساڳي وقت ڊاڪٽري مسيحا پيشي سان لاڳاپيل هجڻ باوجود پنهنجي پيشي سان ثابت قدم رهيو، اڄ جي ڊاڪٽرن وانگر نه جيڪي مفادن خاطر انساني حياتين سان کيڏيندي دير نٿا ڪن. ڊاڪٽر هرچند راءِ وٽ ائين نه هو. سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن جو مفت علاج ڪندو هو ۽ سندس پرائيويٽ اسپتال ۾ ايندڙ مريضن جو سستو ۽ درست علاج ٿيندو هو. 5 پئسن واري گوري ۾ فائدو سمجھندو هو ته ان کي 5 روپين واري دوا لکي نه ڏيندو هو. وڏي ڳالهه ته بيماري کي سڃاڻڻ وارو جڏهن هتان جا مريض حيدرآباد ڪراچي وڃي نامور اسپيشلسٽ کي ڳريون فيون ڀري ڏيکاريندا هئا ته اهي ماهر سرجن جو مريض کان پهريون سوال اهو هوندو ته عمرڪوٽ کان آيو آهين اتي ته ڊاڪٽر هرچند راءِ ويٺو آهي ڇا ان کي ڪو نه ڏيکاريو آهي. ڊاڪٽر هرچند راءِ جا شاگرد ڪم ڪندڙ بعد ۾ ڊاڪٽر تي نالو به ڪمايو ۽ خوب پئسو به حيدرآباد جي ناليواري ڊاڪٽر بيکارام ۽ ٻيا وغيره وغيره ٿر جي ڀٽن وچ ۾ هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڪيتا ۾ سن 1915ع ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي ڊاڪٽري پاس ڪري ڊاڪٽر ٿيڻ کانپوءِ هن هن عمرڪوٽ کي آخري رهائش گاهه بڻايو ان گهر کي به مسافرخانو ”رين بسيرا“ چوندو هو. ڊاڪٽر صاحب جي پڇاڙي واري دور يعني تقريبن 6-7 سال رڳو مون ڊاڪٽر هرچند راءِ جي ڪردار بابت هن جي پٽ مهيندر ديو کان ڄاڻ وٺي عمرڪوٽ ۾ ٽي بي جي مريضن لاءِ ٽي بي اسپتال عمرڪوٽ کي هر سال 10 هزار روپين جو فنڊ ڏيڻ جو ڊاڪٽر صاحب بابت لکيل ۽ شايع ڪرايل ڪالم ۾ ذڪر ڪيو، ڇاڪاڻ جو ڪجھ سال اڳ ۾ واقعي ڊاڪٽر هرچند راءِ ٽي بي اسپتال کي 10 هزار روپيه جو فنڊ ڏيندو هو پر هن وقت ڪو نه ڏيندو هو مون ته پٽ مهيندر ديو جي چوڻ موجب ذڪر ڪري ڇڏيو. بس هُن ڪالم کي پڙهڻ بعد ڊاڪٽر  ناراض ٿي ويو ناراضگي جي حد نه رهي بس هاڻي نوجوان ته توهان جي پٽ مهيندر ديو ڄاڻ ڏني ته مهيندر ديو جو خير نه هو، انڊيا موڪلي هان مون پاڻ تي رهايو، اڳيان حوالا ڏنا مانس هاڻي ٻڌايو ته ان کان وڌيڪ سچو ماڻهو ڪهڙو ٿيندو؟ اڄ ڪلهه ته سستي شهرت وارا گند مان گل ڪند بنائڻ وارا هڙان وڙان خرچ ڪري ميڊيا ۾ پاڻ کي تيس مار ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن جيڪي ڪجھ به ڪو نه هوندا آهن ماءُ جو واکاڻ وارو پٽ سپوت نه هوندو آهي، جنهن کي جڳ واکاڻي اهو هوندو.
سو اڄ ڪلهه ميڊيا جا دوست ذاتي مفادن سبب ميڊيا ۾ خرابي کي گل قند بنائيندا رهن ٿا سرڳواسي حياتي جون 98 بهارون ماڻيو پر ان هوندي به صحتمند زندگي گذاري. هر ادبي سماجي سياسي ميڙاڪي وغيره ۾ دعوت ملندي هيس ته پڇاڙي جو پاڻ کڻائي به اتي پهچندو هو. سنڌ جي ثقافت جو ماڻڪ موتي ثقافتي تقريبن ۾ چاهي عمرڪوٽ جي قلعي ۾ هجي يا ٻئي ڪنهن ثقافتي هنڌ تي ڊاڪٽر هرچند راءِ جو ثقافتي اسٽال ضرور لڳل هوندو هو، خصوصي طور ٿر جون نشانيون اٺن ۽ گهوڙن جا سنج، پاکڙا رليون، ٿر جون لويون ۽ ٻيون بيشمار ٿري کٿا ۽ انمول شيون اسٽال جون سينگار هونديون هيون. اڄ سرڳواسي ڊاڪٽر هرچند راءِ جي ياد ان ڪري اچي ٿي ته سنڌ سان پيار ڪندڙ شهيد راڻي جو پٽ بلاول ڀٽو سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ موئن دڙي کان سنڌ فيسٽيول ملهائڻ جي ابتدا ڪئي ته ڊاڪٽر هرچند راءِ زنده هجي ها ته هو سرڳواسي اهي ثقافتي سوکڙيون کڻي موئن جي دڙي ضرور پهچي ها. سنڌ جي محبت جو هڪ ٻيو ثبوت هي آهي ته سرڳواسي کي اڻ خبري ۾ سرمائيدار سمجھي سفيد پوشي سبب ڌاڙيلن اغوا ڪيو جڏهن ڌاڙيلن کي خبر پئي ته ڊاڪٽر هرچند راءِ اهو آهي ته ڌاڙيلن چيو چاچا اوهان جي اسان کي ضرورت آهي. اوهين فقط غريب اسان ماڻهن جو علاج ڪجان بس. ڊاڪٽر ڌاڙيلن کي چيو ته مون کي ٻڌايو ته توهان سنڌي آهيو ته پوءِ سنڌي ماڻهن کي اغوا ڪري ڦرلٽ ڪريو ٿا، ڌاڙيلن مڃيو. واقع سچ ٿا چئو پر اسان جي مجبوري آهي. سماج ۾ تبديلي لاءِ پاڻ جاکوڙيو آهي. اهڙي طرح ڊاڪٽر هرچند راءِ جنهن کي ”ڇوڏو“ چوندا هئا، مڙڻ وارو نه هو سو ڊاڪٽر سياست ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ ڪافي دفعا قومي صوبائي اسميبلين ۽ لوڪل باڊيز جي چونڊن ۾ حصو ورتو. عمرڪوٽ ٽائون ڪميٽي جو چيئرمين به ٿيو. ترقياتي ڪم ڪرايا ۽ مدو پورو ڪرڻ وقت ٽائون ڪميٽي عمرڪوٽ جو خزانو لکين روپين سان ڀريل ڇڏيو، ڪا به عوامي بجيٽ جي پئسي ۾ هيرا ڦيري نه ڪئي. ڳالهه اڄ به ڳائجي پئي ملڪ جي معروف قانوندان علي احمد بروهي ۽ اڳوڻي سيشن جج ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ ٻين اعليٰ شخصيتن سان گهرو واسطو به هوندو هو.

No comments:

راءِ ڏيندا