; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر هرچند راءِ، لکاڻي، ٿر، عمرڪوٽ، مير نادر علي ابڙو، ڀڳوانداس کتري، حاجي گل حسن آريسر،
Showing posts with label ڊاڪٽر هرچند راءِ، لکاڻي، ٿر، عمرڪوٽ، مير نادر علي ابڙو، ڀڳوانداس کتري، حاجي گل حسن آريسر،. Show all posts
Showing posts with label ڊاڪٽر هرچند راءِ، لکاڻي، ٿر، عمرڪوٽ، مير نادر علي ابڙو، ڀڳوانداس کتري، حاجي گل حسن آريسر،. Show all posts

10 December, 2012

ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي - مير نادر علي ابڙو

ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي
ٿر ۽ عمرڪوٽ جو مسيحائي ڪردار
مير نادر علي ابڙو
آئون سنڌ جي ڪهڙي به ڪنڊ ڪڙڇ شهر ۾ هجان پر هر وقت اُنهيءَ شهر ۾ پلجندڙ تاريخ ساز انسانن جي ڳولا ۾ هوندو آهيان ۽ انهن ساڻ پنهنجي روح جا لاڳاپا جوڙي ڪچهرين کي اوليت ڏيندو رهيو آهيان. انهن انسانن مان هميشه مون ڪجهه پرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهي انسان اسان جي سنڌ جو لازوال خزانو آهن. جن کي ڳولهي لهڻ انهن جي سهائتا ڪرڻ اسان تي فرض ٿو ٿئي، جڏهن آئون بطور سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن جي شهدادڪوٽ کان بدلي ٿي عمرڪوٽ پهتس ته اتي مون کي اهڙو ئي ٿر ڄائو مسيحائي انسان نظر آيو، جنهن جو نالو عمرڪوٽ سميت سموري ٿر ۾ تمام وڏي احترام  سان ورتو ٿو وڃي. اهو پاڻ ۾ هزارين داستان سانڍي ويٺو آهي. پر ڪڏهن ڪنهن پير ۽ مير جي حاضري ناهي ڀريندو. اهو ميسحائي انسان ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي جن آهن، جن جو تعلق سنڌ جي امر ڪردار ماروي جي ديس عمرڪوٽ سان آهي، پاڻ لازوال بي مثال خصوصيتن جا مالڪ آهن. عمرڪوٽ کان ويندي ٿر تائين سندن جو وڏو نانءُ آهي. خاص طور تي هتي جي ريتن رسمن ڪلچر جي حوالي سان تما م  وڏي ناليج اٿس. وڏي ڪوشش بعد ساڻس ملاقات ٿي، پاڻ انتهائي حسرت ڀريل نگاهن سان منهنجو آڌر ڀاءُ ڪيو هئائين. اهو ان لاءِ نه ته ڪو آئون اينٽي ڪرپشن جو سرڪل آفيسر هئس پر ان لاءِ جو آئون ڪامريڊ تاج محمد ابڙي مرحوم جو فرزند هئس. ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي کان پهرين قرب ڀري ڪچهري کان پوءِ نه ڄاڻ ايئن محسوس ٿيو ته هي اهو ئي انسان آهي جنهن جي منهنجي روح کي سالن کان تلاش هئي. دل چاهيو هو ته هن جي احترام ۾ ايترو ڪجهه ڪري وڃان ۽ ماڻهن کي اهو احساس ڏياريان ته پنهنجي وڏن جو احترام ڪيو ۽ انهن کي سڃاڻو. ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي سان پهرين ملاقات بعد هن سان منهنجو گهريلو ناتو جڙي ويو. هن مون کي عزت ڏيندي پنهنجي پٽ جي حيثيت ڏني، جيڪا مون لاءِ انتهائي فخر جهڙي ڳالهه آهي. عمرڪوٽ جڏهن به وڃڻ ٿئي ٿو، تڏهن پهريائين حاضري ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي جن جي ڀربي آهي. تنهن بعد ٻئي سنگت.