; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر عاشق حسين بدوي - نصير سومرو

02 December, 2012

ڊاڪٽر عاشق حسين بدوي - نصير سومرو

ڊاڪٽر عاشق حسين بدوي
ھيئن گذري ته ڇا، ھونئن گذري ته ڇا
نصير سومرو
ٿياسافي هال ۾ ويٺا هئاسون. بين المذاهب ليڪچر پروگرام ۾ حليم شرر تقرير ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر عاشق حسين بدويءَ کي ڪوٺ ڏني. هن جي ڳالهين ۾ تمام گهڻي گهرائي نظر آئي. الائجي ڇو ڪا ڳالهه دل ۾ کٽڪي رهي هئي.
ٻئي ڀيري اُواري ٽاور ۾ ٿياسافيءَ جي رٿيل پروگرام ۾ ڊاڪٽر عاشق حسين کي صوفي ازم تي ليڪچر ڏيندي ٻڌو. ان ليڪچر دوران پروجيڪٽر ذريعي ڪي تيار ڪيل سلائيڊز پڻ ڏيکاريائين. هن جي تحقيق موجب صوفي ازم جو ”اندر اجارڻ“ وارو فلسفو اسلام کان علاوه ٻين مذهبن ۾ پڻ ملي ٿو.


ڊاڪٽر صاحب اڪثر ڪري نَوَ عدد ٻوليون ڄاڻڻ جو ذڪر وڏي فخر سان ڪندو هو، جيتوڻيڪ سنڌي ادبي سنگت جي ڪارڪن اديبن جي نظر مان هن جون فقط سنڌيءَ ۽ اردو ۾ تحريرون گذريون. حياتي جي آخري ڏينهن ۾ ميڊيڪل ڊڪشنري انگريزي سنڌي مرتب ڪيائين ۽ هن جي چواڻي اها سنڌي لينگوئيج اٿارٽيءَ طرفان ڇپائي لاءِ منظور ڪئي وئي. منصور حلاج جو ڪتاب ”طوا سين“ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين ۽ اهو شاهه ولي الله اڪيڊميءَ طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. البت ٻڌايو هئائين ته ابن عربي جي ڪتاب ”فصوص الحڪم“ جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو اٿائين پر اهو سندس حياتيءَ ۾ ڇپجي پڌرو نه ٿي سگهيو. ڄاڻايل ڪم کان علاوه ڊاڪٽر صاحب پهريون ڪتاب چمڙيءَ جي بيمارين بابت لکيو ۽ ڇپرايو، ٻيو ڪتاب ”دنيا جون شاهڪار ڪهاڻيون“ ڇپائي پڌرو ڪيائين، هن ڪم مان لڳندو هو، ته کيس ترجمي جي ڪم جو تجربو آهي.
ڊاڪٽر عاشق حسين ذات جو بدوي هو، هو پنهنجي ذات البدوي سڏرائيندو هو. بدويءَ سان گڏ ”ال“ اچاريندي ڪاڪڙي ۾ سوڙهه محسوس ٿيندي هئي، البدوي نه لکڻ يا سڏڻ تي ناراض به ٿي پوندو هو ۽ ان وقت لڳندو هو:
سادا سادا خواب ڪيڏا
ڄڻ سدائين ٻار ماڻهو
مجموعي طور ڊاڪٽر صاحب جيترا خواب ڏٺا، انهن جي ساڀيائن لاءِ پري پري تائين پنڌ ڪيا ۽ آخر ۾ ڀٽائيءَ چواڻي، ”وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي.“ جنم ڀوميءَ جي مٽي پناهه ڏئي ٿي. هن ٽنڊو آدم ۾ جنم ورتو. ايم بي بي ايس ڪيائين. ملٽري ۾ نوڪري ڪيائين. ڪجهه عرصو لبيا آرمي ۾ ڪم ڪيائين. ٻن ڏهاڪن تائين ڪراچي ۾ مقيم رهيو. مختلف اين جي اوز ۾ خدمتون ڏنائين. ٻوڏ آئي ته هڪ اين جي او طرفان بدين ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ چمڙيءَ جي علاج واري فري ڪيمپ ۾ ڳپل ڏينهن سنڌي ماروئڙن جي ڪم آيو. اڪيلو رهندو هو ۽ اڪيلائيءَ ۾ اجل جو سامنو ڪيائين. خبر ناهي ته ڇو پنهنجي تڪليف جو بر وقت ڪنهن دوست يار کي اطلاع نه ڏئي سگهيو؟ پراسراريت تي لڳندڙ شخص جو انت به پراسرار نموني ٿيو، جيڪو ڇرڪائيندڙ آهي.
۱۹ آگسٽ ۲۰۱۲ تي ٻاڪري عيد واري چنڊ رات جو، پوليس کي ڪنهن اطلاع ڏنو؛ ڊاڪٽر عاشق حسين جو ڪمرو ٻه ٽن ڏينهن کان بند آهي. هوٽل جي ڪمري جو در ڀڳو ويو ۽ بدوي جي ڀاءُ ۽ ڀيڻ کي اطلاع ڪيو ويو، جن اچي مڙهه ايڌي سينٽر مان وصول ڪيو. جسد خاڪيءَ کي ٽنڊو آدم ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. هن دردناڪ پڄاڻيءَ بابت ڪيئن چئجي ته هن ڪيڏي پيڙا سٺي هوندي. انسان جو ”ڄمڻ“ ۽ ”مرڻ“ ٻه معمول جا واقعا جي رونما ٿيا ۽ بس.
ڊاڪٽر صاحب پڙهيو لکيو انسان هو. پڙهيل لکيل جي ڀيٽ ۾ وڏڙن جي وٿ، حياتي گذاريندڙن جي گهر گرهستي جو هڪ الڳ چيپٽر آهي. علم، تجربو ۽ جيڪڏهن شڪل صورت موچاري آهي ته زال مڙس ۾ مها ڀارت شروع ٿي وڃي ٿي. ڪير مڃي ته مان گهٽ!! ڪچهريءَ ۾ محسوس ائين ڪرائيندو هو ته شادي ڪا نه ڪئي اٿائين، پر هن جي ڀيڻ مسمات ياسمين چواڻيءَ هن جو گهر ٽٽي ويو ۽ هڪ پٽ جوان اٿس.
هينئر ڊاڪٽر صاحب اسان ۾ موجود ڪونهي پر هن جا گفتا ۽ ٽهڪ ساروڻين ۾ سدا ساوا رهندا. هن جي حياتيءَ جو ”البيلو نمونو“ جڳ مشهور وجودي ڪردارن ”هپي“ ۽ ”بوهيمن“ سان ملندڙ جلندڙ هو. انهن ڪردارن ۾ کٽڻ ۽ هارائڻ کان ماورا شخصي آزاديءَ جو دخل گهڻو هوندو آهي. ڳوٺن جي ڀيٽ ۾ شهرن ۾ هپي ۽ بوهيمن جو ڳاڻاٽو سرس آهي. شخصي آزاديءَ جي چونڊ حالتن جي جبر جو نتيجو آهي ۽ خاص طرح حساس ماڻهوءَ جا جڏهن خواب ٽٽن ٿا ته هو پنهنجي گفتار ۽ ڪردار ۾ رد اثر جو شڪار ٿيو پوي. ان مهل زندگي ظالم شڪل ۾ آڏو اچي بيهي ٿي ۽ متاثر شخص وڌيڪ جيئڻ بدران موت جو متمني ڏسجي ٿو. پوءِ جي هئين گذري ته ڇا ۽ جي هونئن گذري ته ڇا...

No comments:

راءِ ڏيندا