رزاق مهر
هڪ سج جيڪو الهي
ويو!
مير نادر علي ابڙو
سال ۱۹۸۷ع ڌاري، مون ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ داخلا ورتي. خبر پئي
ته؛ پاڪستان ٽيلي ويزن تي مشهور ڊرامه لکندڙ رزاق مهر هتي ليڪچرار آهي. وڏي شوق
سان وڃي ساڻس مليس. طبيعتًا ماٺيڻو ماڻهو، صبر تحمل وارو، ٿڌي زبان استعمال ڪندڙ،
ڪچهريءَ ۾ رڳو ادب تي پئي ڳالهايائين. ويٺس ته اٿڻ تي دل ئي ڪو نه پئي چيو. سندس
مٺڙي ڪچهريءَ پيرن ۾ ڄڻ زنجير وجهي ڇڏيا. اهڙيون ڪچهريون ساڻس ڪاليج ۾ تعليم دوران
ٿينديون رهيون. آخرڪار مون به تعليم مڪمل ڪري، لاڙڪاڻي ۾ ئي وڪالت شروع ڪئي ۽ پوءِ
جلد ئي وري اينٽي ڪرپشن ۾ سرڪل آفيسر ٿي ويس. هڪ دفعي مون وٽ رات جو رزاق مهر اچي
پهتو ۽ چيائين ته؛ ادا اسٽيٽ لائيف انشورنس ۾ ڪم ڪري رهيو آهيان. اوهان جيئن ته
سرڪل آفيسر آهيو ۽ اوهان جا لاڙڪاڻي ۾ ذاتي واسطا تمام گهڻا وسيع آهن. تنهنڪري
مهرباني ڪري پنهنجن دوستن يارن کي چوندا ته؛ مون کي پاليسيون ڏين. انهيءَ سلسلي ۾
مون کيس ڪجهه دوستن ڏانهن موڪليو، جن سندس مدد ڪئي.
مطلب
ته رزاق مهر ڏينهن رات پنهنجي حلال جي روزي ڪمائڻ ۾ رڌل رهيو. رزاق مهر، سنڌ جي
سياسي، سماجي، ادبي ۽ تاريخي شهر لاڙڪاڻي ۾ ۲۰ جولاءِ ۱۹۵۴ع تي مراد واهڻ محلي ۾ ڄائو. رزاق مهر ڪنهن جاگيردار
سرمائيدار گهراڻي جو ڪو نه هو، پر غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ هو. پنجن سالن جي
عمر ۾ سندس والد فوت ٿيو، جنهن بعد سندس چاچا سندس مٿان شفقت جو هٿ رکندا آيا.
پنهنجي محنت ۽ شوق ڪري ئي، هو ليڪچرار ٿيو. هن ننڍپڻ ۾ ڏاڍا ڏکيا ڏينهن به ڏٺا،
انهي ڪري هن هڪ دفعي ننڍپڻ ۾ خودڪشي جي ڪوشش به ڪئي پر وڏڙن جي سمجهائڻ تي هن
زندگي سان وري پيار ڪرڻ شروع ڪيو ۽ زندگي ۾ محنت ڪيائين ۽ پنهنجي محنت جي زور تي
ئي هن شخص ننڍي عمر ۾ ئي وڏي شهرت حاصل ڪري ورتي. سندس ادب سان بيحد پيار هو.
هن
پهرين ڪهاڻي ۱۹۷۴ع
ڌاري لکي. رزاق مهر کي پنهنجي ڌرتي جي غريب پيڙهيل طبقي سان وڏي محبت هئي. اهو ئي
سبب هو جو هن پنهنجي ڪهاڻي ۾ سنڌ ۽ سنڌين سان ٿيندڙ ناانصافين کي پيش ڪري هڪ تاريخي ڪم ڪيو. رزاق
مهر پهرين ڪهاڻي ”ڪرشن هاٿي جي اڳيان“ لکي ۽ سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”سڪون
ڪٿي آهي“ ۱۹۸۳ع ۾
ڇپيو.
هن کي
ننڍپڻ ۾ ئي فلمن ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. تنهن شوق ئي هن کان اسٽيج لاءِ به
ڪيترا ئي ڊراما لکرايا. ٽي وي لاءِ هن ۱۹۸۴ع کان ڊراما لکڻ شروع ڪيا. سندس لکيل ڊراما سيريل ”جياپو“
سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿي. سندس ٻي ڊراما سيريل ”وڇوٽيون“ بادل جمالي پيش ڪئي. ٽين ڊراما
سيريل ”پاتال“ هئي ۽ چوٿين ڊراما سيريل ”نبيرو“ جيڪا پڻ مشهور ٿي. هن ۵۰ جي لڳ ڀڳ ڪهاڻيون لکيون ۽ ۳۵ جي لڳ ڀڳ آرٽ پلي لکيا. ”ڏسي ڏکوئين کي“ جي عنوان تحت
ڪالم پڻ لکيا. سندس هڪ ناول ”ٽارچر ڪئمپ مان نڪرندڙ دانهن“ اڻ ڇپيل آهي.
سنڌي
ادبي بورڊ پاران ڪهاڻي ”آڙاهه“ ڪلچر ايسوسيئيشن پاران ڊرامي ”جياپي“ تي کيس ايوارڊ
ملي چڪا آهن. هن جا ٽي وي ڊراما؛ ۱. زندگي ڏانهن ڦيرو، ۲. ڇوٽڪارو ۽ ۳. راهه جو
پٿر، به تمام گهڻا مقبول ٿيا.
هن ئي
سنڌ ۾ پهريون وڏيرن طرفان قائم ڪيل نجي جيلن کي وائکو ڪيو، جنهن کان پوءِ ئي ڪيترن
وڏيرن جا نجي جيل ظاهر ٿيا. سندس ڊرامو ”فاصلو“، ڪراچي سينٽر تان رڪارڊ ٿيو آهي.
اردو ڊرامو سيريل ”تاريڪ راهون ڪي مسافر“ به رڪارڊ ٿيو آهي، جيڪو پڻ جلد پيش
ٿيندو.
رزاق
مهر جي سنگت تمام گهڻن ماڻهن سان هئي. جڏهن رزاق مهر ايندو هو ته محمد علي پٺاڻ
ساڻس ضرور گڏ هوندو هو. محمد علي پٺاڻ، منهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي زندگي
تي هڪ مضمون لکيو هو ۽ رزاق مهر کي به شوق هو ۽ چوندو ھيو ته؛ ”اوهان جي والد تي
مان به هڪ تفصيلي مضمون لکندس.“ مگر حياتيءَ وفا نه ڪيس ۽ هيءُ سنڌ جو نوجوان اديب،
شاعر، ڊراما نويس ۽ يارن جو يار، ايترو جلد اسان کان جدا ٿي ويو جو اهو وهم گمان ۾
به ڪو نه ٿو اچي.
اڄ
رزاق مهر اسان جي وچ ۾ ڪو نه رهيو آهي پر، هن جي ادب ۽ ٽيليويزن تي ڪيل خدمت،
هميشه هن کي زنده رکندي ۽ هن جو سنڌ جي تاريخ ۾ هميشه نالو سنهري لفظن ۾ زنده
رهندو.
”موت
شل موت پوئي اهڙا پيارا ماڻهو سنڌ کان جلد کسيو ڇڏين.“
(سچ، تعمير سنڌ،
عبرت، هلال پاڪستان، مهراڻ، هلچل، عوامي آواز، سنڌ)
No comments:
راءِ ڏيندا