شاهنواز جوڻيجو
سنڌ جو ڪلاسيڪل وڏيرو
مير نادر علي ابڙو
سنڌ
اوليائن ۽ بزرگن جي سرزمين طور ڏيهان ڏيهه مشهور آهي. هن ڌرتيءَ تي ڪجهه اهڙن
ڪردارن پاڻ ملهايو، جن کي وسارڻ باوجود به اهي چهرا سنڌي عوام جي ذهنن تان پردو
ناهي ڪري سگهندا. انهن چهرن مان سنڌ جو مهان چهرو چاچا مرحوم شاهنواز جوڻيجو به هڪ
آهي. هن جا عڪس اڄ به سنڌ جي هر طبقي جي نيڻن ۾ سمايل نظر ايندا آهن. هن سنڌ جي
وڏيرڪي طبقي ۾ ڪلاسيڪل وڏيري جي حوالي سان تمام گهڻي مشهوري ماڻي. منجهن بي پناهه
خوبيون ۽ صلاحيتون سمايل هيون. انتهائي محبتي ۽ بي پناهه پيار ڪندڙ انسان هو. هو
شروع کان آخر تائين انسانيت جي بقا لاءِ جهاد جاري رکندو آيو. هن ڪڏهن ڪنهن موڙ تي
ساهي نه پٽي. هن جي اندر ۾ محبت جو جذبو ۽ بي پناهه قوت هر وقت ڪنهن حاصلات ۾
پتوڙيندي نظر ايندي هئي. چاچا شاهنواز سان منهنجي پهرين ملاقات سن ۲۰۰۳ع ڌاري ٿي هئي. جڏهن آئون سرڪل آفيسر عمرڪوٽ هئس ۽
صوبائي صلاحڪار فقير محمد جادم منڱريو جي والده ماجده جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪرڻ لاءِ
سندس ڳوٺ ويو هئس ته اتي کائنس ڪجهه پلن لاءِ ڪچهري ٿي. بعد ۾ پاڻ مونکي ڳوٺ اچڻ
جي دعوت به ڏنائون. ساڻس اها منهنجي پهرين ۽ آخري ملاقات هئي. تنهن بعد زندگيءَ ۾
وري ڪڏهن اهڙو موقعو نصيب نه ٿيو. سياسي ميدان ۾ پاڻ ڪنهن کان پوئتي نظر نه آيو.
پاڻ سنڌ جي غريب عوام جي حقن حاصلات لاءِ سياست ۾ ڀرپور سياسي قوت سان لٿو ۽ مختلف
پارٽين ۾ رهيو. سياسي ميدان ۾ ساڻس وڏا وڏا
ليڊر به بحث ڪرڻ کان لنوائيندا هئا. پاڻ، سچو، کرو ۽ کير کان به وڌيڪ صاف شفاف
انسان هو. جيڪا ڳالهه سامهون ايندي هئي سا چئي ڏيندو هو. هن جي انهيءَ عادت ڪارڻ
ڪافي دوست رسندا به هيا پر پاڻ ڪڏهن به پنهنجي موقف ۽ اصولن تي سودو نه ڪندو هو ۽
نه ئي همت هاري. هو هر مامري کي هر وقت مڙس ٿي منهن ڏيڻ لاءِ سنبريو بيٺو هوندو
هو.
چاچا
شاهنواز خان جوڻيجي جي زندگي ۾ شروع کان آخر تائين عجيب رنگ رهيا. پاڻ گهوڙن جي
ريس کان ويندي ڪڪڙن جي ميل ۽ ڪتن جي شڪار جا به تمام وڏا شوقين هئا. غريب غربي جي
مدد ڪرڻ، کيس انصاف وٺرائي ڏيڻ، حق تي فيصلا ڪرائڻ، هر سڏ ۾ گڏ انهن ساڻ هجڻ هن جي
وڏي خوبي چئي ويندي هئي. هن جي اوطاق ڪچهري جي ڪوڏين لاءِ انتهائي راحت ڀري ثابت
ٿيندي هئي. هن ماڻهو ۾ فيصلا ڪرڻ جي جرئت ۽ ماڻهن کي مطمئن ڪرڻ جو بي پناهه فن هو.
انهن ئي ڳالهين جي ڪري سندس شخصيت سنڌ ۾ تمام گهڻي پذيرائي حاصل ڪئي ۽ سنڌي ماڻهن
کيس سنڌ جي ڪلاسيڪل وڏيري جو لقب ڏنو. اهو لقب هن لاءِ يادگار ثابت ٿيو. پر اڄ سنڌ
جو اهو ڪلاسيڪل وڏيرو اسان کان وڇڙي چڪو آهي، تنهن بعد وري ڪو اهڙو وڏيرو اسان کي
نظر نه آيو. جيڪو اهڙي پروقار شخصيت جو
مالڪ هجي. اڄ اسان وٽ وڏيري لفظ کان ماڻهو خوف کائين ٿا، ڇو جو ان لفظ کي زيادتين
جي حوالي سان تمام گهڻو ياد ڪيو ٿو وڃي، جنهن ڪارڻ هن لفظ جي اسان وٽ اهميت به ڪري
پئي آهي.
بابا
ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سان چاچا شاهنواز جوڻيجو جو انتهائي ويجهو لاڳاپو رهيو ۽
اڪثر پاڻ سندن ذڪر ڪندا هئا. هو اڄوڪي سنڌ جو اڪيلو ڪلاسيڪل وڏيرو هو. مونکي ائين
لڳي ٿو ته ڄڻ ڪالهوڪي ڳالهه آهي. اسان ماڻهو خوشنصيب ۽ سنڌ ڌرتي مهان آهي جنهن جي
پيٽ مان انهن ديوتا نما انسانن جنم ورتو، جن جا نغما اڄ پوري سنڌ ۾ جهونگاريا وڃن
ٿا، اهي ماڻهو اسان وٽ ناهن رهيا پر انهن جون يادون، خيال ۽ سپنا اسان جي چوگرد
گهمن ٿا ۽ اسان کي سندن هر هر يادگيريون
اچن ٿيون ته اوهان آهيو ڪٿي ۽ هي ڇا پيا ڪيو؟ اسان جو ڏنل درس ڇا اوهان کان وسري
ويو آهي؟ اهي ڳالهيون زندگي جي حسين لمحن ۾ سدائين يادن جي ٽياس تي ٽنگي ڇڏينديون
آهن.
اڄ
چاچا شاهنواز خان جوڻيجو جي ٻي ورسي آهي ۽ انهيءَ ڏينهن تي منهنجي سنڌ جي سمورن سڄاڻ
سلجهيل طبقن، اديبن، دانشورن، صحافين، سياستدانن، قلمڪارن ۽ سماجي اڳواڻن کي اها
وينتي آهي ته پنهنجي مهان ماڻهن کي سڃاڻو ۽ انهن جي پرگهور لهو، ڇو جو اهي چهرا
سنڌ جو لازوال خزانو آهن.
(تعمير سنڌ، خبرون،
هلال پاڪستان، سڪار، سنڌو، فيصلو، مقدمو ، هلچل، عبرت، ڪاوش)
شاھنواز جوڻيجو
سنڌ جي روايتن سان نڀائيندڙ ڪردار!
نور سنڌي
چاچو
شاهنواز جوڻيجو هڪ عام زميندار هو، ليڪن سندس رهڻي ڪهڻي، روزانو فيصلن لاءِ ايندڙ
سوين ماڻهن کي ماني کارائڻ کانسواءِ نه ڇڏڻ واريون روايتون علائقي توڙي سنڌ واسين
کان ڪڏهن به نه وسرنديون. شاهنواز جوڻيجو هڪ بهادر، بي باڪ، ارڏو ۽ ذهين شخص هو.
پاڻ سنڌ ۾ هڪ روايتي وڏيرو هو، جنهن سنڌ جي ثقافت سان آخري دم تائين نڀائيندو آيو،
جنهن ڪري کيس ڪلاسيڪل وڏيري جو لقب مليو.
شاهنواز
جوڻيجو سنڌ جي روايتي وڏيرن جيان ڀلن گهوڙن جي ڊوڙ، ملاکڙا ڏسڻ، بوسڪي يا اجرڪ جو
پٽڪو ٻڌندو هو. مهمان نوازي جو اهو عالم هو ته روزانو ڪم ڪارين لاءِ توڙي هر هفتي
فيصلن لاءِ ايندڙ سوين ماڻهن کي ماني کارائڻ کانسواءِ ڪونه ڇڏيندو هو. چاچو
شاهنواز جوڻيجو جي ڳالهائڻ جو انداز ئي نرالو هو، پرائي کي به پنهنجو ڪري ڇڏيندو
هو. اهو ئي سبب هو جو نه صرف علائقي جا پر سڄي سنڌ جا ماڻهو سندس عاشق هئا.
شاهنواز
جوڻيجو جون پ پ ۾ وڏيون قربانيون رهيون. پارٽي ۾ سندس رت، ست ۽ ڊگهي جدوجهد شامل
هئي. پ پ ۾ ڏنل قربانين ۾ 6 سالن کان وڌيڪ عرصو جيل ۾ رهيو. 1977ع ۾ شهيد ذوالفقار
علي ڀٽو خلاف سلطاني گواهه بنجڻ کان انڪار ڪرڻ تي کيس 6 حرن واري قتل ڪيس ۾ جيل موڪليو
ويو. ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ڀرپور نموني حصو وٺڻ ڪري کيس جيل موڪليو ويو، جڏهن ڄام
صادق علي خان سنڌ جو وڏو وزير ٿيو ته شاهنواز جوڻيجو کي پ پ کي ڇڏي ڄام گروپ ۾
شامل ٿيڻ لاءِ وڏيون پرڪشش آفرون ڏنيون ويون، پر پاڻ پ پ سان سچو رهندي اُهي آفرون
ٺڪرائي ڇڏيون ته ڄام صادق علي خان انتقامي ڪاررواين تي لهي آيو، کيس معاشي طور
تباهه ڪرڻ وارين ڪاررواين سان گڏ مٿس ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن مارائڻ وارن ڪيسن ۾ ڦاسايو
ويو ۽ کيس جيل موڪليو ويو. شاهنواز جوڻيجو نه جهڪڻ نه وڪامجڻ واري شخصيت هو، ڄام
صادق علي حياتي جي آخري ڏينهن ۾ شاهنواز جوڻيجو سان ملاقات ڪري اهو اعتراف ڪيو ته
شاهنواز جوڻيجو واقعي دلير، سورهيه، مڙس ماڻهو، اصول پرست، سچو سياستدان ۽ پنهنجي
پارٽي سان سچو ۽ وفادار آهي. حالانڪه ڄام دور ۾ چڱا ڀلا پ پ پ جا وڏيرا ڄام صادق
علي جي جوهه جلال جي سٽ نه سهي سگهيا ۽ پ پ ڇڏي ڄام گروپ ۾ شامل ٿي ويا.
پاڻ سنڌ
جي بزرگن جي ميلن ۾ يا عيد جي ڏينهن تي ٽنڊو آدم، ريس ڪورس ڪراچي ۽ لاهور ۾ پنهنجا
گهوڙا پاڻ ڊوڙائيندو هو، گهوڙي سواري ۾ پير سائين پاڳارو به سندس تعريف ڪندو هو.
شاهنواز جوڻيجو جي شوقن ۾ تترن جو شڪار به شامل هو، پاڻ اڪثر مخدوم امين فهيم،
مخدوم اعجاز مرحوم، مخدوم خليق الزمان ۽ ٻين سان گڏ تترن جا شڪار ڪيا ۽ جڏهن چاچو
شاهنواز دوستن ۾ ويهي شڪار جون ڳالهيون ڪندو هو ته ٻڌندڙ ائين محسوس ڪندا هئا، جهڙوڪ
تترن جي شڪار تي هو ساڻس گڏ هجن. سائين جي ايم سيد سندس پسنديده شخصيت هو. شاهنواز
جوڻيجو سنڌ ۽ سنڌ واسين جي حقن جي حاصلات ۽ سنڌ واسين سان ٿيندڙ زيادتين خلاف قوم
پرست پارٽين، تنظيمن پاران ٿيندڙ جلسن، جلوسن، احتجاجي مظاهرن، لانگ مارچن ۾ شريڪ ٿيندو
هو. عوامي تحريڪ پاران ڪالاباغ ڊيم خلاف لانگ مارچ ۾ ڀٽ شاهه ۾ سچ تي مبني ڪڙي
تقرير ڪرڻ ڪري جيل ۾ ويو. ايم آر ڊي جي تحريڪن ۾ سندس شاندار ڪردار رهيو. هن بهادر
عوام دوست ڪلاسيڪل وڏيرو شاهنواز جوڻيجو جي ساهه جي تند 14 جولاءِ تي صبح جو 4 وڳي
ڌاري سنگاپور جي هڪ اسپتال ۾ ٽُٽي پئي ۽ هو پنهنجي لکين چاهيندڙن کي ڇڏي حقيقي مالڪ
ڏانهن هليو ويو. شاهنواز جوڻيجو دم ڌڻي حوالي ڪرڻ کان اڳ سندس طبيعت اوچتو خراب ٿي
وئي، ڪراچي آغا خان اسپتال ۾ ٽيسٽن بعد خبر پئي ته کيس ڦڦڙن جو ڪينسر آهي، کيس
مخدوم امين فهيم ضروري ٽيسٽن ۽ علاج لاءِ دبئي وٺي ويو، جتي به سندس وڌيڪ ٽيسٽون ڪري
سنگاپور اسپتال جي هڪ اسپتال لاءِ ريفر ڪيو ويو. دبئي مان به مخدوم امين فهيم کيس
سنگاپور اسپتال وٺي ويو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو. اڄ سندس
12هين ورسي اباڻي ڳوٺ سنجر جوڻيجو ۾ ملهائي پئي وڃي.
No comments:
راءِ ڏيندا