ڪلا پرڪاش
ساهتي پرڳڻي جي
سڃاڻپ بڻيل
ساهتي پرڳڻي کي اهو اعزاز رهيو آهي ته هُن زندگيءَ جي الڳ الڳ شعبن ۾
ڪيتريون ئي اهم شخصيتون پيدا ڪيون آهن. ايئن سنڌي ادب ۾ پڻ ساهتي پرڳڻي جو اهم حصو
رهيو آهي. هڪ اهڙو حصو، جنهن کي الڳ ڪرڻ سان سنڌي ادب ۾ گهڻي ڪمي رهجي ويندي.
ائين سنڌي ادب جو ذڪر ڪرڻ وقت ساهتي پرڳڻي جي نهايت علمي ادبي شهرنما
ڳوٺ خانواهڻ ۾ ٻه جنوري اوڻيهه سؤ چوٽيهن تي جنم وٺندڙ، سنڌ توڻي هنڌ ۾ هڪ جيتري ادبي
مڃتا رکندڙ، ڪلا پرڪاش کي ذڪر هيٺ نه آڻبو ته اهو تذڪرو پڻ اڻ پورو رهجي ويندو. سنڌي
ادب کي درجن کان وڌيڪ ناول ڪهاڻيون، ڪوتائون ۽ هڪ روح ۾ گهاءُ ڪندڙ سفرنامو ڏيندڙ ڪلا
پرڪاش، اڄ ڪلهه سنڌين جي اڏيل شهر آديپور جي ملير ڪالونيءَ ۾ پنهنجي ليکڪ ۽ بيحد خوبصورت
شخص ڊاڪٽر موتي پرڪاش سان زندگي گذاري رهي آهي.
ڪلا پرڪاش جي لکڻين بابت، هنڌ توڻي سنڌ جي، نقادن وٽ اهو قبول ڪيل آهي
ته؛ سندس ڪنهن به لکڻيءَ ۾ نفي/ نگيٽوِ ڪردار نه آهن ۽ اهڙي مثال مان سندس اندر جي
اجرائيءَ جو اندازو ٿي وڃي ٿو.
ڪلاپرڪاش ان ٽه-مورتيءَ مان هڪ مورتي آهي، جنهن جون باقي مورتون؛ پوپٽي
هيراننداڻي ۽ سندري اتمچنداڻي جي نالي سان سنڌي ادب ۾ ياد ڪيون وڃن ٿيون.
ڪلاپرڪاش سنڌ کي ڇڏڻ کانپوءِ، ممبئي وڃي وسائي ۽ زندگيءَ جو چڱو عرصو
دبئي ۾ گذارڻ کانپوءِ، هاڻ آديپور ۾ گذاري رهي آهي. هُن سنڌي ادب کي نه رڳو حسين، پڙهڻ
۽ سانڍڻ جهڙا ڪتاب ڏنا آهن، پر اڄ هند ۾ سنڌي غزل جي ضمانت بڻيل شاعر شريڪانت صدف به
ڏنو آهي. ايئن ڪلا پرڪاش جو سمورو گهر، سنڌي ادب لاءِ هڪ احترام لائق گهر آهي، جنهن
جي سلامتيءَ لاءِ اڻ ميون دُعائون.
ڪلا پرڪاش جو
وڇوڙو
سيما عباسي
ترقي يافته قومون پنهنجي ملڪ جي عورتن کي زندگيءَ جي هر هڪ شعبي ۾
برابريءَ جي بنياد تي ڪم ڏيڻ ۾ يقين رکنديون آهن. . . ڇو ته انهن کي خبر هوندي آهي
ته ڪنهن به خطي جي ترقي ۾ عورت جي ڪردار کي نظرانداز ڪري ترقي جون راهون هموار نه ٿيون
ڪري سگهجن. ۽ تاريخ گواھ آهي. . اهڙن ملڪن ترقيءَ جون منزلون تيزي سان طئي ڪيون
آهن جن پنهنجي ملڪ جي عورتن جي صلاحيتن تي ويساھ ڪندي زندگي جي مڙني شعبن ۾ انهن
کي نمائيندگي ڏيڻ جا موقعا مُهيا ڪيا. . .
جيڪڏهن ادبي حوالي سان عورتن جو ڪردار جاچيون ته ٻاهرين ملڪن ۾ عورت
اديب جي ڪم کي نهايت قدر جي نگاھ سان ڏٺو ويندو آهي..
پر بدقسمتي سان اسان وٽ عورتن جي ادبي ڪردار کي سدائين شڪي نگاھ سان ڏسندي
انهن جي صلاحيتن جي بي قدري ڪئي وئي آهي. روايتي انداز سان سندن گهٽائي ثابت ڪرڻ
لاءِ مختلف مرحلن تي انهن کي پريشان ڪيو ويندو رهيو آهي، ته جيئن اهي دل برداشته ٿي
لکڻ ڇڏي ڏين. جس هجي اهڙين ليکڪائن کي جن اهڙي ماحول ۾ رهندي مسلسل لکي ڏيکاريو ۽
پنهنجي قلم جي صلاحيتن کي قابِل قدر انداز ۾ مڃرائي ڏيکاريو.
اهڙن ئي ليکڪائن ۾ سنڌ ۽ هند جي مشهور ليکڪا ڪلا پرڪاش جو نالو ادبي
کيتر ۾ نهايت مانائتو مقام رکي ٿو.
ڪلا پرڪاش جو جنم سنڌ جي ضلعي نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ خان واهڻ ۾ ٿيو، ڪلا
پرڪاش جو خاندان هڪ پڙهيل ڳڙهيل خاندان هو، ان ڪري انهن ننڍپڻ کان ئي ڪلا پرڪاش جي
تعليم تي خصوصي توجھ ڏني، لکڻ پڙهڻ ڏي هن جو لاڙو ننڍپڻ کان وٺي رهيو پر سندس ان
شوق کي جلا تڏهن ملي جڏهن هن جي شادي سنڌ ۽ هند جي مشهور ليکڪ موتي پرڪاش سان ٿي.
موتي پرڪاش جي جوهر شناس اکين جلد کيس پرکي ورتو ته ڪلا پرڪاش جي قلم
جي جيڪڏهن مناسب رهنمائي ڪئي وڃي ته هن جو انداز بيان بهترين انداز سان پنهنجي
صلاحيتن کي مڃرائڻ جو هنر رکي ٿو. ورهاڱي کان پوءِ جڏهن انهن کي سنڌ ڇڏڻي پئي ته ڪلا
پرڪاش جا احساس اندر جا اُڌما بڻجي پنهنجي جذبن جو بي باڪ انداز ۾ اظهار ڪرڻ لڳا.
ائين ڪلا پرڪاش پنهنجي مڙس موتي پرڪاش جي اصلاحي رهمنائيءَ هيٺ زور
شور سان لکڻ شروع ڪيو. هوءَ سنڌ ۽ هند ۾ ڇپجندي رهي. هُن پنهنجي ڪيترن ئي انٽرويوز
۾ موتي پرڪاش کي پنهنجو ادبي استاد ۽ رهبر مڃيو. ڪلا پرڪاش ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽
ناول لکيا. پر هُن جي شهرت جو سبب سندس رومانوي انداز ۾ لکيل ناول بڻيا، هن جي
ناولن ۾ جمالياتي ذوق کي تسڪين ڏيڻ وارا سڀ لواز مات موجود هوندا هئا.
هن جي لکيل ناولن ۾ هڪ دل هزارين ارمان، وقت وڇوٽيون ۽ شيشي جي دل جا
ترتيب ۱۹۵۷.
. . . . . ۱۹۶۰ ۽ ۱۹۸۸ ۾ ڇپيا. جن جوڳي مڃتا ماڻي. هن جي وڌيڪ ڪتابن ۾ پکن جي پريت سنڌ جو
سفرنامو، ممتا جون لهرون اهميت جوڳا ڪتاب آهن. هڪڙي سوال جي جواب ۾ هُن پنهنجي
ناولن جي ڪردارن تي ڳالهائيندي. هڪڙي سوال جي جواب ۾ هُن پنهنجي ناولن جي ڪردارن
تي ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن منهنجي وس ۾ هجي ها ته مان پنهنجي ڪردارن جي عورتن جا
نفسياتي مونجهارا دور ڪري هنن کي معاشي، نفسياتي ۽ سماجي طور تي ڪردار جي حوالي
سان سگهارو بڻائي سگهان. . پر افسوس اسان ليکڪ ڪردارن جي محرومين کي بيان ڪري ته
سگهندا آهيون پر انهن جي محرومين کي دور ڪرڻ اسان جي وس کان ٻاهر هوندو آهي، هن وڌيڪ
چيو ته هر ليکڪ معاشي طور تي ايترو صاحب حيثيت هجي ته هو بدحال ۽ نادار اديبن جي
قلم جي سهائتا ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ انهن جا ڪتاب مفت ۾ شايع ڪرڻ جيتري مدد ڪري
سگهي.
ڪلا پرڪاش نهايت حساس، سُچيت ۽ باشعور ليکڪا هئي. . . سندس لکڻ جو
انداز پڻ سادو سلوڻوهوندو هيس، پر هوءَ جڏهن بي باڪ موضوعن تي قلم کڻندي هئي ته
پنهنجي انداز بيان ۾ تز لفظن سان ڪردارن جي ترجماني ڪندي هئي پنهنجي منفرد ڪردار
جي ڪري هُن کي ادبي حلقن ۾ نهايت مانُ ڏنو ويندو هُيو.
هند ۽ سنڌ جي هيءَ خوبصورت ليکڪا ڪالھ هندستان ۾ ديهانت ڪري وئي جنهن
ادب کي تمام گهڻو ڪجھ ارپيو، سنڌي ادب ۾ عورتن جي حوالي سان رنڊڪن جي پيش نظر جيڪي
حالتون رهيون آهن جيڪڏهن انهن کي مدِنظر رکون ته اهڙن بي باڪ اديبائن جو هليو وڃڻ
سنڌي ادب لاءِ تمام وڏو نقصان آهي، جنهن جو ازالو شايد ئي اچڻ وارن ڏينهن ۾ ممڪن ٿي
سگهي.
ڪلا پرڪاش
۽ سنڌ جي مٽيءَ
جي خوشبو
حميده گهانگهرو
ڏات ڪنهن جي ميراث ناهي، ڏات ڪنهن ۾ به ٿي سگهي ٿي، فطرت جو قانون بلڪل
مختلف آهي فطرت ڪنهن به مذهب، ٻولي، اڇي، ڪاري جي محتاج ناهي ۽ جيڪڏهن فطرت ڪنهن
به سماج لاءِ انسانيت جو جذبو ۽ ڌرتيءَ سان محبت جو دائرو ذهن ۾ گردش ڪري ٿو ته
دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ ۾ لڏپلاڻ ٿئي پر ڌرتيءَ جي محبت ۽ چيڪيءَ مٽيءَ جي خوشبو عطر
عَنبير ڪهڙا به هجن مٽيءَ جي خوشبو آڏو ڪا به اهميت نٿا رکن.
انسان جو هن دنيا ۾ اچڻ سج جي پهرئين ڪرڻي جي چمڪ اکين ۾ پوڻ ۽ مٽيءَ
جي خوشبو، ان پهرين ساھ کڻڻ جي احساس ۾ پوئجي وڃي ٿي، بلڪل اهو ئي ٿيو آهي، سنڌ ۽
هند جي آزادي واري تحريڪ ۾ جڏهن مسلمانن لاءِ هڪ هڪ الڳ مملڪت جو تصور ٺهيو ته اڪثريت
۾ اردو ڳالهائڻ وارن جو تعداد هندستان کان پاڪستان ۽ اڪثريت ۾ سنڌ جو سنڌي هندو
هندستان لڏي ويو، جيڪي پنهنجي مال ۽ ملڪيتون هتي ئي ڇڏي ويا، لڏپلاڻ ۾ جيڪي حالتون
ٿينديون آهن ۽ ماڻهو صرف پنهنجي جان بچائڻ ۾ پورو هوندو آهي، سنڌ جو هندو جيڪو
قطعي سنڌ کي ڇڏڻ نه پيو چاهي پر آئين مطابق جبري طور هنن کي سنڌ ڇڏڻي پئي، ڀارت ۾
هنن پنهنجا پکا کوڙيا ڏکين حالتن ۾ ڪاروبار جي شروعات ڪئي.
اهڙي طرح سنڌ مان لڏپلاڻ ڪري ويل سنڌي هندن پنهنجي پيرن تي بيهي چڱو
خاصو ڪاروبار ڪرڻ ۾ نالو پيدا ڪيو پر ان سان گڏوگڏ ڏات ۾ سمايل علم، ادب، ڌرتيءَ
جي چاهت، مٽيءَ جو ميٺاس، پنهنجي وجود مان ڪڍي نه سگهيا ۽ سنڌ ڌرتيءَ جو اتساھ
سندن هر گيت، غزل، ڪهاڻيءَ ۽ ڳالهائڻ ۾ شامل رهيو، هنن رهندڙ ديس سان به غداري جو
ناهي سوچيو پر ماضيءَ جي تاريخ جي مالها کي ڳلي ۾ سجائي رکيو آهي، جتي هزارين ادبي
مالها جا ماڻڪ موتي لال، انڊيا ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي اڪير محسوس ڪن ٿا، انهن مان تازو وڇڙي
ويل ڪلا پرڪاش به آهي.
ڪلا پرڪاش جا وڏا سنڌ جي ننڍڙي شهر خانواهڻ سان تعلق رکن پيا، پوءِ ڪراچيءَ
ڏانهن سفر ڪيو ۽ آزاديءَ کانپوءِ ڪجھ عرصي ۾ ڪلا پرڪاش پنهنجي پَرن جي اڏام کي سنڌ
کان هنڌ منتقل ڪيو ۽ ادب جي دنيا ۾ چڱو خاصو نالو ڪمايو، ڪلا پرڪاش ڪيترن ئي ڪتابن
جي ليکڪا آهي، سندس ادبي واکاڻ پوري خطي ۾ مشهور آهي.
سندس ادب جي وهڪري ۾ سنڌ سندس قلم جو ساٿ نه ڇڏيو آهي، اهو ئي سبب
آهي ته سنڌ جي ادبي، سياسي سماجي ۽ سڄاڻ ڌرين جي دلين ۾ به لڏي ويل هن قافلي جون
يادون گهر ڪيل آهن ۽ جڏهن به ڪا تڪليف ۽ وڇوڙي جي ڳالھ ٿئي ٿي ته بلڪل اهڙو ئي درد
محسوس ڪيو وڃي ٿو، جيڪو هڪ پاڙيسري، عزيز، قريب، ڌرتي واسيءَ جو هئڻ گهرجي. ڇاڪاڻ
جو هنڌ، سنڌ جي هن وڏي اديبه تمام وڏين لکڻين ۾ ماءُ جي محبت ۾ جيڪا تخليق ۽ تحقيق
ڪئي آهي، سندس ڪتاب “ممتا جون لهرون” ۾ نمايان حيثيت رکن ٿيون. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪلا
پرڪاش ان سچي کري بغير ڪنهن ڏيکاءَ ٺٺ ٺانگر ڪرڻ کان پري رهڻ واري سڌي سادي، سچي ۽
کري ليکڪا رهي آهي ته وڌاءُ نه ٿيندو، ڪلا جو خال هميشه رهندو، توڻي جوکڻي وڏا وڏا
اديب دانشور هاڻي به مڃتا ماڻين پيا، پر تڏهن به پراڻين ليکڪن جي محبت مانُ مرتبو
بلڪل نرالو رهيو آهي، ڪلا پرڪاش سنڌي ادب جو وڏو نانءُ آهي، جيڪو جسماني طرح ته الڳ
ٿي ويو پر قلم ۾ ڪتابن ۾ هميشه ياد رهندو.
هند، سنڌ جي ماڻهن جي محبت، ادب جي دنيا ۾ ڪنهن به ڌار هجڻ واري
قانون کان بالاتر ٿي، آرٽ، فن جي برج سان جوڙي رکيو آهي، هونئن به ٻن ملڪن جي
ديوار آرٽسٽ، اديب، دانشور ئي پار ڪري امن جو پيغام ڏيڻ ۾ سگهارو ڪردار ادا ڪندا
آهن.
ساھ جي آخري گهڙين ۾ ڪلا پرڪاش پنهنجي جنم ڀومي يعني سنڌ جي ننڍڙي
شهر خانواهڻ کي ضرور ياد ڪيو هوندو، ۽ سندس اها ياد ئي آهي، جيڪا سنڌ جي ماڻهن کي
وڇوڙي تي ويڳاڻو ٿي ڪري، چوندا آهن ته ماڻهو ته مري ويندا آهن پر قلم جي سگھ ڪڏهن
به نه مرندي رهي.
ڪلاپرڪاش
مير اعظم علي ٽالپر
گذريل هفتي هندستان ۾ هڪ سنڌ ڄائي ناليواري ليکڪا ڪلا پرڪاش بمبئي جي
سانتاڪروز علائقي ۾ ۸۴ ورهين ۾ ديهانت ڪري وئي.
هن جو جنم ۲ جنوري ۱۹۳۴ع سنڌ ۾ ٿيو هو. سنڌ جي مختلف سنڌي اخبارن سندس ڄم جو هنڌ مختلف نالن
وارو ڄاڻايو. جنهن ۾ سنڌي جي دبنگ اخبار جنهن تي گهڻا اعتبار ڪندا آهن، ان ڪلا پرڪاش
جو جنم هنڌ ڪراچي لکيو هو. جڏهن ته عبرت جي رپورٽر غلام حسين خاصخيلي ڪلا پرڪاش جي
ڄمڻ جي جاءِ خانواهڻ لکي هئي. هاڻ سوال آهي ته ڪلا پرڪاش ڪٿي ڄائي “ڪراچي ۾ يا
خانواهڻ” ۾؟ راقم کي ان جي حقيقت معلوم ڪرڻ جي آنڌ مانڌ ٿي پئي، حالانڪه هڪ دوست
راقم جي ايتري آتزاويلا ڏسي چئي ڏنو ته ڪلا پرڪاش لاءِ اهو لکڻ ئي ڪافي آهي ته هو
هڪ بهترين سنڌي ليکڪ موتي پرڪاش جي گهر واري هئي. هنن جي ۱۹۵۴ع ۾ شادي ٿي ۽ موتي پرڪاش تاريخي ضلعي ٺٽي جي دڙي شهر جو هو ۽ ڪلا پرڪاش
پنجين آگسٽ تي گذاري وئي. انهيءَ ۾ وڌيڪ مٿو ماري ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. اهو ٻڌي
راقم ان دوست کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته برابر موتي پرڪاش سنڌ ڌرتيءَ جو هڪ موتي
داڻو هو ۽ ڪلا پرڪاش سندس زال ۽ هڪ ڪهاڻيڪار هئي پر اڄ جي لکت ماضي ۾ پڙهڻ وقت هڪ
رڪارڊ آهي. جيڪو درست هئڻ گهرجي. اڄ جو راوي ان کي غلط نه لکي وڃي. اڄ جي تحرير
ايندڙ وقت جو دستاويز آهي، ڇوته هن وقت اخبارن ۾ ڇپيل غلط يا صحيح ڳالھ تاريخ جو
حصو بڻجي ويندي. اهو سوچي سنڌي پهاڪي “هُڏون ڏيئي هڻائي ته مالڪ ڏيئي مضرا” وانگر ڪلا
پرڪاش جي ڄمڻ جو هنڌ معلوم ڪرڻ لاءِ سنڌالاجي ڄامشورو جي نالي ڀائي اداري سنڌالاجي
آديپور ڪڇ (ڀڃ) جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ڪمل نهلاڻي کان پڇيو ته ڪلا پرڪاش جو جنم ڪٿي ٿيو
ته هن ٻڌايو ته هن جي پيدائش ورهاڱي کان اڳ سنڌ جي ساهتي پرڳڻي جي ضلعي نوابشاھ جي
علائقي خانواهڻ ۾ ٿي. اهڙي تصديق ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ به ڪندي چيو ته ڪلا پرڪاش
خانواهڻ ۾ ڄائي هئي. ان سلسلي ۾ اخبارن ۽ ريڊيو سان وابسته رهندڙ عبدالمنان ميمڻ ٻڌايو
ته ڪلا پرڪاش خانواهڻ جي هئي ۽ سندس گهر وارو اسان ميمڻن جي شهر دڙي ضلعي ٺٽي جو
هو.
جڏهن ته سائين شوڪت شورو ٻڌايو ته ڪلا پرڪاش جي ڪهاڻي به خانواهڻ تي
لکيل آهي ۽ هن جو خاندان خانواهڻ جو هو، البته ليکڪن جي ڪتاب ۾ ڪراچي لکيل آهي.
بهرحال سرائڪي چوڻي موجب “ساري گل اڪ نقطي تي مڪدي هي” يعني هر ڳالھ هڪ نقطي (ٽٻڪي)
تي ٻڌل آهي. نقطو هيٺان ۽ مٿان اچڻ سان سڄو قصو ئي تبديل ٿي وڃي ٿو. بهرحال ڪلا پرڪاش
پنجين آگسٽ تي ديهانت ڪري وئي. ڪلا پرڪاش ۽ سندس گهر واري ۱۹۷۷ع ۾ دبئي هليا ويا ۽ ۲۰۰۲ع
کان سنڌ جي ڀرواري صوبي گجرات ۾ سنڌين جي آبادي لاءِ قائم ڪيل علائقي آديپور ڪڇ (ڀڃ)
۾ رهائش اختيار ڪئي.
(انٽرويل + وقفو = ساهي؛ مير اعظم علي ٽالپر، ڏھاڙي عبرت ۱۲ آگسٽ ۲۰۱۸ع تان کنيل)
ڪلا پرڪاش
اسان کان وڇڙي
وئي
سرمد ڀرڳڙي
دنيا جي تاريخ ۾ ڪجه اهڙا انمول ڪردار هوندا آهن جيڪي پنهنجي ننڍڙي ڄمار
کان وٺي آخر تائين عظيم انسان واري زندگي گذاريندا آهن، ۽ اهي انمول ڪردار همشه
پنهنجي سماج جي ڏيک تي ڳالهائيندا آهن لکندا آهن، ڪي وري پڙهندا، آهن، پوري دنيا
اندر ادب جو وڏو معيار رهيو آهي ادب اندر شاعري افسانا ڪهاڻي ناول، گهڻو ڪجه آهي
ادب روحاني سڪون جو نالو آهي، ادب جٿي صرف موتي جا گل ملي سگهن ٿا، ڪنڍا ڪڏهن به
نه ادب ته عاشقو جو نالو آهي، ادب ته محبت جي پرچار جو نالو آهي، مان هڪ اهڙي رائيٽر
جو ذڪر ٿو ڪيان جنهن پنهنجي پوري ڄمار لکڻ کي ڏني جنهن جي هر ناول ۾ محبت جو پڙاڏو
هيو، جنهن جي لفظن ۾ ماڻهو گم ٿي ويندا آهن، نه ڄاڻ هن جي ٻولي ۾ سنڌودريا به رقص ڪندو
هيو، اها عظيم رائيٽر، ڪلا پرڪاش، هئي جيڪا ڪجه ڏينهن پهريان اسان کان همشه لائي
موڪلائي وئي آهي ڪلا پرڪاش، جو وڇوڙو ادب لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي، ڪلا پرڪاش جو قلم
ادب لاءِ وڏو ذخيرو هيو.
جديد توڙي پراڻي ادب کي گڏ ڪري ناول ڪهاڻي ۽ افسانا نگار جي صورت ۾
اسان کي ڏئي وئي آهي ڪلا پرڪاش جي هر ناول ۾ هڪ پڪار پئي رهي آهي سماج جي بي حيا
رسم عورت جي غلامي تي جيترو ڪلا جو قلم هيو اوترو شايد ڪنهن جو نه هيو، ڪلاش پرڪاش
جو جنم سنڌ جي ضلع نوشهروفيروز، ڳوٺ خان واهڻ ۾ ٿيو، ڪلا پرڪاش جي خاندان موجب ته ڪلا
پرڪاش کي ننڍڙي هوندي کان ادب سان هن جو چاه هيو هو هر شيء کي ڏسندي گم ٿي ويندي
هئي ۽ ان شيء مان ان جو مطلب ڪنڍڻ جي ڪوشش ڪندي هئي شايد ڪلا پرڪاش جي اک ۾ ان شيء
جو مطلب يا ان جو عڪس نظر اچي ويو هجي، ڪلاءِ پرڪاش جو تعلق پڙهيل لکيل خاندان سان
هجڻ ڪري کيس، تعليم سٺي ملي ۽ پنهنجي محنت تحت سٺي تعليم حاصل ڪئي، پڙهائي دوران
به ڪلاءِ پرڪاش کي مطالعي سان ڏاڍو پيار هوندو هيو هو ڪهاڻي ناول افسانا شاعري هر
موضع کي شوق سان پڙهندي هئي ۽ اهو پڙهڻ کيس منزل ڏانهن وٺي ويو هيو، ڪلا پرڪاش کي
لکڻ جو ته وڏو شوق هيو پر ان وقت ۾ ڪلاءِ پرڪاش جي رهنمائي لاءِ ڪو استاد نه هيو
تنهن ڪري ڪلاءِ لکڻ. به گهٽ ڪيو هيو پر وقت جي لهرن مان ڪلاءِ لاءِ ڪا اهڙي لهر
آئي جنهن ڪلاءِ جي لکڻي ئي امر بڻائي ڇڏيو، ڪلا پرڪاش جي جڏهن سنڌ ۽ هنڌ جي مشهور
ليکڪ موتي پرڪاش سان شادي ٿي شادي کان پوءِ موتي پرڪاش کي احساس ٿيو ته ڪلا به هڪ
سٺي رائيٽر بڻجي سگهي ٿي جيڪڏهن وقت سر ان جي رهنمائي ڪجي، ان کان پوءِ مسلسل موتي
پرڪاش، ڪلاءِ جي مدد ڪندو رهيو جنهن کان پوءِ ڪلاءِ کوڙ سارا ناول ڪهاڻيو افسانا
لکيا، اڪثر هر پروگرام ۾ ڪلاءِ کان ايو سوال ٿيندو هيو ته اوهان جو ادبي زندگي ۾
استاد ڪير آ تڏهن ڪلاءِ چوندي هئي ته جيڪڏهن مان موتي سان شادي نه ڪيان ها ته شايد
مان رائيٽ نه هجان هان، اڄ مان جيڪو ڪجه آهيان اهو سڀ ڪجه موتي جي مهرباني سان.
منهنجو ادبي استاد ۽ رهبر موتي آهي جنهن هر موڙ تي منهنجو ساٿ ۽ منهنجي رهنمائي ڪئي
آهي، تنهن ڪري مان ٿورائتي آهيان موتي جي، ورهاڱي کان پوءِ ڪلاءِ پرڪاش جي فيملي
کي سنڌ ڇڏڻي پئي ۽ ان کان پوءِ ان جي ڪيفيت اڃان گهڻي تبديل ٿي وئي ڪلاءِ جو موضع
اڪثر محبت هوندو هيو پر جلاوطن ٿيڻ کان پوءِ سماج عورت سان ٿيندڙ نانصافي اگور
مسئلن تي ڪلاءِ جو قلم لکڻ لڳو ڪلاءِ پرڪاش جي رهنمائي ڪندڙ موتي پرڪاش هيو ۽
رهنمائي کان پوءِ ڪلاءِ پرڪاش لکڻ ۾ به زور ورتو، ڪلاءِ ڪهاڻيون به لکيون پر ڪهاڻي
کان وڌيڪ کيس ناول نگاري ۽ رومانوي انداز کي ماڻهن پسند ڪيو هر ناول جي اندر اها
پنهنجي ڇڪ هئي جيڪا ان ڏانهن پڙهندڙن کي وٺي پئي وئي، مان ڪجه مختصر ڪجه ناولن جو
حوالو رکان ٿو، هڪ دل هزار ارمان، وقت جون وڇوٽيون شيشي جي دل جا ترتيب، ۱۹۵۷، ۱۹۶۰،
۱۹۸۸، ۾ ڇپيا جنهن کان پوءِ ماڻهن جي دل ۾ ڪلاءِ جي لکڻي
گهر ڪري چڪي هئي ۽، ڪلاءِ پرڪاش صدين جي رائيٽ هئي، اسان جي معاشري ۾ اڪثر عورت کي
محبت کان پري رکيو ويندو آهي مرد شريفن کي ويجهي جنهن ڪري اسان جي عورت سماج اندر
نفسياتي غلامي جي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويندي آهي اسان وٽ عورت کي ٻار ڄمڻ جي
مشين ۽ گهر جو ڪم ڪار ڪرائيڻ لاءِ شاديون ڪرايون وينديو آهن، انهن سڀني مسئلن تي ڪلا
پرڪاش جي قلم خوب لکيو هيو خاص ڪري عورت جي غلامي تي ڪلاءِ پرڪاش گهڻو لکي وئي
آهي، اڄ اسان وٽ ڪلاءِ ته ناهي پر ان جا لکيل ناول اسان وٽ اڄ به اسان جي دل جي
لائبريري ۾ پيا آهن جٿي اڄ به محبت جو سج اڀرندو آهي.
ڪلا پرڪاش
سندس فن تي هڪ نظر
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
ڪلا پارو مل چانڊواڻي/ڪلا پرڪاش ڪراچي شهر ۾
۲ جنوري ۱۹۳۴ع تي جنم ورتو ۽ سيپٽمبر ۲۰۱۸ع تي وفات ڪئي. هن هرديوي
گرلس هاءِ اسڪول ڪراچي ۽ پوءِ بمبئي جي ڪي جي کلناڻي اسڪول مان تعليم ورتي ۽ بمبئي
يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ ۾ ايم اي ۽ اڳيان ڊپلوما هائير ايجوڪيشن (ڊي ايڇ اي) ڪيائين.
ڪلا پرڪاش نثر جي اهم ليکڪا آهي. سندس پهرين ڪهاڻي “ڏوهي بي ڏوهي” ۱۹۵۳ع ۾ ڇپي ۽ ۱۹۵۴ع ۾ سندس شادي مشهور
اديب/ شاعر موتي پرڪاش سان ٿي، جنهن کان پوءِ نه فقط سندس لکڻ پڙهڻ وڌيو، پر هوءَ
هڪ اهم ليکڪا طور اڀري سامهون آئي. هن نثر ۾ ڪهاڻيون، ناول، مضمون، يادگيريون،
مقدما، مهاڳ ۽ خط لکيا آهن. نثري نظم ۾ هڪ ڪتاب “ممتا جون لهرون” لکيو اٿس.
ڪلا، مقدار توڻي معيار ۾ پنهنجي انفرادي
حيثيت ناول نگاريءَ جي صنف ۾ مڃائي آهي. سندس پهريون ناول “هڪ دل هزار ارمان” ۱۹۵۷ع ۾ ڇپيو. ان کان پوءِ
“شيشي جي دل” ۱۹۶۰ع، “سپنن جو سنسار” (سنڌ
۾) ساڳيو ناول، “هڪ سپنو سکن جو” جي ٽائيٽل سان هند ۾ ۱۹۷۷ع ۾ ڇپيو. ان کان سواءِ “حياتي هوتن ريءَ” ۱۹۷۹ع، “وقت وٿيون وڇوٽيون” ۱۹۸۸ع، “آرسيءَ آڏو” (ساهتيه
اڪيڊمي طرفان انعام يافته) ۱۹۹۴ع، “پيار” ۱۹۹۷ع “پکن جي پريت ۽ پيار” (ٻه ناول گڏ) ۱۹۹۹ع ۽ “سمنڊ ۽ ڪنارو” شايع ٿيا
آهن. ڪلا پرڪاش جا ناول هند ۽ سنڌ ٻنهي هنڌن ڇپجڻ جي ڪري سندس فن سنڌ ۾ پڻ ايترو
ئي مقبول آهي، جيترو هند ۾.
ڪردار نگاريءَ جي لحاظ کان ڪلا پنهنجي فن ۾
مهارت رکندڙ هئي. هوءَ پنهنجي ڪردارن جي اندر ۾ اڀريل جذبن ۽ احساسن جي طوفان کي
طريقي سان مختلف واقعن ۽ روزمره جي سوچن ۽ عملن ذريعي اظهاريو ۽ انهن ڪردارن جي
خارجي روين ۾ هن انهن جي داخلي ڪيفيت کي پيش ڪيو، جنهن ۾ هن وچئين طبقي جي هر عورت
جي نمائندگي ڪئي. ڪلا پرڪاش جو تخليقي رويو سنجيده انداز جو آهي. سندس بيان جو
اسلوب شانائتو، سلجهيل ۽ سمجهه ۾ ايندڙ ۽ اثرائتو آهي. هن ٽُٽل ۽ وکريل ڪردارن کي
بيوسيءَ، بي همتيءَ ۽ مظلوميت جي بجاءِ جرئت ۽ اعتماد ڏيئي حياتيءَ جي تلخ حقيقتن
کي منهن ڏيڻ سيکاري کين زندگيءَ ڏي راغب ڪيو آهي.
ڪلا کي پنهنجي لکڻين لاءِ ڪردار جي چونڊ ۾ ڪو
مسئلو نه رهيو، جو هوءَ خود وڏو عرصو هڪ نوڪري ڪندڙ عورت رهي. بهتر سماجي زندگي،
روزانه رستن ۾ اچڻ وڃڻ سان سندس مشاهدو مضبوط ٿيو. هوءَ آسپاس کان پوريءَ ريت
باخبر رهي. گهر کان آفيس ۽ آفيس کان گهر واپسيءَ تائين جي ڪيترن ئي ڪلاڪن ۾ هُن گهڻن
ماڻهن جا رويا نظر هيٺ آندا. سندس لکڻين ۾ عورت جي نوڪريءَ جو ذڪر پڻ گهڻو ملي ٿو،
جنهن ۾ هُن سڌي نموني عورت جي گهر هستي سنڀالڻ ۽ نوڪري ڪرڻ جي ٻٽين جوابدارين کي مڃتا
ڏني آهي.
ڪلا جو پهريون ناول هڪ دل هزار ارمان ۱۹۵۷ع ۾ ڇپيو. هيءُ رومانوي
ناول گهرو ۽ سماجي مسئلن کي بيان ڪري ٿو. گڏيل ڪٽنبن جا مسئلا ڪلا جي ناولن ۾ گهڻي
ڀاڱي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. شيشي جي دل ناول سنڌي سماج جي ڏيتي ليتيءَ جي بڇڙي رسم جي
نشاندهيءَ سان گڏ موضوع طور همدردي ۽ پيار جي جذبي تي مشتمل آهي. “شيشي جي دل”
ناول ۾ ڪلا پرڪاش نه فقط عبارت آرائيءَ جا ڪمال پيش ڪيا آهن، پر هُن ماحول ۽ منظر
نگاريءَ کي گهريلو ماحول جي مناسبت سان وڻندڙ نموني آندو آهي. حياتي هوتن ريءَ
ناول ۱۹۷۲ع ۾ هند ۽ ۱۹۷۹ع ۾ سنڌ ۾ شايع ٿيو. هيءُ
ناول پڻ وچولي شهري طبقي جي گڏيل ڪٽنبن جي مسئلن ۽ مالي مشڪلاتن جي باري ۾ آهي.
گهرو ماحول جي ننڍين ننڍين پريشانين ۽ ڇڪتاڻ کي موضوع بنايو ويو آهي. حياتي هوتن
ريءَ جي ‘شانتي’، ‘رينو’ ۽ ‘ڪملا’ پنهنجي پنهنجي جڳهه تي پڙهيل/ اڻ پڙهيل هوندي به
وڏيءَ سوچ ۽ دل گردي واريون عورتون آهن، جيڪي ڪيترن شخصيتن کي ڀُرڻ ۽ ڀڄڻ کان
بچائين ٿيون. حياتي هوتن ريءَ کان پوءِ ڪلا هڪ ٻيو اهم ناول “سپنن جو سنسار” ۱۹۸۱ع ۾ سنڌي ادب کي ڏنو.
وقت وٿيون وڇوٽيون ناول عورتن جي ڊگهين
جوابدارين ۽ فرضن جو بيان آهي. هن ناول جي ٻڌائيندڙ سريتا/ مسز سريتا ڪشن گيهاڻي
آهي، جا آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ۽ گهر ۾ پنهنجي مڙس، ٻار، سس ۽ سهري جي خدمت ڪندڙ آهي. ڪلا
انهيءَ کان سواءِ ٻيا ناول پڻ لکيا آهن. “پيار” ۱۹۹۷ع ۾ پرشانت، شالو، سريتا ۽ سندر، آرتي، رام
۽ ارميلا جي پيار جي ڪهاڻي آهي. “آرسيءَ آڏو” سندس ناول ۱۹۹۲ع ۾ ڇپيو ۽ ۱۹۹۴ع ۾ کيس سنڌي ساهت اڪيڊمي هن ناول تي ڏهن
هزارن جو انعام ڏنو. هيءُ ناول به پڙهيل ڳڙهيل مرد ۽ عورت ڊاڪٽر انوپ اگر وال ۽ ڊاڪٽر
سيتا جي پيشي جي جوابدارين ۽ فرضن ادائين جو بيان آهي. ڪلا جي فن ۾ ٻوليءَ جو
استعمال تمام احسن طريقي سان ٿيل آهي. اوپرا ۽ اڻ سهائيندڙ لفظ ڪتب نٿي آڻي، سهڻي
سنڌي نثر ۾ تشبيهن، اصطلاحن، پهاڪن ۽ چوڻين سان گڏ فطري انداز ۾ هوءَ جاندار نموني
سان لکندڙ آهي. ڪيترائي نج لفظ، چوڻيون ۽ مثال سندس لکڻين ۾ استعمال ٿين ٿا، جيئن
‘روسامو’، ‘کورو’، ‘ڏمريو’، ‘آکُٽ’، ‘جهيڻ’، ‘اک اپٽڻ’، ‘هينئڙا گهر ته گهرنيئي’،
‘ڏکن ڏڌل’، ‘جوءِ جو مَڄو’ ۽ ٻيا آهن.
موضوعن ۾ وٽس اصلاحي، اخلاقي، سماجي نصيحتي
۽ گهڻي ڀاڱي گهريلو موضوع آهن، جن ۾ پيار، محبت، فرض ادائيون، همدرديون، سنڌ جي
تهذيب ۽ ثقافت، ريتون، رسمون ۽ خاص طور گهرو حياتيءَ جا عورتن کي درپيش مسئلا آهن،
جيڪي سماج جي وچولي طبقي سان تعلق رکن ٿا، ممتا جي جذبي کي مان ڏيندڙ هِن ليکڪا جي
تحريرن ۾ ماءُ پيءُ جي عزت ۽ قدر، مان ۽ مريادا جو احساس پڻ شامل آهي. ٻارن کي
هوءَ آئيندي جو ابو سڏي ٿي ۽ کين ڪو به اهنج پهچائڻ کان سڀن کي پلي ٿي. ماهتاب
محبوب چواڻيءَ ته، “ڪلا وٽ لکڻ جو بنيادي جذبو ممتا پڻ آهي، اها ممتا آهي جا سڄيءَ
ڌرتيءَ تي پکڙجي سڀني کي دائري ۾ جهلي ٿي بيهي. ڪنهن کي به ڪو رنج ٿو رسي ته ممتا ڏکوئجي
ٿي.”
ناولن کان سواءِ هن ڪافي ڪهاڻيون پڻ لکيون،
جيڪي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ وقت به وقت ڇپيون، “مرڪ ۽ ممتا” ۽ “وڻن ۾ گل” ڪهاڻين
جا مجموعا ڇپيا اٿس. ڪلا ڪيترن ڪتابن تي تبصرا لکيا آهن ته مقدما ۽ مهاڳ پڻ
لکيائين. ڪلا کي خط و ڪتابت سان پڻ سٺي دلچسپي هئي. هن ڪافي ادبي خط لکيا، جيڪي الڳ
ڪتابي صورت ۾ ته ڇپيل نه آهن، پر ماهتاب محبوب جي خطن جي مجموعي “ماکيءَ مٺا ماڻهو”
۾ ئي سندس ڏهه خط ڇپيل آهن. ڪلا پرڪاش سنڌي نثر جي حساس ڪلاڪار هئي ڪردار نگاريءَ
جي فن جي ماهر، انساني جذبن جي قلمڪار. ماڻهوءَ جي مَن جي اونهاين ۾ پيهي سندس اندر
مان سچ، ڪوڙ، ڏک، ڪاوڙ، محبت، نفرت ۽ ٻين جذبن، سوچن ۽ عملن کي پيش ڪرڻ ۾ مڪمل
ضابطو رکندڙ هئي. سندس پيش ڪيل موضوع محدود هوندي به مواد جي مماثلت سبب اثرائتا ۽
ٺهڪندڙ آهن.
هڪ قابل قلمڪار طور وٽس پيشڪش جو ڏانءُ ۽
بيان جو حسن موجود آهي، جنهن جي ڪري هن پنهنجي پڙهندرن جي دلين کي موهيو. مطلب ته ڪلا
پرڪاش سادي ۽ سلوڻي نثر ۾ اڌ صديءَ سنڌي نثر جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ هن خاص
طور معياري ناولن لکڻ سان نثر جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۲ نومبر ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا